21 Aug 2019

مان رنگن بابت ڪجهـ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ـ ظفر

مان رنگن بابت ڪجهـ ٻڌائڻ چاهيان ٿو. مثال طور مون کي جيڪو نيرو رنگ نظر ايندو آهي، ممڪن آهي تہ اهو اوهان کي ناسي نظر ايندو هجي. جيڪو بہ رنگ هجي پر اسان ان کي گڏيل طور هڪ نالو ڏئي ڇڏيو آهي تہ اهو اڇو رنگ آهي. اڃا بہ واضع ڪرڻ گهرجي، جڏهن بہ اوهان ناسي رنگ ڏسندا تہ اوهان چوندا اهو اڇو رنگ آهي ۽ جڏهن بہ مان نيرو رنگ ڏسندس تہ چوندس اهو اڇو رنگ آهي. مونجهاري جو ڪو معاملو ڪونهي، هر انساني اک نظاري کي اصل رنگ سان ڏسي اهو ناممڪن آهي. اهو طئي آهي تہ جيڪو رنگ مون کي نيرو نظر اچي ٿو ۽ اوهان کي ناسي تہ پوءِ پاڻ ان ڳالهـ تي متفق آهيون تـ اهو اڇو رنگ آهي. يعني اسان صرف اجتماعي نالو ڏنو آهي، رنگ جي اصل هيئت بابت اسان ڪجهـ بہ نٿا ڄاڻون ۽ اهو ڄاڻڻ بہ ناممڪن آهي ـ

 ____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 21 آگسٽ 2019