9 May 2015

ٻه ڪوٽ ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

قيمتي ڪوٽ هر صورت ۾ بوسيده ۽ پراڻي ڪوٽ کان بهتر هوندو آهي. هُن کي ڏسي ائين نٿو لڳي ته کيس ان ڳالهه کان انڪار هوندو. پر هُو سامهون ٽنگيل ٻنهي ڪوٽن ڏانهن ٽڪ ٻَڌيو ويٺو نهاري. ها، ايترو سمجهي سگهجي ٿو ته هن کي پراڻي ڪوٽ سان همدردي آهي. پراڻو ڪوٽ هن کي پيءُ طرفان تحفي طور مليو هو. سندس پيءُ ڪڏهن به نٿي چاهيو ته هُو زماني کي پراڻو نظر اچي. هن پاڻ به چاهيو پئي ته مون کي پراڻو نه سمجهيو وڃي، ڪوٽ جي اڄوڪي تبديلي هن کي پراڻي کان نئون ڪري رهي آهي. هن کي پوري طرح يقين آهي ته ڪوٽ جي تبديليءَ سان هُو واقعي نئون ٿي چڪو آهي. هن لاءِ پراڻو يا نئون ڪوٽ هجڻ ڪوبه اهم مسئلو ناهي. پراڻو ڪوٽ هميشه کان هُو پائيندو رهيو آهي. تقريبن ويهن سالن کان وٺي اهو ڪوٽ هن جي جسم تي  پيو رهيو. هُو صرف اهو ٿو سوچي ته نئين ڪوٽ پهرڻ سان حالتون به تبديل ٿي وينديون يا اڳي جيان ئي رهنديون!
اصل ۾ مسئلو ڪوٽ سان شروع کان ئي ڳنڍيل ناهي يا شايد شروع کان ئي مسئلو ڪوٽ سان ڳنڍيل آهي، يا اهو ته هو ٿورو مُنجهيل دماغ ماڻهو آهي. پاڻ چاهينداسين ته ٿورو آرام ڪري وٺي. پر اهو ناممڪن آهي، هن کي بي خوابي جي بيماري آهي. گذريل ٽن هفتن کان هُو ننڊ نه ڪري سگهيو آهي. سامهون ٽنگيل ڪوٽ هن جي وڌيڪ ننڊ ڦٽائڻ وارا آهن، نئون ڪوٽ هن جي نئين مستقبل جي نمائندگي ڪري ٿو جڏهن ته پراڻو ڪوٽ هن جي ماضيءَ سان جُڙيل آهي. اهو طئي آهي ته هاڻ هُو پراڻو ڪوٽ ڪون پائيندو پر نئون ڪوٽ پائڻ به هن لاءِ ڪافي مشڪل آهي. ٻَريل ميڻ بتي آخري پساهن ۾ آهي. هُو چاهي ٿو ته آخري فيصلو ڪري سگهجي پر آخري فيصلو هن کان اڃا تائين نٿي سگهيو آهي. ٻيهر غور ڪرڻ مان به ڪنهن فائدي جو امڪان ڪونهي. جيڪڏهن ميڻ بتي وسامي وئي ته فيصلو ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو بنجي ويندو. ڇاڪاڻ ته هو روز صرف هڪ ميڻ بتي ٻاريندو آهي.
ٻئي ڪوٽ سامهون ٽنگيل آهن، ميڻ بتي وسامڻ واري آهي، بلڪه وسامي پئي. پر اصل ۾ اهو سڀ ڪجهه اجايو آهي، نئون ڪوٽ ته هر حال ۾ پائڻو ئي پوندو، ۽ پراڻي ڪوٽ کي الوداع ڪرڻو ئي پوندو. اهو زماني جو دستور آهي. پراڻي ڪوٽ ۾ چار کيسا هئا ۽ نئين ڪوٽ ۾ پنج کيسا آهن، پنجون کيسو پريشان ڪندڙ آهي. کيسي کي ڪڍرائي سگهجي ٿو، خير، جيڪڏهن نه به ڪڍرائبو تڏهن به ڪو خاص فرق نه پوندو. کيس ڳالهه پوريءَ طرح سمجهه ۾ ڪان آئي، يا شايد هُن ڳالهه کي پورو سمجهڻ ئي نٿي چاهيو.
مجبوري يا بيوسي اها آهي ته جيڪڏهن هُو ڳالهه نه سمجهندو ته اسان به ڪون سمجهي سگهنداسين. نئين ڪوٽ ۾ چار بٽڻ آهن ۽ پراڻي ڪوٽ ۾ پنج بٽڻ. نئين ۾ کيسا پنج ۽ پراڻي ۾ چار، جڏهن ته نئين ۾ بٽڻ چار ۽ پراڻي ۾ پنج، اهو دنيا جو سڀ کان وڏو مونجهارو آهي. ٻئي ڪوٽ سامهون ٽنگيل آهن بلڪل ائين جيئن بيگناهه ۽ گنهگار کي هڪ ئي وقت سزا ملڻي هجي. هن سوچيو ته پراڻي ڪوٽ ۾ سندس پيءُ ٽنگيل آهي ۽ نئين ڪوٽ ۾ هو پنهنجو پاڻ ٽنگيل محسوس ڪري ٿو. انتهائي بيهوده خيال آهي.
ڪوٽن ۾ رنگن جو فرق به آهي، پراڻو ڪوٽ ڪاري رنگ جو آهي ۽ نئون ڪوٽ اڇي رنگ جو. هن کي تصور ۾ هڪ ليڪ نظر آئي جتي اڇو رنگ آهستي آهستي ڪاري رنگ سان ميلاپ ڪندي ڪاراڻ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. اها ليڪ بيحد وڏي آهي، صرف ڇيڙن کي ڏسي رنگن جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، باقي سموري ليڪ تي رنگن جو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي. بهرحال نئون ڪوٽ لازمي بنجي چڪو آهي، تنهنڪري پراڻي ڪوٽ کي الوداع ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي. ان جو مطلب آهي ته ٻي ميڻ بتي  ٻارڻ تمام وڏي بيوقوفي هوندي ـ
هُو پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ هڪ ڪاغذ ڳولي لڌائين. ان تي هن پنهنجي يادگيريءَ لاءِ فقط ايترو لکيو ته ”مان آهيان ۽ منهنجو پيءُ به هو.“ خيال آيس ته نيٺ ڪرڻو ڇا آهي؟ جواب: ڪجهه به نه. اهو ڪجهه به نه وارو جواب هميشه زندگي ۾ وڌيڪ تڪليف ڏيندو آهي. ڇا پراڻو ڪوٽ وڪڻي سگهجي ٿو؟ جواب: هائو، ان کان به پراڻيون ۽ بوسيده شيون مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿينديون رهنديون آهن. هن سوچيو ڇا مون کي پنهنجو پراڻو ڪوٽ وڪرو ڪرڻ گهرجي؟ جواب: بلڪل نه، پراڻو ڪوٽ پيءُ طرفان تحفي ۾ ڏنو ويو هو. اهوئي ته مسئلو آهي، ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي.
چڱو شروع کان شروع ٿا ڪريون. هن جي هميشه پنهنجي پيءُ سان لاتعلقي رهي. هن جنهن انداز ۾ پُٽ کي سُڌارڻ پئي چاهيو پر ان ۾ ناڪام رهيو. اڻ سڌي طرح اهو چئبو ته پيءُ مقابلي ۾ هارائي ويو ۽ پُٽ مقابلي ۾ کٽي ويو. وقت جي بيرحمي پيءُ ۽ پٽ ۾ مقابلو پيدا ڪرايو، پيءُ کي نيڪ تمنائن باوجود شڪست کائڻي پئي. شايد ڳالهه غلط رخ طرف وڃي رهي آهي. مون کي اميد آهي ته اوهان منهنجي مجبورين کان ضرور واقف هوندا. ذهنن ۾ موجود خيال ته ڪنهن قدر پڙهي سگهجي ٿو پر انهن کي بدلائي نٿو سگهجي. پيءُ پوڙهو ٿي مَري چڪو آهي پر سندس پُٽ زنده آهي. جيڪو جنت ۽ دوزخ جي خيالن تي لعنت وجهندڙ، بي پرواه ۽ پنهنجي دائري ۾ تلواربازيءَ جو ماهر آهي. هُن پيءُ کي جنت دوزخ جي خيالن تحت خوش ٿيندي، سجدا ڪندي ۽ روئندي ڏٺو هو.
هن جي پيءُ وٽ سماج کان اوڌر تي ورتل قهار ۽ معاف ڪندڙ خدا موجود هو. هُن اوڌر جي خدا کان دلي سڪون جي حد تائين معافي ٿي چاهي. آخر تائين سندس پيءُ پنهنجا گناه پاڻ به معاف نه ڪري سگهيو جيڪي هن ڪيا ئي ڪون هئا. هتي معاملو ٿورو ٻيو آهي. جيڪڏهن ڪو انسان پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ شروع ڪندو ته ضرور پنهنجو پاڻ کي سزا جو مستحق قرار ڏيندو. ان طرح هُو خدا وٽ به سزا جو مستحق ٿي ويندو. ٻئي طرف ڪو انسان پاڻ کي نيڪ سيرت تصور ڪندو ته ضرور پنهنجي لاءِ جزا جي توقع ڪندو. اهڙي طرح هو خدا وٽ به جزا جو حقدار بنجي ويندو. يعني داخلي خدا جو فيصلو ماڻهو جي پنهنجن خيالن تي منحصر آهي. شايد پاڻ ٻيهر موضوع کان هٽي ويا آهيون ـ
ڪوٽ بدستور سامهون ٽنگيل آهن ۽ ميڻ بتي آخري پساهن ۾ هوندي به اڃا تائين ڪان وسامي آهي. شايد ميڻ بتيءَ کي به آخري نتيجو حاصل ڪرڻو آهي، ان ڪري پنهنجو توازن وڃائي ويٺي آهي. گهڙيءَ ۾ تمام گهڻي روشن ته گهڙيءَ ۾ اونداهيءَ ڏانهن مائل ۽ افسرده. هن ٻيهر ڪوٽن تي نظر وڌي. ٻئي ڪوٽ ٽنگيل آهن ان جو مطلب اهو آهي ته هو بنا ڪوٽ جي ويٺو آهي. سادي ڳالهه آهي ته ڪوٽ جو تعلق سرديءَ سان آهي ۽ هو گرم ڪمري ۾ موجود آهي. هن سوچيو: ”اڄوڪي رات ٻنهي ڪوٽن کي ٽنگيل رهڻ ڏبو، ممڪن آهي سڀاڻي هنن ٻنهي ڪوٽن مان هڪ مَري وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته مون وٽ چونڊ باقي نه رهندي. جيڪڏهن ٻئي سلامت رهيا ته  منهنجي سلامتي خطري ۾ هوندي. ان ڪري منهنجي شديد خواهش آهي ته هڪ ڪوٽ کي مَري وڃڻ گهرجي. ان ڳالهه جو تعلق منهنجي ننڊ سان آهي، ميڻ بتي نيٺ موڪلائي چڪي. مون کي گهري ننڊ جي ضرورت آهي پر پڪ اٿم ته گذريل ٽن هفتن جيان اها ڪان ايندي ۽ پرهه ڦٽي چڪي آهي.“
هو ٿڪل ۽ آزاريل آهي، اسان ڪردار کي وڌيڪ تڪليف نه ڏيون ته بهتر. مان به اهوئي چاهيان ٿو جيڪو هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار چاهي ٿو. ڪردار به بيوس آهي پر لڳي ٿو هُو ننڊ ۡ۽ جاڳ جي وچ واري ڪيفيت ۾ آهي. هُو ”انسومنيا“ جو مريض آهي. ان حالت ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي فرق جو پختو احساس ختم ٿي ويندو آهي. بهتر اهو آهي ته اسان هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيون. ڇا اوهان کي نٿو لڳي ته اسان هن جي فيصلي تي اثرانداز ٿي رهيا آهيون. چونّڊ هن کي ڪرڻي آهي. منهنجو ڪردار جي عمل ۽ ذميوارين سان ڪو واسطو نه آهي. مان ته بس هڪ راوي آهيان. جيتري قدر ننڊ جو سوال آهي ته مان به ڪجهه هفتن کان ننڊ نه ڪري سگهيو آهيان. اوهان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته ڪهاڻيءَ جو ڪردار ۽ مان هڪٻئي کان الڳ شخصيتون آهيون. منهنجي خيال ۾ اهوئي سچ آهي!