19 May 2015

ڳاڙهيون اکيون ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

هُو ٻئي هڪٻئي کي گهورين ويٺا، ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون آهن. ڳاڙهين اکين جو مطلب هميشه ڪاوڙ، بدلي لاءِ اتساهڪ يا اوجاڳيل نه هوندو آهي. ممڪن آهي هڪٻئي سان دوستي پيدا ڪرڻ لاءِ جذبات ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هجن. ٻئي جواخاني ۾ ويٺا آهن، ٻئي سموري پونجي هارائي چڪا آهن. شايد ان ڳالهه ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون هجن. اها خاطري آهي ته هنن پاڻ ۾ جوا ڪانه کيڏي آهي ۽ هڪٻئي کان ڪجهه به کٽيو يا هارايو نه آهي. ٻئي ڄڻا هڪٻئي لاءِ اجنبي آهن. هڪجهڙائي فقط ڳاڙهين اکين جي ڪري آهي، ڳاڙهين اکين کان سواءِ ٻنهي ۾ ڪابه هڪجهڙائي نه آهي. رنگن جي تضاد کان سواءِ مذهب جو تضاد به موجود آهي، پر مذهب جي تضاد کان ٻئي ڄڻا اڻ واقف آهن. ڪافي وقت کان ٻنهي ۾ چرپر بند آهي، ڄڻ طئي ٿي چڪو آهي ته آسپاس جي بجاءِ هڪٻئي جي اکين ۾ گهورڻ انتهائي ضروري آهي. ٻنهي جي صورت، قدڪاٺ، عقيدو ۽ رنگ وغيره سڀ ڪجهه الڳ آهن. معروضي حقيقت ٻنهي کي هڪجهڙو ثابت ڪري رهي آهي، يعني اهو ته ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون آهن. سچائي صرف ايتري آهي ته ٻئي پنهنجي سموري ملڪيت جوا ۾ هارائي ويٺا آهن. ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون آهن، ڳاڙهين اکين مان مختلف مطلب ڪڍي سگهجن ٿا.

هڪڙو الف آهي ۽ ٻيو ب، الف جي زال مَري چڪي آهي ۽ ب زال کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. اها به هڪ قسم جي هڪجهڙائي آهي ته ٻئي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ اڪيلا رهندا آهن. الف جي زال ان وقت مَري وئي جڏهن هن زال کي پسند ڪرڻ شروع ڪيو هو. پورا يارنهن سال هن زال کان نفرت ڪئي، پر جڏهن محبت جو وقت آيو ته هوءَ ٻار ڄڻيندي پاڻ به مُئي ته پاڻ سان گڏ ٻار کي به ساڻ وٺيو وئي. الف ان الميي جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪيو هو، سواءِ ويجهن عزيزن جي، جن کي ان واقعي جي اڳ ئي ڄاڻ هئي. ب زال کي تڏهن طلاق ڏني جڏهن زال جي محبت ۾ هن بيوفائي محسوس ڪندي پنهنجي ڪنڌ ۾ ڦاهي وجهڻ چاهي. زال خاطري ڏنس ته توکان سواءِ منهنجو ٻئي مَرد سان ڪو تعلق ناهي پر ب کي يقين نه آيو، هن چيو ”يا مون کي ڦاهي چڙهڻ ڏي يا مون کان طلاق وٺي جُدا ٿي وڃ“ سندس زال جُدا ٿي وئي ۽ هُن کي ڦاهي چڙهڻ کان بچائي ورتائين. نتيجو اهو نڪتو ته هُو اڄ جواخاني ۾ ڳاڙهين اکين واري شخص کي گهوري رهيو هو.

الف جي شادي ننڍي هوندي مائٽن ڪرائي ڇڏي ۽ ب پاڻ ئي ننڍي هوندي ضد ڪندي شادي ڪري ڇڏي. اها به هڪجهڙائي ڳڻپ جوڳي آهي ته ٻنهي جي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي. ب جو پيءُ ڪاروباري ماڻهو هو، هن نٿي چاهيو ته پٽ جي شادي ايتري ننڍي عمر ۾ ڪري ڇڏجي. پر ب چيو ”جي شادي نه ٿي ته مان گهر ڇڏي جهنگ منهن ڪندس، ڀلي پيا پوري حيات ڳوليو. جيڪڏهن آخر ۾ لڀي به ويس ته زنده حالت ۾ ڪونه لڀندس.“ اهڙي ڌمڪي ٻڌي ب جي ڪاروباري پيءُ هن جي شادي ڪرائي ڇڏي. الف سوچي ڇڏيو هو ته شادي چاليهه سالن جي عمر کان پوءِ ڪبي، پر هن جي طبيعت ۾ بغاوت ڏسي پڻس سرڪاري عهديدارن وٽ وڃي دانهيو ته ”هاڻ مان پٽ جو ڇا ڪيان؟ هُو ته اوهان جي خلاف بغاوت لاءِ آمده آهي ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.“ سرڪاري عهديدارن کيس چيو ته ”تون بي فڪر ٿي، اسان هن کي پاڻهي ئي ڦاسايون ٿا.“ ان کان پوءِ الف جي مائٽن سرڪاري عهديدارن سان سهڪار ڪيو ۽ الف جڏهن هوش ۾ آيو ته هن پاڻ ئي رڙيون ڪري چيو ته منهنجي شادي ڪرايو. ظاهر اهو ٿيو ته هن پنهنجي شادي رضامندي سان ڪئي هئي.

الف ۽ ب ٻنهي جون اکيون وڌيڪ ڳاڙهيون ٿينديون پيون وڃن. اهي ڪنهن به ٻئي طرف نهارڻ لاءِ هرگز تيار نه آهن. الف تي سرڪاري عهديدار اڃا تائين پهريداري ڪري رهيا آهن. انهن ڏٺو ته الف ب جي اکين ۾ تڪراري نوعيت سان نهاري رهيو آهي. هنن پاڻ ۾ ميٽنگ سڏائي ورتي ته الف جي اکين کي ٻئي طرف نهارڻ لاءِ ڪو خاص بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ ب جي حياتي خطري هيٺ اچي ويندي. بيشڪ سرڪاري عهديدارن جي حڪمت عملي هن خطي ۾ آفاقي قانون آهي. جيڪڏهن ب زنده رهيو ته الف هن جي اکين ۾ ڏسندو رهندو. الف جي اکين کي لاڳيتو هڪ طرف ڏسڻ نه گهرجي. جواخاني ۾ مَردن ۽ عورتن جو تعداد وڌڻ لڳو. تاريخ ۾ ڪڏهن به ايترا جوئاري هڪ محفل ۾ گڏ ڪونه ٿيا هئا جيترا هتي سرڪاري عهديدارن گڏ ڪري ورتا. الف ۽ ب مسلسل هڪٻئي جي ڳاڙهين اکين ۾ نهاري رهيا هئا. پر هر سيڪنڊ ۾ ڪا عورت يا ڪو مَرد ٻنهي جي وچ مان گذري ٿي ويا، يا وري ڪجهه دير لاءِ ڪي ٻه انسان وچ تي بيهي ٿي رهيا ته جيئن ٻنهي جي نظر هڪٻئي جي اکين تي نه پئجي سگهي.

الف ب کي خفيه اشارو ڪري چڪو هو ته سرڪاري عهديدار اسان جي وچ ۾ اچي رهيا آهن. ب اشارو سمجهي ويو ۽ ڳاڙهين اکين کي جُهڪائي اشارو ڪيائين ته هنن کي بيوقوف ڪرڻ تمام آسان آهي. الف لاءِ سرڪاري عهديدارن کي بيوقوف ڪرڻ جو ڪوبه تصور يا شعور ڪونه هو. ب ڀرسان بيٺل هڪ خوبصورت حسينه جي هٿ کي ڄاڻي واڻي ڇُهندي چيو ”معاف ڪجو غلطيءَ سان هٿ لڳي ويو، مون هميشه اهو پئي چاهيو آهي ته جيڪڏهن غلطيءَ سان ڪنهن کي ڇُهي وٺجي ته اهو مَرد هجڻ گهرجي.“

”تنهنجي خواهش پوري ٿي چڪي آهي، توڙي جو مان عورت آهيان پر منهنجا هارمونز مَرداڻه آهن. جيڪڏهن تون چاهين ته مون کي واش روم ۾ وٺي وڃي سگهين ٿو. منهنجي ٽنگن تي مَردن جيان وڏا ۽ گهاٽا وار آهن.“

”جيڪڏهن تون راضي هجين ته پوءِ ٻڌي ڇڏ، منهنجي جسم تي وار نالي ڪابه شيءِ ناهي. منهنجا هارمونز بلڪل عورتاڻه آهن. پنهنجي آقائن کان پڇي وٺ ته توکي واش روم وڃڻ جي اجازت آهي؟“

عورت پرُ اعتماد لهجي ۾ چيو ”مون کي لڳي ٿو ته تون هومو سيڪسيوئل آهين، توکي ڳاڙهين اکين واري سان پيار ٿي ويو آهي. مون نوٽ ڪيو آهي ته گذريل ويهارو منٽن کان تون هن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهين.“

”ڌوڙ وجهينس، هل ته هڪٻئي کي پنهنجا هارمونز ڏيکاريون.“

هوءَ هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي، ب ڏٺو ته اهڙي ئي هڪ حسينه الف وٽ به بيٺي آهي. هن سوچيو هي سرڪاري عهديدارن جو ڪرشمو آهي يا حسين ترين اتفاق! جيڪڏهن حَسين ترين اتفاق آهي ته پوءِ الف کي پنهنجي حالتن تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. هن حَسين عورت کي پنهنجا هارمونز ڏيکارڻ کان اڳ الف ڏانهن ڳاڙهين اکين سان گهوريو. محسوس ڪيائين ته الف جون اکيون هاڻ ڳاڙهيون ڪونه هيون. حَسينه هن جي پُٺ کان سندس ڇاتيءَ تي هٿ ڦيري رهي هئي. يعني الف هن کي جسم ڇُهڻ جي اجازت ڏئي چڪو هو. هن ٻيهر غور ڪيو، الف ۽ حَسينه ۾ ڪوبه فرق نظر ڪونه ٿي آيو. ٻئي هڪجهڙا نظر پئي آيا، ٻنهي جو رنگ، چهرو ۽ قدڪاٺ هڪجهڙو هو. ب کي سمجهه ۾ نه آيو ته اصل ۾ ٿي ڇا رهيو آهي. هن تڪڙ ۾ کيسي مان آئينو ڪڍيو، آئيني ۾ پنهنجو پاڻ ڏسڻ شروع ڪيائين. آئيني ۾ ته الف جو چهرو نظر پئي آيو، هن سوچيو ”مان ڪٿي آهيان؟“ هن ٻيهر ڀرسان بيٺل حَسينه جي جسم کي ڇُهي ڏٺو. ها، هيءَ ته بيشڪ موجود آهي. حَسينه چيو ”تنهنجو ڇا خيال آهي ته مان آهيان ئي ڪانه! ڀليو آهين، مان آهيان. الف ته شروع کان آهي ئي ڪونه. تو ته پنهنجون ئي اکيون آئيني ۾ پئي ڏٺيون.“

”ڪوڙ ٿي ڳالهائين، تون سرڪاري عهديدارن جي موڪليل آهين، فريبي ۽ مَڪار.“

”اڇا، تو ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته تون پاڻ کي اجايو الف سمجهندو رهيو آهين، الف ته محض بچاءُ جو هڪ جڙتو هٿيار آهي. اچي هي وٺ انيڪ آئينا ۽ پاڻ کي چڱي طرح ڏسي وٺ. الف جو وجود آهي ئي ڪونه.“

ب انتهائي بيوسيءَ جي عالم ۾ ٻيهر پنهنجو چهرو آئيني ۾ ڏٺو، جهڙو اڳي هو، اهڙو ئي هن وقت نظر پئي آيو. هن جواخاني ۾ چوطرف نگاهه ڊوڙائي، ڪٿي به الف نظر ڪونه آيو. هن سوچيو ته ”پوري پونجي هارائڻ کان پوءِ ڇا ائين ئي ٿيندو آهي جيئن مون سان ٿئي پيو؟“

حَسينه ٻيهر ڳالهايو ”هاڻ توکي سمجهه ۾ آيو، ته سرڪاري عهديدار هوندا ئي نه آهن؟“

”ها، ايترو سمجهه ۾ آيو ته اهي فريبي ۽ دوکي باز آهن ۽ تو جهڙيون حَسينائون هنن مسواڙ تي حاصل ڪري ورتيون آهن. انهن جي ذمي اهو فرض آهي ته ڀٽڪيل انسانن مان اجوڳ فائدو وٺن. تون پنهنجو فرض ڀرپور نموني ادا ڪري رهي آهين.“

حَسينه وراڻيو ”بس ايترو؟ ڀليو آهين، توتي ته ڄَمڻ کان وٺي نظر رکي پئي وڃي، ائين نه؟ اسان جا سرڪاري عهديدار هميشه کان ذهين ۽ هوشيار آهن. اهي ٻار جي ڄَمڻ کان ئي پهريداري شروع ڪري ڇڏيندا آهن. توکي ياد آهي ته تو جاسوس ٿيڻ پئي چاهيو؟“

”بيهوده ۽ مَڪار حَسينه، ٻڌي ڇڏ! مان طبعي طور غلام ضرور آهيان پر روحاني طور اوهان مون کي قيد ڪري نٿا سگهو. ٻڌائي ڇڏ پنهنجي سرڪاري عهديدارن کي. ڪڍي ڇڏ هنن جي ذهنن مان خوشفهمي!“

”سرڪاري عهديدارن خوشفهمي ڪڍي ڇڏي هوندي، الف هجي يا ب اهو سرڪاري عهديدارن جي نظر کان بچي ڪونه ٿو سگهي، ائين نه؟. تون جيڪڏهن باغي ناهين ته پوءِ واش روم ۾ هل ته هارمونز جي تورتڪ ڪيون. سنسار ائين ئي هلي پيو، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. سرڪاري عهديدارن کان بچي سگهڻ ممڪن ئي ناهي، کوڙ ڀيرا اها ڳالهه ٻُڌي اٿم. اهي ته تو جهڙن جي طبيعت ۽ ذهني لاڙن کي به پنهنجي وس ۾ ڪيو ويٺا آهن. تو جهڙن سمورن سوچيندڙ ذهنن جي قسمت هنن جي هٿ ۾ آهي. بغاوت تو جهڙن لاءِ فقط خواهش ئي ٿي سگهي ٿي، حقيقت نه!“

ب ٻيهر آئينو کنيو، غور سان آئيني ۾ ڏٺائين. هن کي ڪوبه الف نظر ڪونه آيو. البته هن جون پنهنجون اکيون ڳاڙهيون هيون. هُو جواخاني ۾ پنهنجي سموري پونجي هارائي چڪو هو. هن آئيني مان نظرون هَٽايون، ڀرسان ڪابه حَسينه ڪان هئي. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هُو الف آهي يا ب. جيڪو به آهي اهو حقيقت ۾ سموري ملڪيت هارائي ويٺو آهي ۽ سرڪاري عهديدار هن تي ڄَمڻ کان وٺي نظر رکيو ويٺا آهن. جيڪو به نظر اچي پيو اهو دراصل هڪ دوکو آهي. الف جي شادي زوريءَ مائٽن ڪرائي ڇڏي يا ب ضد ڪري پاڻ شادي ڪئي، ٻنهي ڳالهين ۾ ڪوبه فرق ناهي. اهو سڀ سرڪاري عهديدارن جو لکيو آهي. هن سوچيو ته ”سرڪاري عهديدار به هڪ ڏينهن مَري وڃڻا آهن، اهي به مون جيان پاڻ کان اعليٰ سرڪاري عهديدارن جا غلام آهن. هن دنيا ۾ هر ڪنهن کي ڊڪٽيشن ملي ٿي ۽ جن کي نٿي ملي انهن جي سڃاڻپ ختم ڪري انهن کي الف يا ب قرار ڏنو ويندو آهي.“

9 May 2015

گهر جو رستو ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

مان سمنڊ ڪناري اڪيلو آيو هوس، هوءَ وچ ۾ ڪٿان اچي وئي. في الحال ته مون کان ڪافي پري آهي، ٿي سگهي ٿو ته هوءَ پنهنجي منهن آئي هجي. مون کيسي مان سگريٽ ڪڍيو، هڪڙي تيلي، ٻي تيلي، ٽين تيلي. گرمين جي سامونڊي هوا ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو ڪنارو. انهيءَ ميلاپ هميشه تاريخ ۾ جاءِ والاري آهي. چوٿين تيلي، سگريٽ دکي ويو. دکي ته ويو پر سگريٽ مان بارود جي بوءَ ڇو ٿي اچي، بارود ۽ سگريٽ ٻئي ٻرندا آهن شايد ان ڪري. هن کي ٿيو ڇا آهي پهريان مون طرف ڀڳي ٿي آئي، هاڻي هتان کان پري ڀڳي ٿي وڃي، ڪٿي معاملو خوف جو ته ناهي. گهر جي ڀرسان جيڪڏهن پوليس وارو رهندو هجي ته مون کي تحفظ محسوس ٿيندو آهي، ممڪن آ اوهان کي ائين محسوس نه ٿيندو هجي. جيڪڏهن واقعي تحفظ محسوس نٿو ٿئي ته پوءِ پڪ اوهان جي دل ۾ جرم جو احساس موجود آهي. مان اوهان تي الزام ڪونه پيو هڻان، مان بس ايترو چوڻ چاهيان ٿو ته مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي. ان طرح محسوس ٿيڻ جو مطلب آهي مون وٽ ڪوبه احساس جرم ناهي، جيڪڏهن هجي ها ته مان به غير محفوظ محسوس ڪيان ها. غير محفوظ مون تڏهن به محسوس ڪيو هو جڏهن مان ڪنهن هنڌ ويٺو هوس، اوچتو ٽي ڄڻا موٽر سائيڪل تان لٿا. هڪ ڄڻو غائب ٿي ويو، ٻيو وڃي ناليءَ تي ويٺو ۽ ٽيون بيٺل موٽر سائيڪل مٿان ويهي انتظار ڪرڻ لڳو. غير محفوظ ٿيڻ ۽ خوف محسوس ڪرڻ ٻه الڳ ڪيفيتون آهن. مان بي خوف هوس، پر ڪنهن حد تائين پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪري رهيو هوس. ماضيءَ کي ماضيءَ ۾ دفن ڪجي، حال تي اک رکجي ۽ مستقبل بابت صرف سپنا ڏسجن. ٻي صورت ۾ سمورا معاملا هڪٻئي سان ملي خطرناڪ مسئلو پيدا ڪري وجهندا. جيئن هن وقت مون سان ٿئي پيو، هوءَ ٻيهر منهنجي طرف ڊوڙندي پئي اچي. هن جي ڊوڙڻ ۾ اهڙي چال نظر اچي ٿي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ مون تائين ڪڏهن به ڪانه پهچندي.

سنڌ ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارا کوڙ علائقا آهن. جتي مان ويٺو آهيان ان بابت تاريخدان لکن ٿا ته سڪندر اعظم سنڌ ۾ خون خرابي ڪرڻ کان پوءِ هتان ئي روانو ٿيو هو. پڪ ناهي ڇاڪاڻ ته چون ٿا سنڌوندي جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ته پاڻ سان گڏ مٽيءَ جو جام ذخيرو پڻ آڻي ٿي. اها تاريخ جي ورقن ۾ انتهائي معتبر ۽ طاقتور ندي رهي آهي. جنهن هميشه پنهنجي مخالف سمنڊ جي ڇولين کي پوئتي پئي ڌڪيو آهي. پوئتي ڌڪڻ سان گڏ سمنڊ جي علائقي تي قبضو ڪندي رهي آهي. اها تاريخ آهي پر مان جنهن تاريخ جي ڳالهه ڪيان پيو ان ۾ سمنڊ سنڌ جي زمين کي لتاڙيندي اڳتي وڌي رهيو آهي. يعني سنڌوءَ جي ويڙهه سمنڊ سان هميشه کان جاري آهي، سمنڊ ۽ سنڌو هڪٻئي سان مقابلي ۾ آهن. مقابلو هلندڙ آهي اتي مون جهڙا پسو ڪوبه ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن. بلڪل ائين جيئن هوءَ ڪنهن وقت منهنجي طرف ڊوڙندي نظر ايندي آهي ته ڪنهن وقت منهنجي مخالف طرف. هُن کي صرف ڊوڙڻ پسند آهي ۽ هوءَ مسلسل ڊوڙي رهي آهي. هن جا وار تمام ڊگها آهن، چيلهه کان به هيٺ تائين. پر اهي هن وقت پاڻي سان آلا آهن. پڪ سان هن گرميءَ سبب سمنڊ ۾ ٻه چار ٽٻيون هنيون هونديون. هي منهنجي ڀرسان رکيل صاف پاڻيءَ جي بوتل ۽ گلاس ڪاڏي گم ٿي ويا! هوءَ پري کان ڏسجي رهي آهي، هن کي چار ٽڪرا ڪپڙن جا پاتل آهن. ٻه ٻاهريان ۽ ٻه اندران، ٻاهريان ته سمنڊ پاڻيءَ سان پُسي ويا آهن. تنهن ڪري اندريان ٽڪرا ٻاهران ظاهر ٿي پيا آهن. هوءَ جيڪڏهن مون سان گڏ سمنڊ ڪناري آئي آهي ته مون کي کائنس صاف پاڻيءَ بابت پڇڻ گهرجي. پر جيڪڏهن هوءَ اڪيلي ۽ پنهنجي منهن آئي آهي ته پوءِ پاڻي بوتل ۽ گلاس جي گمشدگيءَ جو مان پاڻ ذميوار آهيان.

شايد اهو سچ آهي ته سڪندراعظم هتان کان سوين ڪلوميٽر سمنڊ جي اندر طرف لشڪر لاءِ پڙاءُ ڪيو هو. ان دور ۾ سنڌو طاقتور هئي، يعني سمنڊ تي حاوي. مان هن کان ٻه هزار سال پوءِ ساڳي جاءِ تي پهتو آهيان، يقينن هيءَ ساڳي جاءِ ناهي پر ساڳيو رستو ضرور آهي. مان سڪندر جي ماضيءَ واري ڪناري کان سوين ڪلوميٽر (پوري خاطري ناهي) پٺتي يعني اتر طرف آهيان. منهنجي دور ۾ سنڌوءَ کي باندي بنايو ويو آهي، هن جي طاقت هن کان وڌيڪ طاقتور ڌرين جي هٿ ۾ اچي وئي آهي. هن دور ۾ طاقتور ڌريون نٿيون چاهين ته سنڌو طاقتور رهي ۽ سمنڊ کي شڪست ڏيندي رهي. اهو سياسي معاملو آهي. سوين ڪلوميٽر سمنڊ جي اندر طرف ڪاهي وڃڻ جو مطلب آهي ته ان وقت سنڌو طاقتور ندي هئي. سمنڊ کان به وڌيڪ طاقتور، ان سمنڊ جي سوين ميلن تي قبضو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن سنڌوءَ کان طاقت کسجي وئي ته سمنڊ جي طاقت وڌي وئي. نتيجي ۾ سنڌ جي زمين تي سامونڊي ويريون چڙهي آيون ۽ ايڪو سسٽم  کي تباهه ڪرڻ لڳيون. مان ايڪو سسٽم بابت وڌيڪ نٿو ڄاڻان، پر بيهوده ۽ مڪار انسانن  فطرت جي ايڪو سسٽم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مڇيون انسان جي گندگيءَ سبب مَري رهيون آهن، آبي جاندارن کي وڻن مان کاڌ خوراڪ ملڻ گهٽجي وئي آهي. هوءَ مون سان گڏ آئي هئي يا نه پر اها اڃا تائين ڊوڙي رهي آهي. مان ته ائين ٿو سمجهان هن تي ڪنهن اعليٰ آفيسر طرفان جرم جو ثبوت ڏيڻ سبب سزا مسلط ٿي چڪي آهي. سزا جا به عجيب معيار آهن، ڊوڙندا رهو، هميشه ڊوڙندا رهو. تان جو اوهان جو آخري وقت اچي وڃي.

ڇا مان هن جي موت جو تماشو ڏسڻ آيو آهيان، نه منهنجي يادگيري ايتري پختي ناهي. هوءَ خطاوار آهي ته کيس سزا ضرور ملندي. مان اهو سمجهڻ کان غافل آهيان ته هن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي آهي. هن جو قصو سسيفس سان ملندڙ جلندڙ آهي، يعني اجائي ۽ لغو محنت. لڳي به ائين ٿو ته مقتدر ڌريون هن کي مون تائين پهچڻ هرگز نه ڏيندو. مان ته اهو به نٿو ڄاڻان ته سامونڊي ڪناري تي اسان گڏ آيا هئاسين يا اڪيلا اڪيلا. جيڪڏهن اڪيلا آيا هئاسين ۽ هوءَ طاقتور انساني ڌر طرفان سزا يافته آهي ته پوءِ مان هن جي دفاع ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. هن کي سسيفس جيان ڪجهه ميل اولهه ته ڪجهه ميل اوڀر طرف هميشه لاءِ ڊوڙڻو پوندو. هوءَ اڃا تائين ڊوڙي رهي آهي، اطمينان جي ڳالهه اها آهي ته هوءَ بلڪل به ٿڪل ڪانه ٿي لڳي. هن جي جسماني توانائي مون کان ڏهوڻ تي بهتر آهي، مون سوئمنگ پولز تي آزمائي ڏٺو هو. هوءَ سنڌوءَ جيان مضبوط ۽ محفوظ آهي، موجوده سنڌو ته سنڌ جي زمين مقابلي ۾ سمنڊ کان هارائي چڪي آهي. ان ۾ ڏوهه سنڌوءَ جو ناهي، سنڌوءَ تي ڪيئي مذهبي نانءُ ۽ رسمون ٿاڦيون ويون. ان کي ازلي ماتا جي کير ڌارا سمجهيو ويو، جيڪا سمورن مصيبتن ۽ آفتن کي ختم ڪندڙ هئي. منهنجي ساٿي ڊوڙ پائي مون ڏانهن اچي ٿي ۽ غائب ريڊ لائن تان واپس موٽي وڃي ٿي. ڪٿي ائين ته ناهي ريڊ لائن کي منهنجي موت سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. مان ته هڪ شڪي ڳالهه پيو ڪريان پر هوءَ ڊوڙون پائيندڙ سموري حقيقت کان واقف آهي.

سڪندر منهنجي تيرن ۽ ڀالن سان زخمي ٿيو هو، مهينن تائين هُو بستر مرگ تي ستل رهيو هو. افواهه اهي هئا ته سڪندراعظم مَري چڪو آهي. پر هُو مئو ڪونه هو، صرف زخمي حالت ۾ هو، هن جا گهاءُ گهرا هئا. مون جهڙي جنگجو کان بچڻ ڪو آسان ڪم ته نه هو. هُو اسان جي دفاعي قلعي جي ويجهو پهچي چڪو هو. مان ته انهيءَ گهات ۾ هوس ته دشمن منهنجي علائقي جي ويجهو اچي. سڪندراعظم سمجهيو ٿي ته مون کان وڌيڪ ڪوبه جنگجو دنيا ۾ موجود ناهي، پر اها سندس ڀُل هئي. جيئن ئي هُو ڏاڪڻ ذريعي قلعي ۾ داخل ٿيو ته منهنجي حڪم تي باقي سموريون ڏاڪڻيون ڪيرايون ويون. باهه ۽ زهر جا تير وسايا ويا، هن جا سڀ ساٿي هڪ هڪ ڪري گهايل حالت ۾ قلعي جي ٻاهرين طرف ڪِرڻ لڳا. اڪيلو سڪندر ڏاڪڻ پار ڪري قلعي اندر داخل ٿي ويو، مون کي پراڻي محبوبه جو پلاند ڪرڻو هو جنهن کي هُن پنهنجي سپاهين حوالي ڪري ڇڏيو هو. هوءَ زنده هئي يا نه ان ڳالهه جي مون کي اڄ تائين ڪابه خبر ناهي. پر هن منهنجي محبوبه سان برو سلوڪ ضرور ڪيو هو. منهنجو نشانو ڪڏهن به خطا نه ٿيندو آهي، ديوار جي اوٽ مان بيهي نشانو تاڻي مون سڪندر جي سيني تي زهريلو تير وهائي ڪڍيو. هُو مَرڻ وارو هو جيڪڏهن مان قلعي جي ديوار تان تڪڙ ۾ هيٺ لهي سگهان ها. سڪندر جي خوشنصيبي جو هن جا ساٿي پهچي ويا ۽ هن کي زخمي حالت ۾ قلعي مان بچائي نڪري ويا.

هوءَ اڃا تائين ڊوڙون پائي رهي آهي، سڪندر سان ويڙهه ۽ هاڻي واري وقت ۾ ٻه هزار سالن جي وٿي آهي. پڪ سان هوءَ مون سان گڏ سنڌوءَ جي سامونڊي ڇوڙ واري علائقي تائين گڏ نه آئي آهي. مون اڳ به چيو هو ته ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڪيئن منهن ڏجي. جيڪڏهن سڀ گڏجي ويندا ته معاملو سمجهه کان ٻاهر ٿي ويندو. ائين ئي ته ٿيو آهي، سڪندر جو لشڪر پنهنجي پر ۾ مون کي ماري چڪو آهي ۽ سڪندر کي زخمي حالت ۾ قلعي مان کڻي فرار ٿي ويا آهن. مون سمورن سنڌ جي سورمن جي گڏجاڻي گهرائي، هدايت ڪيم ته ٻيڙين ٺاهڻ لاءِ جيڪي به آسپاس وڻ هجن انهن کي راتاهي واري انداز سان وڍي ساڙي ڇڏيو. منهنجي حڪم تي عمل ڪيو ويو، پر منهنجا ڪافي جوڌا مَري چڪا هئا. اهي ان ڪم کي مڪمل طرح انجام نه ڏئي سگهيا. سڪندر پنهنجي لشڪر لاءِ کوڙ نيون ٻيڙيون تيار ڪرائي ورتيون. هن کي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته مان سنڌ کي مرضيءَ مطابق فتح نه ڪري سگهيو آهيان، جيئن ايران کي ڪيم. هُو پاڻ سان گڏ افسوس ۽ پسپائي سميت هتان کان فرار ٿيڻ جي ڪوششن ۾ هو. مان هن وقت جتي ويٺو آهيان اتان جا سمورا کوهه ۽ پاڻيءَ ذخيرا  تباهه ڪرائي ڇڏيا هئم. هن جي لشڪر کي پاڻي نه ملي سگهيو، هن جا کوڙ سارا سپاهي بک ۽ اڃ ۾ بيحال ٿي مَري ويا. هنن اجتمائي قبرون ٺاهي سپاهين کي پوري ڇڏيو ۽ پاڻيءَ جي نون ذخيرن جي تلاش ۾ نڪري پيا. اهو سنڌوءَ جو ڊيلٽا هو، ڊيلٽا جي همدردي اسان سان هئي. پر خدا سبب کان سواءِ ڪڏهن به رحم نه ڪندو آهي. يونانين وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ پاڻي هٿ ڪري ورتو، ڪيئي ٻيڙيون به تيار ڪري ويا. هنن تڪڙ ۾ سنڌ مان نڪرڻ ٿي چاهيو، هنن لاءِ سنڌ مان نڪرڻ سڀ کان وڏو معرڪو هو.

منهنجي نئين محبوبه ٻه هزار سال پوءِ جي آهي. ان کي سڪندر ڇا ٿي ڪري سگهيو، هُو ته ماضيءَ ۾ مَري کپي ويو آهي. هن جو موت جوانيءَ ۾ ٿيو، اهڙو وقت به آيو جڏهن هُو منهنجي زهريلي تيرن جا گهاءُ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ يونان واپسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيائين. سڪندر، عظيم نه آهي بلڪه هُو ڀاڙيو هو. اڪثر طاقتور حقيقت ۾ ڀاڙيا هوندا آهن. حقيقي طاقتور ۽ جوڌو اهو آهي جيڪو ڪمزور کي سهارو ڏئي پر سڪندر انتهائي ظالم ۽ بيهوده انسان هو. هن هميشه ڪمزورن تي حمله ڪيا، مقدونيه جو بادشاهه ۽ ارسطو جو شاگرد سنڌ مان نڪرندي ئي ڪتي جي موت مَري ويو. منهنجي زهريلي تير کي تاريخ ۾ ڪابه جاءِ نه ملي. تاريخ ڪوڙ جا دستاويز آهن، ڪوڙ جا دستاويز لافاني نه هوندا آهن. مان وڌيڪ ماضيءَ کي کوٽڻ نٿو چاهيان، سڪندر بي گناهه ۽ معصوم انسانن جو رت وهايو هو. تاريخ ڀلي هن کي فاتح، بهادر ۽ جوڌو سمجهي پر اصل ۾ هُو ڀاڙيو هو. ڀاڙيي کي مانُ ڏيڻ خود هڪ ڀاڙيائپ آهي. مون هميشه ماضيءَ کي دفن ڪرڻ پئي چاهيو آهي. ٻڌي ڇڏ اي سڪندر! تنهنجي عظمت سنڌ جي مٽيءَ تائين پهچي خاڪ ۾ ملي وئي. تاريخ توکي ڀلي عظيم، جوڌو يا بهادر سمجهي پر تون بزدل، ڀاڙيو ۽ ارسطو جي عظمت کي خاڪ ۾ ملائيندڙ انسان هئين. توکي ذليل ٿي مَرڻو هو ۽ تون واقعي ذليل ٿي مري چڪو آهين.

سنڌ ته اڄ به ڪيترن ئي سڪندرن جي گهيري ۾ آهي، ممڪن آهي ته مسلسل گهيرن ۾ رهندي سنڌ غرق ٿي وڃي پر مان توکي تاريخ جو عظيم انسان هرگز قرار ڪونه ڏيندس. تون بلڪل چنگيز خان يا محمود غزنوي جيان آهين. جاهل ۽ اڻ گهڙيو ڪاٺ، توکي ياد آهي ته ارسطو توکي ڇا سيکاريو هو! ٻيهر ياد ڪر، پر تون ڇا ياد ڪندين تون ته مُئل ماڻهو آهين. بلڪل ائين جيئن سلطان صلاح الدين ايوبي، جنهن جي قبر تي ڀاڙيا اڄ به لت هڻي چوندا آهن ته ايڏو بهادر آهين ته قبر مان نڪري اچ ۽ بيت المقدس جو دفاع ڪر. قبر مان نه تون نڪري سگهندين ۽ نه ئي صلاح الدين. اها ڀيٽ شخصيتن جي نه آهي، پر اها ڀيٽ موت کان پوءِ جي حقيقتن جي ضرور آهي. تاريخدان ته ماضيءَ ۾ ويڪائو مال رهيا آهن. ايوبي جو تاريخدان هن کي سورمو ڪري پيش پيو ڪري ۽ تنهنجو تاريخدان توکي عظيم فاتح ڪري پيش پيو ڪري. اهڙو فاتح جنهن جُهڪڻ وارن کي معاف ڪيو ۽ مزاحمت ڪندڙن سان جنگ ڪئي. انتهائي بيهوده تاريخ جيڪا ثابت ڪري ٿي ته پنهنجي وطن لاءِ مزاحمت ڪندڙ سورما نه هئا، بلڪه ڪنڌ جُهڪائڻ وارا معافي لائق ۽ سورما هئا. سنڌ خوشحاليءَ جي دور ۾ به پاڙيسرين تي حملا ڪونه ڪيا.  پر تو پرامن قومن تي حملا ڪيا، تون تاريخ جي بدترين ۽ بيهوده شخصيت آهين. عرب جاهلن توکي قرآن ۾ وجهي امر ڪري ڇڏيو. عرب جاهلن سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ کي به پنهنجي ٻوليءَ تحت ذوالقرنين سان توکي ياد ڪيو. هنن سج جي لهڻ ۽ سج جي اڀرڻ کي توسان منسوب ڪري وڏي غلطي ڪئي. سج پاڻياٺي گپ ۾ لهندو آهي ۽ پاڻياٺي گپ مان اڀرندو آهي. هنن خدا جي اسرار لاءِ تنهنجو سهارو ورتو، پر اهو سهارو عارضي آهي. زمين گولائيءَ مائل آهي، اها هڪ سڌي پليٽ جيان ناهي. حيات ۾ شڪست تنهنجو مقدر هئي ۽ موت کان پوءِ به شڪست تنهنجو مقدر رهندي.

مون سنڌوءِ جي ڇوڙ وٽ ٻيو سگريٽ دکايو، پهرين تيلي ڪم ڪري ڏيکاريو. سمنڊ ڪناري سگريٽ پيئڻ جو پنهنجو مزو آهي. هُن کي ڇا ٿيو آهي جو هوءَ مسلسل ڊوڙي رهي آهي. ها ياد آيو ته مون هن کي فون ڪري چيو هو ته هلون ٿا لانگ ڊرائيوَ تي. هن راضپو ڏيکاريو هو، هن وقت هوءَ ٽو پيس ۾ ڊوڙي رهي آهي. هن پنهنجا ٻاهريان ڪپڙا ڪٿي ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن. ايوبي يا غزنوي ڀلي قبرن ۾ تڙپندا هجن پر مان انتهائي خوش آهيان. ڇاڪاڻ ته مون هن کي ڪونه چيو هو ته ٻاهريان ڪپڙا لاهي ڦٽي ڪري ڇڏي. هوءَ ڊوڙي ڊوڙي ساڻي ٿي پئي آهي، هن وقت هوءَ منهنجي طرف ٿڪل حالت ۾ ڊوڙندي ٿي اچي. ويجهو آئي ۽ ڀرسان ويهي رهي، چوڻ لڳي: ”پڪ سان تون ذهني خرافات ۾ منجهيل هئين، تنهنجي ان ادا ته مون کي ديوانو ڪري ڇڏيو آهي.“

”اهو ڀلا ڪيئن؟“

”سادي ڳالهه آهي، تنهنجا ڀرون مٿي تاڻيل هجن، ان جو مطلب توکي ڊسٽرب نه ڪجي، نرڙ ۾ گهنج نظر اچن ته توکي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ گهرجي. جسم جي مختلف حصن تي خارش هجي ته پوءِ به توسان نه ڳالهائڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تنهنجي اکين ڀرسان اڀريل حصا نظر اچن تڏهن به توکي اڪيلائي کپندي آهي.“

”اها ڄاڻ ته مون کي به ناهي، توکي ڪيئن ٿي خبر پئجي وڃي؟“

”متان وسارين ته مان تنهنجي پرسنل سئڪاٽرسٽ آهيان، مون کي مَڃتا طور کوڙ ميڊل مليا آهن.“

”سچ ٿي چوين، مون کي سمورو حال ياد آهي.“

هن پنهنجا چَپ منهنجي چَپن تي رکي ڇڏيا، پوءِ چَپ هٽائيندي چيائين ”تون ڪڏهن به سورمو نه رهيو آهين، خواهشن کي نيلام ڪري ڇڏ. جڏهن وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي تڏهن انسان مڪمل طور آزاد ٿي ويندو آهي.“

”مان توکي ٻيهر وڃائڻ نٿو چاهيان.“

”مان صرف تنهنجي ڊاڪٽر آهيان، مون کي نئين محبوبه سمجهڻ ڇڏي ڏي. منهنجو مڙس مون سان تمام گهڻو پيار ڪندو آهي ۽ مون کي ٽي پيارا ٻار به آهن.“

”مڙس؟ ٽي ٻار! تون ڪوڙي آهين. جيڪڏهن سچ ٿي چوين تڏهن به تو مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي.“

”ها، صرف ايتري ته تنهنجو علاج ڪرڻ خاطر مون ٻاهريان ڪپڙا لاهي ڇڏيا هئا. هاڻي مان ٻاهريان ڪپڙا پائيندس، اسان ٻنهي کي واپس موٽڻو آهي.“

مون کي ٻيهر سوچڻو پيو ته هوءَ مون سان گڏ آئي هئي يا پنهنجي منهن! بهتر ٿيندو ته هوءَ مون کي منهنجي گهر تائين پهچائي ته جيئن مان اڪيلائيءَ ۾ معاملي جي حقيقت تائين پهچي سگهان.

”ٺيڪ آهي، هڪڙي مهرباني ڪر، مون کي منهنجي گهر تائين پهچائي ڇڏ، مان پنهنجي گهر جو رستو ڀلجي ويو آهيان.“