17 Apr 2017

مشترڪہ جاچ رپورٽ ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

الف تي هر صورت ۾ مقدمو هلڻو هو. الف بابت سرڪاري اهلڪارن رپورٽ تيار ڪئي آهي. ان رپورٽ کي جوڙڻ لاءِ سرڪاري اهلڪارن تمام گهڻي محنت ڪئي. اهلڪارن جو تعداد لامحدود هو. لامحدود ان مطلب ۾ تہ ڪنهن بہ اهلڪار ٻئي کي ڪونہ پئي سڃاتو. رپورٽ کي هر ڪنهن الڳ طور جوڙيو آهي. سمورين رپورٽن کي جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. انهن رپورٽن جي ڇنڊڇاڻ ڪري الف خلاف هڪ اهم ترين دستاويز تيار ٿيندو. جوڙيل دستاويز ۾ الزام لڳائڻ بجاءِ الزامن کي ثابت ڪيو ويندو. الزام لڳائڻ بجاءِ الزامن کي ثابت ڪرڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ نئين قسم جو تجربو آهي. مثال طور ڪو هڪ ماڻهو ٻئي کي ڪوڙو چوي، ان کان اڳ اهو پنهنجي ڳالهين ذريعي ثابت ڪري وڃي تہ فلاڻو شخص ڪوڙو آهي ۽ لفظ ”ڪوڙو“ استعمال بہ نہ ڪري تہ ان کي ڏنگي مهارت ليکبو. رپورٽ ۾ ڪٿي بہ الف تي الزام لڳايل ناهي. الزام لڳائڻ لاءِ ڪجھ آهي ئي ڪونہ. بهرحال رپورٽ اهو ضرور ظاهر ڪري ٿي تہ الف الزامن ۾ ايترو ڦاٿل آهي جو الزام پاڻهي ئي ثابت ٿي رهيا آهن. رپورٽ ۾ ڪنهن بہ الزام لڳائيندڙ شخص کي بطور شاهد پيش ڪرڻ ڪنهن بہ صورت ۾ ضروري نہ هيو. رپورٽن جو گڏيل دستاويز پڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ جيڪي بہ الزام الف تي  هيا، اهي ثابت ٿي رهيا آهن. الف کي صفائيءَ جو موقعو عدالت جي فيصلي بعد ملڻو آهي. پهرين شنوائيءَ ۾ الف کي رپورٽ ٻڌائي ويندي ۽ ان کان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي. انصاف جو اهوئي اصول هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ صفائي وارو وڪيل غيرمناسب ڳالهيون ڪري رقم ڏيندڙ جي خواهشن موجب دليلبازي ڪري عدالت جو وقت زيان ڪندو. عدالت ۾ وقت جي زيان جو مطلب آهي انصاف ۾ دير، انصاف ۾ دير هرگز نہ ٿيڻ گهرجي. الف تي ڪنهن بہ مقدمو داخل نہ ڪرايو آهي. هن تي پاڻمرادو نوٽس وٺندي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي تہ هُن گٽر ۽ هڪ فرشتي کي غليظ عمل سان پريشان ڪيو ـ

مشترڪہ جاچ رپورٽ ۾ ڪجھ هيئن لکيل آهي تہ الف رات جو ٻين بجي پنهنجي گهر جي اهڙي ڪمري ۾ ويٺو هو جنهن ۾ ٻہ دروازا آهن. انهن مان هڪڙو دروازو ٻاهر گهٽيءَ ۾ کلي ٿو ۽ ٻيو دروازو هن جي پنهنجي گهر طرف کلي ٿو. الف پنهنجي ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي پرسڪون ويٺل هو. پرسُڪون جي وضاحت جاچ جي دائري کان ٻاهر آهي. ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيڻ يا ڪرسيءَ کي اڇلائي ڦٽي ڪرڻ الف جو حق آهي. پر ڪرسيءَ تان اوچتو ڪِري پوڻ غُور طلب معاملو بنجي وڃي ٿو. جيڪڏهن الف فقط ڪرسيءَ تان ڪِري پوي ها تہ مقدمو بہ ڪونہ جڙي ها. الف ڪرسيءَ تان ڪِريو ۽ بيهوش ٿي ويو. هن کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪوبہ ماڻهو موجود ڪونہ هو. ان لاءِ هن کي ڪجھ ڪلاڪن جي مهلت ڏئي سگهجي ٿي. گڏيل رپورٽ موجب هُو هڪ ڪلاڪ تائين ڪرسيءَ سان گڏ ليٽيو رهيو. هُن جو مٿو فرش سان ٽڪرائجي نيري رنگ جو ٿي ويو. نيري رنگ بابت سموريون رپورٽون شاهدي ڏين ٿيون. اڪثر رپورٽن اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ مٿي تي نيري رنگ مٿان اکين سان محسوس ٿيندڙ هڪ اڀار نڪري آيو. جمهوريت موجب اهو تسليم ڪرڻُو پوندو تہ هن جي نرڙ تي نيري رنگ جو هڪ اڀار نڪتو هو. الف فرش تي ڪلاڪ تائين موجود رهيو. چئن پيرن واري ڪرسيءَ کان شاهدي وٺڻ ناممڪن هو . ڪرسيءَ بابت گهري جاچ مان اهو ظاهر پئي ٿيو تہ ان کي ڪوبہ ڌڪ ڪونہ لڳو آهي. ان ڳالھ بابت غور ڪيل آهي تہ الف کي ڪيرائڻ ۾ ڪرسيءَ جو ڪو ڪردار هيو يا نہ. ظاهر اهو ٿيو ته ڪرسيءَ جو الف تي ڪوبہ وس نٿي هليو، ان ڪري الف کي ڪِرڻو پيو. ڪرسي ليٽيل حالت ۾ شاهدي ٿي ڏني تہ سندس حواس گم ٿيڻ کان اڳ الف جا حواس گم ٿي ويا هيا. الف کي جڏهن هوش آيو تہ هن کي پنهنجي ڪمري ۾ ٻہ دروازا نظر آيا ـ

الف جي ذهن مطابق ڪابہ رپورٽ ڪانہ جوڙي ويندي، ڇاڪاڻ تہ کانئس موقف عدالتي فيصلي بعد ٻڌو ويندو. الف جڏهن هوش ۾ آيو ته هن پاڻ کي فرش تي ليٽيل محسوس ڪيو. رپورٽن مطابق ڪِريل حالت ۾ الف مٿان ٻارنهن فٽ جي ڇت هئي. اهو بيان ليٽيل حالت جو آهي، الف جي اٿڻ کان اڳ رپورٽن جو سڀ کان حقيقي ۽ گڏيل موقف اهوئي آهي. الف هوش ۾ اچڻ کان پوءِ پهريان ڇت ڏانهن نهاريو هوندو. هن ڪمري جي ڇت ۾ لڳل سِرن جي ترتيب کي ڏٺو هوندو. ان وقت هن وٽ ڪوبہ ماڻهو ڇت جي وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ موجود ڪونہ هو. الف هڪ هڪ ڪري پهريان پنهنجي ٽنگن کي چوريو. پوءِ هن پنهنجي ٻانهنَ ۽ هٿن جو جائزو ورتو. ڪرسي ۽ پيرن مان لهي ويل جوتا هن لاءِ بيجان هئا. ٻنهي طرف الف جو ڌيان ڪونہ ويو. هُن کي پنهنجي نرڙ تي لڳل ڌڪ محسوس ڪونہ ٿيو، ڀرسان پيل ٽيبل سهاري هُو اٿي کڙو ٿيو. رپورٽن مطابق هن پهريان اکيون کوليون، ڪنڌ ڦيرائي حالتن جو جائزو ورتو ۽ پوءِ اٿيو. سمورين رپورٽن ۾ اٿي بيهڻ تي خاص تجزيو ناهي ڪيل، اهلڪارن جو سمورو ڌيان ان طرف هيو تہ هُو فرش جي لڳل ڌڪ کان پوءِ بيهي سگهندو بہ يا نہ. گڏيل رپورٽن موجب گهڻي محنت کان پوءِ نيٺ الف اٿي بيهي رهيو. هن پنهنجي آسپاس نهاريو، ٻنهي طرفن کان هڪ ئي قسم جا دروازا هيا. الف وٽ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي مهلت ئي ڪانہ هئي. هُن اٿڻ شرط اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو، هن کي پنهنجي سمهڻ واري بستري جي تلاش هئي. الف پنهنجي نرڙ تي ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو ۽ اتر واري دروازي طرف هلڻ لڳو. هن کي بلڪل بہ ڄاڻ ڪانہ هئي تہ اتر وارو دروازو گهر جي بجاءِ ٻاهرين طرف گهٽيءَ ۾ کلي ٿو. رپورٽن مطابق اهلڪارن کي الف جي مدد ڪانہ ڪرڻي هئي، ان ڪري اهي ديوار سان جسم لڳائي ديوار بنجي پيا. الف کي روڪڻ لاءِ گهڻن ئي اهلڪارن چاهيو ٿي پر کين مٿان کان حڪم هو تہ الف کي وڌڻ کان روڪي نٿو سگهجي. اهلڪارن کي صرف اڳتي ٿيندڙ امڪاني واقعن سان دلچسپي هئي. اڳتي ٿيندڙ واقعن لاءِ اهلڪارن پنهنجا ڪاغذ تيار ڪري ورتا ـ

الف پنهنجي گهر مان پنهنجي ئي گهر جي تلاش لاءِ نڪتو. هڪجهڙن دروازن الف کي منجهائي وڌو. جيئن ئي الف گهر کان ٻاهر نڪتو هُن پاڻ کي اجنبي علائقي ۾ پهتل محسوس ڪيو. گهر مان نڪرڻ شرط اڻ ڄاتل دنيا هن جي انتظار ۾ هئي. دروازي مان نڪرڻ شرط هن کان پنهنجي دنيا وڃائجي چڪي هئي. الف کي اها خبر نہ رهي تہ سندس گهر جو دروازو ڪٿي آهي. هُن جي گهر جا ٽي دروازا هيا. اترئين دروازي مان نڪري هن پنهنجو گهر تلاشڻ شروع ڪيو. رپورٽن موجب گهٽيءَ مان هُو اتر کان ڏکڻ طرف روانو ٿيو. الف جي منزل پنهنجو سمهڻ وارو بسترو هئي. اولھ وارو گهر جو دروازو الف جي ذهن کان مٿاهون هو. ان دروازي ۾ ست ڏاڪا هيا، جنهن دروازي وٽان هُو لٿو هو ان ۾ بہ ست ڏاڪا هيا. تنهنڪري الف ڪنهن بہ گهر ۾ گهڙڻ بجاءِ اڳتي وڌيو. ان طرح هُو ٿيڙ کائيندو اڳتي وڌندو رهيو. رپورٽن موجب هن کي پنهنجي ئي گهر جي تلاش هئي. جڏهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گهر مان نڪري ۽ پنهنجي ئي گهر جي ڳولا ڪري تہ ان لاءِ صورتحال ڪافي ڏکوئيندڙ ٿيندي آهي. عدالت وٽ سمورن اهلڪارن جون رپورٽون پهچي چڪيون هيون. عدالت ترت فيصلو ڏيڻ بجاءِ الف تي وڌيڪ نظرداريءَ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي حڪم جي توهين ڪير بہ نٿي ڪري سگهيو. بعد ۾ سمورن سرڪاري اهلڪارن کي هڪ اهم گڏجاڻيءَ ۾ سڏايو ويو. جڏهن سمورا اهلڪار گڏجي ويٺا تڏهن اها ڳالھ ظاهر ٿي تہ الف هڪ گٽر ۾ ڪِريو هو ۽ هن کي ڪنهن فرشتي بچايو هو. گٽر ۾ ڪِري پوڻ واري ماڻهوءَ لاءِ بہ ڪي فرشتا هوندا آهن، اها سرڪاري اهلڪارن کي خبر ڪانہ هئي. هنن پنهنجي مذهبي رهنمائن کان رهبري حاصل ڪئي. مذهبي رهنمائن سرڪاري اهلڪارن تي اهو ظاهر ڪيو تہ ڪجھ ماڻهو فطرت کان مٿاهان ٿيندا آهن. انهن تي انڪوائري نٿي ڪري سگهجي، مافوق الفطرت ڏيک انسان جي وس کان ٻاهر هوندا آهن ـ

آخري رپورٽن ۾ اضافي بعد ظاهر ٿيو تہ الف گٽر ۾ ڪِريل هو، هُن جي گٽر سان ويڙه جاري هئي. سرڪاري اهلڪار پري کان جائزو وٺي رهيا هيا. هنن وٽ اهم سوال اهو آهي تہ الف جوتا پائي آيو هو يا نہ. الف گٽر مان نڪري ئي ڪونہ پئي سگهيو. زندھ گٽر هن کي چقمقي قوت سان پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. الف گٽر مان نڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ مصروف هو. سرڪاري اهلڪار جاچ ڪندي تمام گهڻو ٿڪجي چڪا هئا. هُنن پنهنجا جاچ اوزار پري اڇلائي ڇڏيا، اهي محسوس ڪري چڪا هئا تہ انتظار ڪرڻ مان ڪجھ بہ ناهي ورڻو. سمورا اهلڪار پوئتي هٽي ويا. الف هڪ زندھ گٽر ۾ ڦاٿل هو، اهڙو گٽر جيڪو هن جون ٽنگون ڇڪي رهيو هو. الف کي جوتا پاتل هيا يا نہ، ان ڳالھ بابت ڪابہ حتمي راءِ ڪانہ هئي. الف کي اهلڪارن جي موجودگي بابت ڪابہ ڄاڻ ڪانہ هئي. هن محسوس ڪيو تہ کيس جوتا پاتل آهن ۽ زندهه گٽر کان ڇڏائڻا آهن. شايد الف گٽر کان ٻاهر نڪري پئي سگهيو پر هن کي جوتن جو گهڻو اونو هو. ڪجھ رپورٽن مطابق ڪرسيءَ تان ڪرڻ وقت الف جي پيرن کان جوتا الڳ ٿي چڪا هيا ۽ هُو پيرين اگهاڙو گهران نڪتو هو. اهلڪارن کي ويجهي اچي واردات جو مشاهدو ڪرڻ جي اجازت ڪانہ هئي. هنن کي سرڪار طرفان ڪجھ خاص جاچ جا اوزار مليل هئا. اوزارن مطابق الف ڪنهن بہ زندھ گٽر ۾ موجود ڪونہ هيو. اڪثريتي اهلڪارن موجب الف هڪ بهانو ڪري کين منجهائي رهيو هو. ان ڪري سرڪاري اهلڪارن سوچيو تہ کيس گرفتار ڪيو وڃي. پر مٿان کان اهڙي عمل ڪرڻ کان منع ٿيل هئي. تنهنڪري سرڪاري اهلڪار واقعي کي پورو ڏسڻ لاءِ مجبور هيا. انهن کي سموري واقعي بابت مڪمل ۽ جامع معلومات فراهم ڪرڻي هئي. الف گٽر مان نڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هيو. ڪجھ رپورٽن موجب الف کي ڪنهن فرشتي گٽر مان ڪڍي گهر تائين پهچايو. اڪثر سرڪاري اهلڪار ان ڳالھ کان انڪاري هيا تہ الف جي گٽر ۾ هجڻ وقت ڪوبہ فرشتو اتي آيو هو!ـ

واقعي جي سموري ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿي چڪي هئي. سمورن اهلڪارن جي مليل رپورٽن کي گڏائي هڪ مشترڪہ رپورٽ عدالت جي اڳيان پيش ڪئي وئي. جج صاحب غور سان مشترڪہ رپورٽ جو جائزو ورتو. جائزي بعد عدالت مختصر فيصلو ڏنو تہ الف پاڻ واقعي کي تفصيل سان بيان ڪري. واقعي جو پورو تفصيل ٻڌي پوءِ سزا بابت فتوا جاري ڪئي ويندي. اهلڪارن الف کي وٺي عدالت سڳوريءَ ۾ جج اڳيان پيش ڪيو. الف جي چهري تي اطمينان ۽ پريشانيءَ جا گڏيل تاثر هئا. اهڙا تاثر ڏيندڙ چهرو گهڻو منجهائيندڙ هوندو آهي. الف پنهنجو بيان هن طرح ڏنو: ”جج صاحب، مون کي خبر آهي تہ سرڪار منهنجي چوڪسيءَ لاءِ ڪيترائي اهلڪار مقرر ڪيا آهن. مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي تہ مقرر اهلڪارن کي ڪهڙيون هدايتون ڏنيون ويون هيون. توڙي جو ان رات بابت مون کي رڳو ٽيبل اڳيان ڪرسيءَ تي ويٺل هجڻ ياد آهي. اهلڪارن جي مقرري بابت مون کي ڪوبہ اطلاع ڪونہ ڏنو ويو. ان ڪري ٿيندڙ ٽرائل ۾ منهنجي بيان جي ڪابہ اهميت ڪانهي. اهڙي وقت بابت مان ڪيئن ٿو بيان ڏئي سگهان جيڪو وقت مون تي گذريو ئي ناهي. جيڪڏهن فرض ڪجي تہ اهلڪار درست رپورٽون جوڙي آيا آهن تہ پوءِ سزا بہ انهن جي شاهدي آڌار ڏني وڃي. عدالت تسليم ڪري يا نہ پر زندھ گٽر سرڪار خود جوڙايا آهن تہ جيئن هر شهري گٽر ۾ ڪِري سگهي. ان طرح هر ڪنهن تي تهمت هڻڻ آسان ٿي پوي ٿو. هونئن بہ سرڪار ايتري طاقتور آهي جو بستري ۾ سُتل ماڻهوءَ جي پيرن تي گٽر جو پاڻي هاري سگهي. جج صاحب، اهلڪارن کان جاچ ۾ سنگين غلطي ٿي آهي. اصل ۾ ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ مان جوتا لاهي گٽر ۾ پنهنجا پير ٻوڙي آيو هوس.“ ـ

29 Mar 2017

درٻار ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

بادشاهه جي درٻار ۾ هڪ غريب ۽ هڪ امير کي پيش ڪيو ويو. بادشاهه پاڻ اهو حڪم جاري ڪيو هو ته منهنجي رعايا مان سڀ کان وڌيڪ غريب ۽ سڀ کان وڌيڪ امير کي پيش ڪيو وڃي. غريب کي جڏهن بادشاهه جي درٻار ۾ حاضريءَ جو حڪمنامو پهتو ته غريب سوچيو بادشاهه جي درٻار ۾ وزير، مشير، صلاحڪار ۽ امير ماڻهو هوندا تنهنڪري هن ان موقعي لاءِ اوڌر سوڌر يا جگاڙ تي بهتر ڪپڙا ۽ بوٽ هٿ ڪري ورتا. اهڙي طرح امير کي جڏهن درٻار ۾ حاضريءَ جو حڪم پهتو ته کيس پڪ ٿي وئي ته دولت جي جائز هجڻ توڙي ٽيڪس بابت پڇا ٿيندي. تنهنڪري هُو ڪٿان غريباڻو وڳو ۽ بوٽ هٿ ڪري درٻار وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. بادشاهه توڙي درٻارين مان ڪنهن کي به ڄاڻ ڪانه هئي ته امير ڪهڙو آهي ۽ غريب ڪهڙو آهي. سموري درٻار امير کي غريب سمجهيو ۽ غريب کي امير. بادشاهه ٻنهي کي ڇو گهرايو هو، درٻارين مان ڪنهن کي به ڄاڻ ڪانه هئي. بادشاهه ان ڳالهه ۾ منجهيل هو ته غريب جو پيٽ وڏو ڪيئن ٿيو آهي ۽ امير ايترو ڪمزور ۽ هيڻو ڇو پيو نظر اچي. بادشاهه کي ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته ڇا ڪري. وزير محسوس ڪري ورتو ته بادشاهه کي ضرور ڪنهن ڳڻتي ورايو آهي، سو پنهنجي جاءِ تان اٿي بادشاهه جي ڀرسان ويو ۽ ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪيائين، بادشاهه ڪنڌ لوڏيندو رهيو. ٻنهي جي وچ ۾ سُس ڦس ٿيندي رهي. محسوس ٿي رهيو هو ته بادشاهه ۽ وزير ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق ڪونه پيا ٿين. پوءِ بادشاهه مذهبي پيشوا کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ سندس ڪن ۾ سُس ڦس ڪئي. جواب ۾ مذهبي پيشوا به ڪافي دير تائين چَپ چوريندو رهيو. نيٺ بادشاهه هٿ مٿي کڻي کيس ماٺ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مذهبي پيشوا حڪم تي عمل ڪندي بادشاهه کان ٿورو وٿيرڪو ٿي بيٺو. امير ۽ غريب ٻئي ڪنڌ جهڪايو بيٺا هئا. باقي درٻاري به خاموشيءَ سان بادشاهه ۽ وزير جي چرپر تي نظرون کپايو ويٺا هئا. 

 ”امير ۽ غريب، ٻنهيءَ کي جيل ۾ واڙيو وڃي. منهنجي نظر ۾ ٻئي هڪجيترا گنهگار آهن. غريب کي کاڌي ۾ ايترو حرص نه ڪرڻ گهرجي ها جو سندس پيٽ وڌي وڃي، ۽ امير کي ايتري ڪنجوسي نه ڪرڻ گهرجي ها جو هُو ڪمزور ۽ بيمار نظر اچي. تنهنڪري درٻار جي قانون مطابق ٻنهي کي ڏوهاري قرار ڏجي ٿو. عملدارن کي حڪم ٿو ڏجي ته پيٽ وڏي غريب کي هر ويلي تي ايترو کاڌو کاريو وڃي جيترو پنج صحتمند ماڻهو هڪ ويلي تي کائيندا هجن، ان طرح غريب اڳتي هلي حرص کان پاسو ڪندو. امير کي هر ويلي تي صحتمند ماڻهوءَ جي هڪ وقت جي کاڌي جو چوٿون حصو ڏنو وڃي. ايئن ڪرڻ سان هُو اڳتي ڪنجوسي ڪرڻ کان پاسو ڪندو. مون کي پڪ آهي ته ان کان وڌيڪ بهتر فيصلو ڪوبه نٿو ٿي سگهي. منهنجي دور ۾ رعايا سان هميشه هڪجهڙو ورتاءُ ڪيو ويو آهي. بادشاهت کان وڌيڪ انصاف جي اهميت آهي. انصاف سان امن قائم ٿيندو آهي ۽ امن سان واپاري سرگرميون وڌنديون آهن. واپاري سرگرمين وڌڻ سان خوشحالي ايندي آهي. مان جيڪو ڪجهه به چئي رهيو آهيان ان کي تاريخ جي رڪارڊ تي رکيو وڃي. مون کي خبر آهي ته ڪجهه درٻاري اهو نٿا چاهين ته ملڪ ۾ امن رهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ درٻار ۾ انهن لاءِ ڪوبه ڪم نه بچندو ۽ انهن کي پنهنجا درٻاري عهدا ڇڏڻا پوندا. اهڙي نيت رکندڙ درٻارين تي منهنجي مخبرن جي پوري نظرداري آهي. اڄ مان اوهان کي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته مخبرن تي به نظرداري رکي پئي وڃي. اهي مخبر اعليٰ درجي جا اهلڪار آهن. انهن کي خاص جاچ پڙتال کان پوءِ عهدا ڏنا ويا. سوير منهنجي پياري وزير مون کي صلاح ڏني ته حڪيم کي گهرائي ٻنهي درٻار حاضر امير ۽ غريب جي چڪاس ڪرائي وڃي. مان وزير جي اهڙي ڇَسي صلاح کي مڪمل طور رد ڪيان ٿو. هاڻي کيس وزير جي عهدي تان هٽائي حڪيم جي نگرانيءَ ۾ ڏجي ٿو. مون کي شڪ آهي ته وزير پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي. ڀلا جنهن جي عمر جي خبر هجي ان جا ڏند ٿورئي ڏسبا آهن. مون کي اميد آهي ته منهنجا سمورا درٻاري مون سان متفق هوندا ته درٻار ۾ پيش ڪيل امير ۽ غريب ٻنهي جي جسماني ساخت پنهنجو پاڻ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. انهن ٻنهي کي حڪيم کان چڪاس ڪرائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. بيان ڪيل سمورن احڪامن تي هينئر جو هينئر عمل ڪيو وڃي. درٻار هڪ ڏينهن لاءِ معطل ڪجي ٿي.“ بادشاهه پنهنجي تقرير ختم ڪري ڇڏي. هن جي چهري تي اعتماد ۽ فتحمندي جا آثار هئا. لڳو ٿي ڄڻ پهريون ڀيرو هن بادشاهيءَ جا فرائض درست انداز ۾ اُڪلايا آهن. ٿوري دير بعد درٻار خالي ٿي وئي ۽ بادشاهه پنهنجي آرمگاهه طرف روانو ٿيو. 

اصل امير درٻارين جي نظر ۾ غريب ثابت ٿي چڪو هو ۽ اصل غريب درٻارين جي نظر ۾ امير ثابت ٿي چڪو هو. ٻنهي کي الڳ الڳ ڪوٺڙين ۾ واڙيو ويو. هرهڪ تي پهريدار مقرر ڪيا ويا جن جو ڪم انهن کي بادشاهه جي حڪم مطابق کاڌو کارائڻ هو. پهرين ئي ڏينهن معاملو خراب ٿي ويو، ٻئي قيدي سخت بيمار ٿي پيا، ٻنهي کي بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا. پهريدارن کي ٻنهي قيدين گهڻو ئي سمجهايو ته بادشاهه کان سڃاڻپ ۾ غلطي ٿي آهي. پهريدار اڳ ئي ان ڳالهه کان آگاهه هئا ته بادشاهه ڪڏهن به غلطي نه ڪندا آهن. غلطي هميشه رعايا جي هوندي آهي جنهنڪري بادشاهه اجايو بدنام ٿيندا آهن. ٻنهي قيدين مان ڪنهن جي به ڳالهه تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. جڏهن ٻنهي قيدين جا پهريدار هڪٻئي سان مليا ته ٻنهي وٽ هڪٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ ساڳي ڳالهه هئي. هنن هڪٻئي ڏانهن حيرانيءَ مان نهاريو. ٻنهي کي هڪٻئي تي اعتبار ڪونه پئي آيو. اهو ڪيئن ممڪن هو ته ٻئي قيدي هڪ ئي وقت بيمار ٿين ۽ ٻنهي کي هڪ ئي وقت بيهوشيءَ جا دورا پون. اهو ته ڄڻ امير ۽ غريب جو فرق ختم ٿي وڃڻ جو اشارو هو. اهڙي ڳالهه ممڪن هجڻ جي دائري کان ئي ٻاهر هئي. ٻنهي پهريدارن پنهنجي پنهنجي ڳالهه تي زور رکيو. اختلاف چوٽ چڙهي ويا، ٻئي هڪٻئي جي هٿين پئجي ويا، ٻنهي کي تيسا چڙهي ويا. تلوارون مياڻن مان نڪري آيون، ڳالهه مقابلي تائين وڃي پهتي. ڪوبه پنهنجي ڳالهه تان هٽڻ لاءِ تيار ڪونه هو. پنهنجي ڳالهه تان هٿ کڻڻ جو مطلب هو پاڻ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ. الڳ طور ٻنهي کي خبر هئي ته اهي سچ ڳالهائي رهيا آهن. ٻنهي کي هڪٻئي تي ڀروسو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته امير ۽ غريب هڪ طرح ۽ هڪ ئي وقت ڪونه ڦٿڪندا آهن. ٻنهي سان الڳ الڳ سلوڪ ڪرڻ جي باوجود ٻئي هڪئي وقت بيمار ڇو ٿيا ۽ ٻنهي کي هڪئي وقت بيهوشيءَ جا دورا ڇو پيا. هرهڪ پهريدار پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ رضامند ٿيندي ٻئي سان تلواربازي شروع ڪري ڏني. 

بادشاهه سلامت پنهنجي خوابگاهه ۾ آرام سان شاهي پلنگ تي ليٽيل هو. ڪنيز کيس انگور کارائي رهي هئي. اڄ انهيءَ ڪنيز جو وارو هو. بادشاهه جون ايڪيهه زالون ۽ چونجاهه ڪنيزون هيون. هرهڪ زال ۽ ڪنيز لاءِ ڏينهن ۽ وقت مقرر ٿيل هئا. مقرر وقت کان سواءِ ڪابه زال يا ڪنيز بادشاهه وٽ نٿي پهچي سگهي. اهڙي آگاهي سمورين زالن ۽ ڪنيزن کي اڳي کان ڏنل هئي. بادشاهه مٿي جو تاج لاهي شاهي پلنگ تي آهلجي پيو. ڪنيز طرفان وات ۾ وڌل انگور چٻاڙيندي هن چيو: ”پوري زندگيءَ ۾ اڄ مون کي محسوس ٿيو آهي ته مون ڪجهه درست فيصلا ڪيا آهن. توڙي جو اها ڳالهه مون کي اڳ ئي خبر هئي ته درٻار جو مذهبي پيشوا انتهائي ذهين ۽ پهتل بزرگ آهي. مون هميشه هن جي صلاحن کي مانُ ڏنو آهي. هن ڪيڏي نه ڦڙتي سان وزير جي نيت کي سڃاڻي ورتو. جيڪڏهن مان وزير جي صلاح تي هلان ها ته منهنجو نالو تاريخ ۾ بدنام ترين ماڻهن ۾ ليکيو وڃي ها. هن مون کي ياد ڏياريو ته ڪن واقعن ۽ حادثن تي انسان جو اختيار نه هوندو آهي. اهي خدا جا فيصلا هوندا آهن. جن کي ڪنهن به حڪمت سان بدلائي نٿو سگهجي. اهي آسماني هستيءَ جي امر سان ٿيندا آهن.“ ڪنيز انگور کڻي بادشاهه جي چرپر ڪندڙ وات ۾ وڌا ته بادشاهه جو ڳالهائڻ گهڙيءَ کن لاءِ بند ٿي ويو. بادشاهه تڪڙ ۾ انگور چٻاڙي ڳيت ڏيندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي: ”جيڪڏهن امير ۽ غريب جي جاچ حڪيم کان ڪرائجي ها ته فيصلو به حڪيم جي هٿ ۾ اچي وڃي ها. ان طرح ڀري درٻار ۾ مون کي حڪيم جو آکيو منظور ڪرڻو پوي ها. ڇاڪاڻ ته حڪيم منهنجي چئي مطابق چڪاس ڪري ها ۽ فيصلو پنهنجي حڪمت واري تجربي تحت ڏئي ها. ظاهر آهي ته اهو فيصلو منهنجي خواهش مطابق هرگز نه هجي ها. منهنجي نظر ۾ امير ۽ غريب ٻئي درٻاري قانون موجب رياست جي ڀلائيءَ لاءِ هڪجيترا ذميوار آهن. دولت جي بنياد تي انسانيت جي ورهاست مون کي نامنظور آهي.“ ڪنيز ٻيهر انگور کڻي بادشاهه جي چرپر ڪندڙ وات ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. بادشاهه ڪنيز جو هٿ جهليندي چيو: ”توکي سمجهه ۾ نٿو اچي مان تاريخي ڳالهيون ڪري رهيو آهيان!“ 

حڪيم، بادشاهه جي حڪم تحت سالن جي تجربي جي بنياد تي وزير جي چڪاس شروع ڪئي. هن کي خبر هئي ته بادشاهه، وزير کي دماغي بيمار ڄاڻائي سندس حوالي ڪيو آهي. تنهنڪري چڪاس مان ورڻو ڪجهه به ناهي. جيڪڏهن بادشاهه جي ڳالهه غلط ثابت ٿي ۽ وزير چڱو ڀلو نڪتو تڏهن به اها ڳالهه بادشاهه اڳيان پيش ناهي ڪرڻي. وزير کي پاڳل قرار ڏيڻ ئي وقتائتو فيصلو آهي. حڪيم کي ڄاڻ هئي ته مٿس بادشاهه جي مخبرن جي نظر آهي. تنهنڪري هن وزير کي اهلڪارن جي مدد سان مضبوط زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو ۽ ڏيکاءُ خاطر چڪاس ڪرڻ لڳو. پهريان وزير جو وات کولي هڪ خاص ڪاٺي کڻي هيٺين ۽ مٿين ڏندن اندر کوڙي ڇڏي. هاڻي وزير وات بند ڪرڻ چاهي تڏهن به وات بند ڪري نٿي سگهيو. حڪيم هٿ بتي کڻي وزير جي وات ۾ ڪجهه تلاشڻ شروع ڪيو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ وزير ڪا شيءِ وات ۾ لڪائي رکي هجي. حڪيم کي وزير جي وات مان ڪابه شيءِ ڪانه لڌي، لاچار هن هٿ بتي کي ڀرسان ميز تي رکيو. تيستائين اهلڪار گرم تيل کڻي آيو، حڪيم اهلڪار کي وزير جا پير سڌا جهلي بيهڻ لاءِ چيو. جڏهن پير جهلجي ويا ته حڪيم گرم تيل کڻي وزير جي پيرن تي هاريو. وزير جا پير سڙيا ته هن وٺي دانهون ڪيون. حڪيم اهلڪار کي چئي وزير جو وات بند ڪرائي ڇڏيو. حڪيم کي ياد هو ته وزير هڪ ڀيرو بادشاهه کي چغلي هنئي هئي ته حڪيم رعايا کان علاج واسطي حيثيت آهر معاوضو ڪون ٿو وٺي. 

ٻئي ڏينهن صبح جي پهر بعد مخصوص وقت تي درٻار لڳي. بادشاهه سلامت تخت تي ويٺو هو، کيس اڳ ئي جيل واري ماجرا بابت ٻڌايو ويو هو ته ٻئي پهريدار هڪٻئي سان وڙهي رتورت حڪيم وٽ آندا ويا هئا. هرهڪ جو چوڻ هو ته ٻي منهنجي ڳالهه چوري ڪئي آهي. اهڙي واقعي کان پوءِ ٻنهي قيدين کي ڪنهن به کاڌو ڪونه کارايو هو. حڪيم مطابق ٻنهي پهريدارن جي حالت قيدين کان به وڌيڪ خراب آهي. بادشاهه کي وزير بابت ”چڪاس نامو“ پيش ٿي چڪو هو. سموريون رپورٽون سمجهڻ کان پوءِ بادشاهه جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي چهري تي آفاقي بيوسيءَ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. سمورا حاضرين خاموشيءَ سان بادشاهه طرف نهاري رهيا هئا. انهن کي ڄاڻ هئي ته اڄ بادشاهه ضرور ڪو تاريخي خطاب ڪندو. ڪجهه درٻارين کي اهو خدشو هو ته انهن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويندو. ايتري ۾ بادشاهه مذهبي پيشوا کي پاڻ ڏانهن گهرايو. ويجهو اچي مذهبي پيشوا بادشاهه جي ڪن وٽ وات جهلي ڳالهائڻ لڳو. بادشاهه هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندو رهيو. ڳچ وقت تائين ائين ٿيندو رهيو، پوءِ بادشاهه هٿ مٿي ڪري مذهبي پيشوا کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ورتو. مذهبي پيشوا پرڀرو پنهنجي جاءِ تي وڃي ويهي رهيو. بادشاهه تخت تان اٿي نڙي صاف ڪري وڏي اعتماد سان ڳالهايو: ”جيڪا حالت امير ۽ غريب قيدين سان ٿي آهي اها خدا جو قهر هئي. اهڙي قهر کي زميني بادشاهه نٿا ٽاري سگهن. ٻنهي پهريدارن کي شيطان ورغلايو هو تنهنڪري اهي هڪٻئي سان وڙهي ٽنگون ٻانهون ڀڃائي ويٺا آهن. وزير بابت منهنجو انومان درست ثابت ٿيو آهي. هن جي ذهني حالت تي هاڻي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري کيس حڪيم جي نگرانيءَ ۾ جيل حوالي ڪجي ٿو. اوهان کي خبر آهي ته مون هميشه ڏاهپ سان رعايا جي مسئلن کي حل ڪيو آهي. اها ڏاهپ به منهنجي پنهنجي ڪانهي، اهو خدا جو مون تي خاص ڪرم آهي. اهوئي سبب آهي جو منهنجي رعايا مان اڄ تائين ڪنهن به انصاف جي گهنڊ کي وڄائي مون وٽ نه دانهيو آهي. جتي انصاف هر دروازي تي پاڻهي پهچندو هجي انهن کي گهنڊ وڄائڻ جي ڪهڙي ضرورت! مان هميشه اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ خدا وٽ دعاگو آهيان ته اوهان جي مٿان سدائين ڏاهپ ۽ حڪمت جي حڪمراني هجي. اوهان مان ڪنهن کي به اهڙي تڪليف نه پهچي جو ان کي درٻار تائين پنڌ ڪرڻو پوي.“ بادشاهه ايترو چئي پنهنجي تخت تي ويهي رهيو ۽ تاريخدان ڏانهن گهوري ڏٺائين. تاريخدان قلم مس ۾ ٻوڙي ايندڙ دور لاءِ سونهري اکرن ۾ تاريخ لکڻ شروع ڪئي.

27 Mar 2017

پنچائت ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

ڳوٺ جي پنچائت صديون پراڻي آهي، ايتري ئي پراڻي جيترو هيءُ ڳوٺ پراڻو آهي. ڳوٺ جي ڪن جهونن جو خيال آهي ته هن ڳوٺ جي آباد ٿيڻ کان اڳ ئي پنچائت جو بنياد پئجي چڪو هو. پنچائت جي ڪري ئي ڳوٺ ۾ ماڻهن جي هڪٻئي سان محبت قائم آهي. هر ڳوٺاڻي کي صديون پراڻي ان پنچائت تي مڪمل ڀروسو آهي. پنچائت ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي به فرمان جاري ڪندي آهي، انهن تي عمل ڪرڻ ڳوٺاڻن لاءِ مقدس ترين عبادت ليکبو آهي. پنچائت جي فرمانن کي مڙهيل نه سمجهڻ گهرجي. ڳوٺاڻا پاڻ ئي پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ پنچائت جي حڪمن کي مقدس سمجهي عمل ڪرڻ لڳندا آهن. مشهور آهي ته هن ڳوٺ جي آباد ٿيڻ کان اڳ هتي مها ٻوڏ آئي هئي، تڏهن هتي هڪ اڪيلو بزرگ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. برسات جي ڪري آيل ان مها ٻوڏ ڪچي جي سموري علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو پر هن بزرگ جي جهوپڙيءَ کي ڪوبه نقصان ڪونه پهتو. اها پنچائت جي ئي منشا هئي ته بزرگ کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پوڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي جو صدين کان ان بزرگ جي مزار ڪيترين ئي ٻوڏن، طوفانن ۽ زلزلن بعد به جيئن جو تيئن برقرار آهي. ڪجهه ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مها ٻوڏ واري وقت بزرگ پاڻ ئي پنچائت ۾ تبديل ٿي ويو هو. جڏهن ته ٻين جو چوڻ آهي ته مقدس آسماني هستي فرشتا موڪلي بزرگ لاءِ زميني پنچائت قائم ڪئي ته جيئن اهي بزرگ کي ٿيندڙ امڪاني نقصان کان بچائين. 

مان به ان ڳوٺ جو قديم رهواسي آهيان، ظاهر آهي ته ٻين ڳوٺاڻن جيان مان به پنچائت جي هر حڪمنامي تي بنا ڪنهن اعتراض جي عمل ڪندو آهيان. منهنجو عقيدو آهي ته ڳوٺ جي اها صديون پراڻي پنچائت هميشه درست فيصلا ڪندي آهي. منهنجي سموري حياتيءَ ۾ مون ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي به پنچائت خلاف ڳالهائيندي نه ٻڌو آهي. هونءَ به اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، جنهن هنڌان اوهان کي هميشه امن ۽ انصاف مليو هجي اوهان ڪيئن ٿا ان جي مخالفت ڪري سگهو. جيڪڏهن فرض ڪجي اهڙو ڪو واقعو ٿيو به هجي تڏهن به ڳوٺاڻن موجب پنچائت خلاف ڳالهائيندڙ پڪ سان ڪو پاڳل ماڻهو ئي هوندو. ڳوٺ ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه طئي ٿيل طريقو مقرر نه آهي. پنچائت کي پاڻهي ئي ڄاڻ ملي ويندي آهي ته ڪٿي ناانصافي ٿي آهي ۽ سندن مداخلت اڻٽر بنجي پئي آهي. پوءِ اهي انصاف جون مڪمل تقاضائون پوريون ڪري متاثر کي انصاف ڏياريندا آهن. اها ڳالهه ته هن ڳوٺ ۾ ڪنهن سان ناانصافي ٿي آهي اهو صرف فرض ڪيو ويو آهي. اهو مڃيل آهي ته هن ڳوٺ ۾ ناانصافي ڪرڻ واري جي نيت تي عمل ٿيڻ کان اڳ ئي پنچائت ان عمل تي روڪ لڳائي ڇڏيندي آهي. پنچائت کي اها ڄاڻ ڪيئن ملندي آهي يا پنچائت جا مخبر ڪير آهن، اها ڳالهه ڪنهن به ڳوٺاڻي کي معلوم نه آهي. 

مان ائين نٿو چوان ته مون سان ڪا ناانصافي ٿي آهي، بلڪه مان اهڙي ڳالهه سوچي به ڪونه ٿو سگهان. پر گذريل ڪجهه سالن کان هر ڳوٺاڻي کي کنهڻ جو روڳ لڳي ويو آهي. ٿي سگهي ٿو اهو پنچائت جي ڪنهن حڪمنامي جو حصو هجي. پنجن سالن کان اهو روڳ وڌندو ان حد تائين اچي پهتو آهي جو جملي جي ادائگي کنهڻ کان سواءِ ناممڪن بنجي وئي آهي. ڳوٺ ۾ ٻن قسمن جا خيال گردش ڪندا رهيا آهن. هڪ اهو ته کنهڻ واقعي هڪ روڳ يا بيماري آهي، جنهن جو پنچائت سان ڪوبه تعلق نه آهي. جڏهن ته ٻئي خيال مطابق ڳوٺ جي ڪنهن به انسان کي کنهڻ جي بيماري نه آهي بلڪه اها مقدس حڪمنامي مطابق ٿيندڙ عملي عبادت آهي. کنهڻ جو عمل هن ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ ڪابه غيرمعمولي ڳالهه نه آهي. توڙي جو مان پنچائت جو ڪنهن به طرح مخالف نه آهيان ۽ نه ئي مون کي انهن کان ڪا شڪايت آهي. تڏهن به منهنجو خيال آهي ته ڳوٺ جي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ خاطر سمورن ڳوٺاڻن کي خارشزده ڪتي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي ته پنچائت ڪڏهن به اعلانيه حڪمنامو جاري نه ڪيو آهي، تڏهن به پنچائت جو فيصلو پاڻمرادو نافذ ٿي ويندو آهي. ان ڳالهه جو گهڻو امڪان آهي ته خارش ۾ ورتل ڪي فرد پاڻ به پنچائت جا ميمبر هجن، پر کين اها ڄاڻ هجي ته اهي پنچائت جا رڪن آهن، ناممڪن آهي. اڄ تائين ڪنهن به ڳوٺاڻي پنچائت جو ميمبر هجڻ جي دعويٰ ڪانه ڪئي آهي. پنج سال پهريان جڏهن ڳوٺاڻن پنهنجي جسم جي مختلف حصن کي کنهڻ شروع ڪيو، تڏهن ان عمل ڏانهن ڪنهن جو به خاص ڌيان ڪونه ٿي ويو. جيئن جيئن خارش جو اهو عمل مقدار ۾ وڌيڪ ٿيندو ويو تيئن تيئن اکين لاءِ اهو عمل بيزار ڪندڙ ڏيک بنجي پيو. مون وڏي احتياط سان ڳالهايو آهي، اهو ان طرح ته مان صرف پنهنجي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهيان. مون کي ٻين جي نمائندگي ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي. ٻين جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ کي امڪاني سچ يا هڪ راءِ طور سمجهڻ کپي. ڇاڪاڻ ته هونءَ به فيصلي جو آخري اختيار صرف ۽ صرف پنچائت وٽ آهي. 

هاڻي جڏهن کنهڻ جو عمل وات مان نڪرندڙ ڳالهه تي اثرانداز ٿيڻ لڳو آهي ته بيزاري پيدا ٿيڻ ناگزير آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته جنهن ڳوٺاڻي کي ڪڻڪ جي فصل بابت خيال ظاهر ڪرڻا هوندا آهن ته اهو سامهون ويٺل ڳوٺاڻن جي کنهڻ واري عمل کي ڏسي، پنهنجي جسم تي کنهڻ ۽ ساڳي وقت ڪڻڪ بابت ڳالهائڻ ڀيري چُڪ ڪري وجهندو آهي. تنهنڪري ڳوٺاڻن جو هڪٻئي جي سامهون هجڻ باوجود رابطو گهٽجي رهيو آهي، اهو چوڻ بهتر ٿيندو ته هڪٻئي جي ڳالهه کي سمجهڻ تڪليفده بنجي چڪو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون سان اها ويڌن ضرور آهي، مان پنچائت خلاف ڳالهائن نٿو چاهيان پر ايترو ضرور معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ڪيتري عرصي تائين برقرار رهندو. ڇاڪاڻ ته تاعمر خارشزده ڳوٺاڻن کي ڀليل ۽ وائڙي انداز ۾ ٻڌندو رهڻ زندگيءَ کي اذيتناڪ بنائي رهيو آهي. جيڪڏهن کنهڻ جو عمل ڪنهن هڪ ماڻهوءَ لاءِ سزا آهي ته پوءِ پنچائت لاءِ مبهم مخالفت جو عنصر اڀرڻ لازمي آهي. يعني اهو ته هڪ ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ سمورن ڳوٺاڻن کي خارشزده بنجڻو پوي، ان کان بهتر هو ته ڏوهيءَ کي ڪا سزا ڏني وڃي ها. منهنجي خيال ۾ پنچائت ان ڪري سمورن ڳوٺاڻن کي خارشزده ڪيو جيئن سندن موجودگي واضع نه ٿي سگهي ۽ صورتحال اڳي جيان غير يقيني ۽ مقدس رهي. پنچائت غير يقيني ۽ مقدس جي تعلق کي چڱي طرح سمجهي ٿي. تنهنڪري سندن حڪم نافذ ٿيندا آهن پر نفاذ جو ذريعو ڪڏهن پڌرو نه ٿيندو آهي. مان ان ڳالهه تي سوچڻ نٿو چاهيان پر پنهنجي جسم کي پنجن سالن کان کنهڻ ڪري پنهنجا حواس وڃائي رهيو آهيان. جيڪڏهن کنهڻ جو عمل جاري هجي ته اکين سان ڏسجندڙ سامهون وارو منظر، ڪنن سان ٻڌجندڙ آواز، آسپاس مان ايندڙ بوءِ ۽ وات ۾ پيل کاڌي جو سواد مبهم ۽ غير يقيني بنجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال صرف ان ڪري پيدا ٿي رهي آهي جو هڪڙي حواس يعني ڇهڻ کان کنهڻ جو ڪم ايترو گهڻو ورتو ويو آهي جو اهو پنهنجي حساسيت وڃائڻ ڏانهن مائل آهي. 

گذريل ڪجهه وقت کان مان خفيه تجربا ڪري رهيو آهيان. مثال طور مان جڏهن ڳوٺاڻن جي محفل ۾ ويهندو آهيان ته سمورا فرد کنهڻ، ڳالهائڻ ۽ کلڻ وغيره ۾ مصروف هوندا آهن ته مان کنهڻ جي عمل کي روڪي ڪنهن به ٻئي حواس کي وڌيڪ سجاڳ ڪري ڇڏيندو آهيان. ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي ته جڏهن مرڪزي اوطاق تي ڪچهريءَ جي محفل مَتي ته سمورن ڳوٺاڻن هڪ ئي وقت ڳالهائڻ شروع ڪيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ هر ڪنهن کي پنهنجي ڳالهه اهم ٿي لڳي ۽ ٻين جي غير اهم، نتيجي طور هرڪو پنهنجي لهجي ۽ جسماني انداز سان آواز کي اثرائتو بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ساڳي وقت هنن لاءِ پنچائت طرفان نافذ ٿيل کنهڻ جو عمل به جاري رکڻو ٿي پيو. اهڙي وقت مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ کنهڻ جي عمل کي ڍرو ڪري ڇڏيو ته جيئن ٻين جي ڀيٽ ۾ تيز ٻڌجندڙ آواز تي ڌيان ڏئي سگهان. ڪجهه هن قسم جا جملا منهنجي ڪنن ذريعي دماغ تائين موصول ٿيا. ”ڪوڏر ڪڏهن به واريءَ تي نه وهائڻ گهرجي، خاص طور جڏهن اوهان کي ڪنهن ڪم لاءِ واري گهربل هجي.“ ڪنهن ٻئي چيو: ”منهنجي واري اڃا مس آئي ته هن منهنجي بالٽي کڻي پري اڇلائي ۽ پاڻ پاڻي ڀرڻ لڳي.“ تڏهن هڪ آواز آيو: ”بهتر ٿيندو ته عورتن تي هٿ کڻڻ شروع ڪجي، خاص طور تڏهن جڏهن واريءَ جو احترام نه رهي.“ جواب ۾ ٻيو جملو هو: ”منهنجي ڳالهه سمجهي ڇڏيو، وقت واريءَ جيان هٿن مان نڪري رهيو آهي.“ آخري جملو حيران ڪندڙ هو، مون اکيون کوليون ۽ واجهائڻ لڳس ته اهو جملو ڪنهن چيو هو. ڳوٺاڻا ٿوري دير لاءِ کنهڻ وساري ويٺا، انهن جون اکيون منهنجي اکين ڏانهن هيون. اهو بس لمحي کن لاءِ ٿيو ۽ کنهڻ جو عمل پهريان وانگر جاري رهيو، سمورن کي اها ڄاڻ هئي ته مقدس حڪمنامي جي توهين نه ٿيڻ گهرجي. ان وقت مون کي به پڪ ٿي وئي ته ماڻهن منهنجي بند اکين کي ضرور ڏٺو هوندو. مان سمجهي نه سگهيس ته اها پنچائت جي حڪم جي انحرافي آهي يا نه. مون کي ڄاڻ هئي ته هن ڳوٺ ۾ انحرافي به هڪ مبهم ڏيک بنجي چڪو آهي. جيڪڏهن ڪو ڏيک مبهم هجي ته اهو مقدس ته ٿي سگهي ٿو پر سمجهڻ لائق هرگز نٿو ٿي سگهي. 

 مان ڪجهه نتيجا حاصل ڪري چڪو آهيان، ضروري ناهي ته ڪير انهن نتيجن سان متفق ٿئي. ڳوٺ ۾ هرڪو ٻئي کي سمجهائڻ جو اهل آهي پر پاڻ ٻين جي ڳالهه سمجهڻ جي لائق ناهي. اهڙي صورتحال ۾ مان کين ڪيئن ٿو سمجهائي سگهان ته ٻين جي ڳالهه سمجهڻ لاءِ اکيون بند ڪرڻ ضروري آهن. منهنجا نتيجا آفاقي ناهن، اهي صرف هن ڳوٺ تي لاڳو ٿين ٿا. منهنجا سمورا نتيجا هڪ قسم جو انومان آهن. مثال طور مان اهو سوچيان ٿو ته جنهن کي پنچائت ڏوهي قرار ڏئي سمورن ڳوٺاڻن کي کنهڻ جو حڪم جاري ڪيو اهو ”ڏوهي“ مان آهيان. توڙي جو مون کي پنهنجي ڏوهه جي خبر ناهي پر پوءِ به گهڻو امڪان اهوئي آهي. ڇاڪاڻ ته پنچائت مون کي سڌي طرح ڏوهي ظاهر ڪرڻ نٿي چاهيو، جيڪڏهن ائين ڪيو وڃي ها ته پنچائت کي ثبوت فراهم ڪرڻو پوي ها. ان طرح نئون سوال اهو پيدا ٿئي ها ته اڪيلي ڏوهيءَ کي سزا ڏيڻ جي بدران سمورن ڳوٺاڻن کي خارشزده ڇو بنايو ويو! هڪ ڳالهه طئي آهي ته پنچائت تمام ذهين ڪارڪنن تي مشتمل آهي. انهن کي اها ڄاڻ آهي ته ڏوهيءَ کي جيڪا اڻ سڌي سزا ڏني وئي آهي ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه سزا دنيا ۾ اڄ تائين نه آزمائي وئي آهي. مطلب اهو ته مان نافذ ٿيل قانون کان مٿڀرو آهيان. ڏوهي قرار ڏيڻ کان پوءِ ڪوبه قانون مون تي لاڳو ڪونه ٿو ٿئي. ٻين کي مسلسل خارشزده ڏسي مان آهستي آهستي خارش هجڻ باوجود کنهڻ وساري رهيو آهيان. شايد پنچائت جو اهو طريقو ڪارگر به آهي. يعني اوهان کي ڪن ۾ سور ٿئي تڏهن به اوهان پنهنجي آڱر ڪن ۾ نه وجهي سگهو. ڪيڏي نه عجيب سزا آهي، جيڪا اوهان تي لاڳو ڪانه ڪئي وئي آهي پر اوهان پاڻمرادو ان سزا کي ڀوڳڻ لڳا آهيو. اهڙي سزا اوهان تي گهڻ طرفو اثر ڇڏي ٿي. اوهان ٻين جي اڳيان پنهنجي حقيقت بيان ڪرڻ لاءِ نااهل ٿي چڪا آهيو. ان جو مطلب ته اوهان ردعمل کان عاري هڪ وجود آهيو. جنهن وٽ پنج حواس هجڻ جي باوجود مشاهدي جي قوت ختم ٿي چڪي آهي. آخري ڳالهه ته اها وڏائي اجائي سمجهبي ته رڳو مان ڏوهي آهيان، ٻيا ڳوٺاڻا ڏوهيءَ هجڻ جي ان اعزاز کان محروم آهن! مان ائين سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيان ته ٿي سگهي ٿو منهنجو تجزيو ۽ نتيجا بلڪل غلط هجن. حقيقت صرف ايتري هجي ته پنچائت جو ڪوبه وجود ڪونهي. اسان صدين کان ڳوٺاڻا آهيون. زندگي ملي آهي ۽ زندگي گذارڻي آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو فريب ٿي سگهي ٿو جنهن سان پاڻ کي ٺڳي زندگي گذارجي!