هوءَ جڏهن به منهنجي سامهون گذرندي هئي مان آپي مان نڪري ويندو هوس. آپي مان نڪرڻ جو مطلب جسماني نه پر ذهني طرح آهي. مان چاهيندو هوس ته هن کي پنهنجي ٻانهنَ ۾ ڀري ڇڏيان، ايترو زور سان جيترو هوءَ برداشت ڪري سگهي. پر هن ته ڪنڌ ورائي ڪنهن مَرد ڏانهن نهارڻ به پسند نٿي ڪيو. اکين جي نيري گول دائري ٻاهران باقي سمورو حصو هميشه ڳاڙهو. يا ته هوءَ نشو ڪندي هئي يا سندس اکيون قدرتي طرح ڳاڙهيون هيون. ممڪن آهي هوءَ اوجاڳن ۾ وقت گذاريندي هجي، چوندا آهن ته اوجاڳي ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن. بهرحال اکين جو نيرو هجڻ ۽ چوطرف ڳاڙهاڻ مون کي آپي مان ڪڍڻ لاءِ ڪافي هئا. هن جو رنگ سفيدي مائل يا ائين کڻي چئجي ته سندس رنگ اهڙي قيديءَ جيان هو جنهن کي عمر قيد جي سزا ملي هجي. جنهن کي عمر قيد جي سزا ملندي آهي اهو اڪثر اُس کان محروم رهندو آهي، نتيجي ۾ ان جو رنگ انتهائي ڀورو ٿي ويندو آهي. پر هتي معاملو ابتڙ هو، گرمي هجي يا سردي هن جي چهري جو رنگ هميشه ڀورو. مون هن بابت آسپاس گهڻي پڇا ڪئي پر ڪابه معلومات نه ملي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هوس ته پڪ سان هي ڪا خوبصورت ڏائڻ يا فرشتو آهي جيڪو ڌرتيءَ جي انسان کي آزمائڻ لاءِ لٿو آهي. ها، واقعي هن جي چهري تي عجيب سڪون ۽ بي نيازي محسوس ٿيندي هئي. هن کي وسارڻ ناممڪن آهي، هن جو هلڻ، هن جون اکيون، هن جي بيباڪي ۽ بي نيازي ڀلا ڪيئن ٿا وساري سگهجي.
ائين به ڪونهي ته هوءَ رڳو مون کي نظر ايندي هئي ۽ ٻين کي نه، پڪ سان ٻين کي به نظر ايندي هوندي پر ڪوبه هن ڏانهن اک کڻي نه نهاريندو هو. منهنجي نظر ته الف کان وٺي ي تائين هن جو پيڇو ڪندي هئي. هن جي جسماني بناوٽ مون کي موهي وڌو هو. صبح جو ڏسندو هوس ته مدهوش ٿي ويندو هوس. شام تائين نشا گهٽجڻ لڳندا هئا ته هوءَ ٻيهر نظر اچي ويندي هئي. هوءَ اهڙي هئي ڄڻ سوين سالن جو سانڍيل پراڻو شراب، اهڙو شراب جنهن جا ٻه پيگ پوري ڏينهن لاءِ ڪافي هجن. مون کي يقين آهي ته اها حالت صرف منهنجي هئي، ٻئي ڪنهن به هن بابت ان طرح جو اظهار نه ڪيو. بلڪه لڳندو ائين هو ڄڻ هوءَ صرف مون کي نظر ايندي آهي ٻين کي نه. پر اهو سچ نه هو، هوءَ سڀني کي نظر ايندي هئي. ڳالهه سمجهائڻ لاءِ مان رنگن بابت ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. مثال طور مون کي جيڪو نيرو رنگ نظر ايندو آهي، ممڪن آهي ته اهو اوهان کي ناسي نظر ايندو هجي. جيڪو به رنگ هجي پر اسان ان کي گڏيل طور هڪ نالو ڏئي ڇڏيو آهي ته اهو اڇو رنگ آهي. اڃا به واضع ڪرڻ گهرجي، جڏهن به اوهان ناسي رنگ ڏسندا ته اوهان چوندا اهو اڇو رنگ آهي ۽ جڏهن به مان نيرو رنگ ڏسندس ته چوندس اهو اڇو رنگ آهي. مونجهاري جو ڪو معاملو ڪونهي، هر انساني اک نظاري کي اصل رنگ سان ڏسي اهو ناممڪن آهي. اهو طئي آهي ته جيڪو رنگ مون کي نيرو نظر اچي ٿو ۽ اوهان کي ناسي ته پوءِ پاڻ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته اهو اڇو رنگ آهي. يعني اسان صرف اجتماعي نالو ڏنو آهي، رنگ جي اصل هيئت بابت اسان ڪجهه به نٿا ڄاڻون ۽ اهو ڄاڻڻ به ناممڪن آهي. تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ٻين لاءِ ايتري پرڪشش نه هجي جيتري مون لاءِ هئي.
سلوار، چولو ۽ رنگدار رئو، اهو هو هن جو ظاهري لباس. چهري جو رنگ سفيدي مائل پر انتهائي ڀورو، هن جي چال مردانه، وکون وڏيون ۽ ٻانهنَ جي شاندار لوڏ. اهو منهنجو ذاتي تجزيو آهي، ٻين کي ممڪن آهي ته ائين نظر نه ايندو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اهي هن کي سست وکون کڻندي ڏسندا هجن. ٿي سگهي ٿو ٻين کي هوءَ بيباڪ نه بلڪه ڊنل هرڻي لڳندي هجي. سڀني جو داخلي سچ الڳ الڳ هوندو آهي، واضع رهي ته مان پنهنجو داخلي سچ ٻڌائي رهيو آهيان. جيڪڏهن اها هرڻي ڪنهن جي ڏٺل هجي ته ان جو مون سان متفق هجڻ ضروري ناهي. هوءَ ڪٿان ايندي هئي ۽ ڪاڏي ويندي هئي، مون کي ان بابت ڪابه ڄاڻ ڪانهي. مان صرف ايترو بيان ڪري سگهان ٿو ته هوءَ ڪنهن رهائشي پاڙي مان نڪرندي هئي، اسڪول آفيس اڳيان گذرندي هئي ۽ بازار طرف وڌي ويندي هئي. حد نظر تائين مان هن کي ڏسندو رهندو هوس، حد نظر تمام ٿوري آهي. گهٽيءَ جي وڪڙ مان اوچتو ظاهر ٿيندي ۽ بازار طرف ويندي گهٽيءَ جي موڙ وٽان غائب ٿي ويندي هئي. مون ڪڏهن به هن جو پيڇو نه ڪيو هو، البته نظرن جي حد تائين مون هن جو توڙ تائين هميشه کان پيڇو پئي ڪيو. مون وٽ هن جي خوبصورتيءَ جي بيان لاءِ لفظ ئي ناهن، هوءَ بي مثال هئي. منهنجي تصور ۾ ڳالهه اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي ۽ مان وڌيڪ بيان ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي لنوايان پيو. ڇاڪاڻ ته اوهان جي اڳيان پنهنجي شائستگيءَ جو تاثر برقرار رکڻو اٿم. مان آهيان به انتهائي شائسته ۽ نفيس ماڻهو. نفيس ماڻهوءَ جو مطلب آهي بي ضرر، بي ضرر جو مطلب آهي جنهن مان ڪنهن کي به نقصان جو ڪو انديشو نه هجي. نفاست سان بيرحمي ٿيندي آهي، اهڙو ڪجهه ٻڌل ضرور آهي.
پنهنجو پاڻ کي آپي ۾ رکندي چوٿون مهينو هو. وقت واريءَ جيان هٿن مان کسڪي رهيو هو. اهڙي آپي ۾ رهڻ جو ڪهڙو فائدو جيڪو اوهان کان آهستي آهستي زندگي کسيندو هجي. تڏهن مون هڪڙو فيصلو ڪيو ته خاتون جو پيڇو ڪجي. يعني جڏهن هوءَ آفيس اڳيان گذري ۽ بازار طرف وڌي ته هن جي منزل ڏسي سگهجي. جيڪڏهن واپسيءِ تي پيڇو ڪيان ته هن جي رهائش يا گهر ڏسي سگهان. مون پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ اهڙي گهٽيا حرڪت ڪانه ڪئي هئي. ٻين جي ذاتي زندگيءَ ۾ لِڪي جهاتي پائڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي گهٽيا حرڪت ٿي سگهي ٿي! خير، مون کي گهٽيا ٿئڻو ئي پيو، گهٽيا ٿيئڻ کان سواءِ ڪوبه ٻيو چارو نه هو. اهڙي گهٽيا حرڪت جي باري ۾ ڪنهن دوست سان صلاح جو مطلب هو خلق اڳيان خوار ٿيڻ. تنهن ڪري مون پنهنجي مستقبل واري امڪاني عمل کي سنگت کان به خفيه رکيو. شايد اها ئي منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي غلطي هئي. اهڙي غلطي جنهن جي اڄ تائين ڪنهن به بني بشر کي ڄاڻ نه آهي. اوهان سمجهي سگهو ٿا ته غلطيءَ جو راز نه ٻڌايو ويو هجي ته اها اڻڄاڻ خلق لاءِ غلطي نه رهندي. داخلي طور غلطي جسٽيفاءِ ٿي ويندي ۽ ڪوبه ماڻهو معروضي حقيقتن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ موجود ئي نه هوندو. يعني داخليت جو گند يا داخليت جي غلطي هڪ اونداهي کڏ ۾ پورجي ويندي. ڪوبه شاهد نه هوندو، ڪوبه آگاهه نه هوندو ۽ ڪوبه اوهان جو حامي يا مخالف نه هوندو. مون سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿي گذريو. هڪ مافوق الفطرت واقعو جنهن کي هاڻ ڪڏهن به ثابت نٿو ڪري سگهجي. ثابت ڪرڻ جي ضرورت به نه آهي يا ثابت ڪرڻ جي ضرورت ته آهي پر ثابت ڪرڻ ناممڪن آهي.
وچٿري گرميءَ جو هڪ ڏينهن هو، هوءَ پاڙيسري رهائشي علائقي مان ٻانهون لوڏيندي ظاهر ٿي. مان سالياني رزلٽ شيٽس جي ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي آفيس ٻاهران سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هوس. بنا وڌيڪ سوچڻ جي سندس پٺيان بازار طرف روانو ٿيس. هوءَ ساڳي چال ۽ ساڳين ڪپڙن ۾ اڳتي وڌندي رهي، بازار ۾ ڪيتريون ئي گهٽيون مَٽايائين. لڳو ٿي ته هوءَ مون کان چڱيءَ طرح واقف هئي ۽ هن کي ڄاڻ هئي ته منهنجي پويان هڪ پاڳل شخص ڪتي جيان نوس نوس ڪري رهيو آهي. مان پاڳل هرگز نه هوس، مان صرف آپي مان نڪتل شخص هوس. جنهن چاهيو پئي ته ڏسان بازار جي گهٽين ۾ هن جي آخري منزل ڪهڙي آهي. پر هي ڇا، هن جي ته ڪابه منزل ڪانه هئي، هوءَ ڄڻ ته پينو فقير هئي. اوهان يقين ڪيو يا نه پر پينو فقير کي چڱي طرح ڄاڻ هوندي آهي ته ڪير خيرات ڏيندو ۽ ڪير نه. اهوئي سبب هو ته هن مون کان ڪڏهن به خيرات ڪانه گهري هئي. پيسا ته مون وٽ کوڙ هئا پر هن سمجهي ورتو هو ته جيڪڏهن مان خيرات ۾ پيسا ڏيندس ته بدلي ۾ ڪا گهرج به سامهون رکندس. ان ڪري مان هن جي لسٽ تي اهڙو ماڻهو هوس جيڪو ڪنهن به ڪم جو ناهي. سلوار، چولي ۽ رنگدار رئي سان ڍڪيل جسم مون کي مدهوش ڪندو رهيو. انجام خبر هجي ها ته مان پاڻ کي گهڻو بدلائي ڇڏيان ها. بازار طرف جو پيڇو مون کي ڪوبه نتيجو نه ڏئي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن هوءَ صرف گهٽيون مَٽائيندي رهي. ڇا هوءَ واقعي حقيقي وجود هئي يا محض منهنجي ذهن جي پيداوار. مون طئي ڪري ورتو ته اڄ سمورو ڏينهن سندس پيڇو ڪبو، جيستائين هوءَ وڃي واپسيءَ جي منزل تي پهچي.
هي خاتون منهنجي يونيورسٽيءَ جي زماني جو فقط وڻندڙ عڪس ته نه هئي. اهڙي ئي هڪ شاگرد دوشيزه سيمينار روم يا لائبرريءَ ۾ مون کي نظر ايندي هئي. ڪٿي مان پنهنجو ذهني توازن وڃائي ته ڪونه ويٺو هوس. ٻه الڳ زماني جا واقعا منهنجي ذهن ۾ گڏجي ته ڪونه ويا هئا. ٻنهي جا لباس ۽ انداز بلڪل الڳ هئا، يونيورسٽيءَ جي شاگرد پينٽ شرٽ پائيندي هئي، اها نئين زماني جي نمائنده ڇوڪري هئي. هڪ ڳالهه بلڪل هڪجهڙي هئي ته ٻئي بيباڪ ۽ بي نياز ضرور هيون. منهنجو دماغ چڪرائجي رهيو هو، ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي چڪو اوهان ان کي هرگز تبديل نٿا ڪري سگهو. البته ذهني توازن جو بگڙڻ ماضي کي حال ۽ حال کي ماضي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. شايد مون سان به ڪجهه اهڙو معاملو ٿيو هو. ماضيءَ وارو واقعو منهنجي ذهن تي حاوي هو يا حال ۾ ٿيندڙ وارتا ڪيتري قدر حقيقي هئي، اهو سمجهه کان ٻاهر هو. هن وقت ٻئي واقعا ماضيءَ جا آهن. انهن مان ڪو واقعو غير حقيقي آهي يا حقيقي، ٻئي قصا اصل ۾ حقيقت ئي آهن ٻيو ڪجهه به نه. حقيقت کي سمجهڻ لاءِ فقط هڪ رستو بچيو آهي ته جڏهن نيرين اکين واري بازار مان واپس موٽي ته مان هن جي رهائشي پاڙي ۾ وڃي سچ کي ڳولهي لهان. ان کان علاوه مون وٽ ڪوبه ٻيو رستو ناهي. مون کي حقيقت تائين پهچڻ لاءِ پاڙي جي خاتون جو واپسيءَ جي منزل تائين پيڇو ڪرڻو پوندو.
هوءَ بازار مان رهائشي علائقي طرف موٽي رهي هئي. مان صبح کان مسلسل سندس پيڇو ڪري رهيو هوس. هوءَ مخصوص چال ۽ بي نيازيءَ سان هلندي رهي. اها ڳالهه مون لاءِ حيران ڪندڙ هئي ته ڪنهن به ماڻهو جو ڌيان هن ڏانهن ڪونه پئي ويو. ڪنهن به هن ڏانهن نظرون کڻي نٿي نهاريو، ڪجهه اهڙو ئي معاملو مون سان به هو. شام ٿي چڪي هئي، سج لهڻ ۾ باقي ڪو ٿورو وقت بچيو هو تڏهن هن واپسي ڪئي. هوءَ بيباڪيءَ سان هلندي اچي منهنجي اسڪول آفيس اڳيان بيٺي. هن چوطرف نهاريو، منهنجي وجود کي نظرانداز ڪندي هن بند آفيس جو در کڙڪايو. دروازو مون ئي کوليو، هن جي اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ دروازو بند ٿي ويو. مون کي پڪ ٿي وئي ته هن جو پيڇو ڪندڙ ٻاهريون وجود اصل ۾ هيو ئي ڪونه. اندر اچڻ شرط هوءَ منهنجي جسم کي چُهٽي وئي بلڪل ائين جيئن ڪو ٿڪل ۽ هيڻو ماڻهو پنهنجي بستري تي پاڻ ڇڏي ڏئي. هرڻي پاڻ شڪاريءَ کي شڪار لاءِ اتساهيو هو. منهنجون جيڪي به اڻ پوريون خواهشون هيون اهي پوريون ٿيڻ لڳيون. اهو سچ آهي، واقعو ائين ئي ٿيو هو. هوءَ سموري رات مون سان جسماني توڙي روحاني طور ملي هڪ وجود بڻي رهي. ٻئي ڏينهن صبح جو مون کي گهرواري ننڊ مان اچي اٿاريو. چئي: ”ڪالهه صبح کان مسلسل پئي پيتو اٿئي، پاڻ ئي چوندو آهين ته مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي. هاڻ پنهنجي حالت ڏس، بنا بستري سموري رات آفيس جي فرش تي پيو هئين. اڄ آچر آهي، تنهنجي سابقه محبوبه پنهنجي مڙس سميت اچڻي آهي توئي ته ٻڌايو هو، توکي اها ڳالهه ته ياد آهي نه!“ مون اکيون مهٽيون، غور سان ڏٺم آفيس جو ٻاهريون دروازو اندران بند هو. گهرواري آفيس اٽيچ دروازي مان گهران آئي هئي. اوهان يقين ڄاڻو مون ڪوبه خواب نه ڏٺو هو، جيڪو بيان ڪيم اها ئي حقيقت ۽ سچائي آهي. ٿي سگهي ٿو ماضي حال سان ڳنڍجي ويو هجي يا حال ماضيءَ سان! مون کي يقين آهي ته منهنجي خواهش پوري ٿي هئي پر جنهن بک ۽ اڃ جو مان ستايل هئس اها تشنگي جيئن جو تيئن برقرار آهي. ان ڏينهن کان پوءِ اڄ تائين مون کي سلوار، چولو ۽ رنگدار رئو پاتل اها بيباڪ ۽ بي نياز نيرين اکين واري عورت ڪڏهن به نظر نه آئي.