ڏاڪڻ جا ايڪيهه ڏاڪا آهن، منهنجو اندازو ته اهو آهي، خير گهٽ وڌ ٿي سگهن ٿا مون ڪڏهن ڳڻيا ناهن. مان دنيا جو سڀ کان وڏو ڀاڙيو انسان آهيان، ڀاڙيو ان معنيٰ ۾ ته سڀ کان وڌيڪ بهادر، سچ پُڇو ته مان دروازو کولڻ نٿو چاهيان. منهنجو ڪوبه دوست ڪونهي، منهنجو ڪوبه دشمن ڪونهي. منهنجو ڪوبه همدرد ڪونهي يا منهنجو ڪوبه ساٿي ڪونهي. منهنجو وهم چوي ٿو ته اوهان منهنجي ڳالهه کي ڪونه پيا سمجهو. مون ڏاڪڻ لهڻ کان اڳ لوهه جي راڊ يا ڪنهن ٿلهي لَٺ جي تلاش ڪئي. ملي وئي، اُها هڪ لوهه جي راڊ هئي جيڪا مون وٽ سالن کان ان لاءِ سنڀاليل هئي ته جڏهن گهر جي ٻاهرين دروازي کي مٿي ڪرائيندس ته ان لوهه جي راڊ کي استعمال ڪندس. اصل ۾ لوهه جون ٻه راڊون هيون ٻنهي جو وزن هڪجيترو هو ۽ ڊيگهه يا ٿولهه وغيره به ساڳي. دوست هوندو ته راڊ کي روڪي وٺبو ۽ جيڪڏهن دشمن هوندو ته لوهه جي راڊ کي تلوار جي ڦيري جيان گهمائي دشمن کي دَسي ڇڏبو. پر اهو سڀ تڪڙ ۾ ڪرڻو پوندو، گهڻي تڪڙ ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ۾ غلطيءَ جو امڪان بهرحال موجود آهي. دروازو اڃا به کڙڪيو پئي پر ان جو انداز مون کي اهو نه سمجهائي سگهيو ته دوست آهي يا دشمن. مون وٽ ٻه آپشن هئا، هڪ يا ته لوهي راڊ اُڀي ڪري رکان يا وري اِهو ته دروازو کوليان ئي نه. سوچيم ته ڌوڙ وجهينس، اڄ تائين دروازي مان خوشخبري آئي آهي جو اڄ ايندي! دروزاي مان هميشه مصيبتن در پئي کڙڪايو آهي. بهتر ٿيندو ته دروازو نه کوليان ۽ مٿي هليو وڃان، ٻيو خيال اهو آهي ته زندگيءَ ۾ خوشنصيبي به اچي سگهي ٿي. جيڪا صرف هڪ ڀيرو زندگيءَ جو ڪڙو کڙڪائيندي آهي. خوشنصيبي! ناممڪن، در کڙڪڻ ۽ کولڻ سان ارڙهن سالن ۾ ڪابه خوشنصيبي يا خوشخبري نه آئي آهي. هن وقت به ضرور بدبختي هوندي، اهڙي بدبختي جيڪا منهنجي حياتيءَ جو رهنما اصول رهي آهي پر بنا اختيار جي. مون مناسب سمجهو ته ڏاڪڻ تي ويهي رهان ۽ انتظار سميت غور ڪيان ته اها بدبختي آهي يا خوشخبري! ڇا مون کي دروازي کولڻ جو رسڪ کڻڻ گهرجي! دروازي جو کڙڪڻ مختلف آهي ان ڪري لڳي ٿو ته دروازي کي ضرور کولڻ گهرجي. خير! تڪڙ مان به ڪونه ڪندس، خبر ته پوي اڳيان ڀلائي آهي يا مصيبت! بهتر اهو ٿيندو ته آخري نتيجي لاءِ تيار ٿيان. ڀلي اهو دشمن هجي يا دوست هجي، ڀلائي هجي يا مصيبت. معاملي جو اَٽڪي پوڻ صرف ان ڪري آهي ته کڙڪو اجنبي آهي.
اصل ۾ دروازن کي کڙڪڻ ئي نه گهرجي، پر اها صرف خواهش آهي. هي تمام نازڪ ۽ سنجيده مسئلو آهي. جيڪڏهن وچ ۾ ڪو سوال نه اٿارجي ته بهتر نه ته معاملو وڌيڪ سنگين ٿيندو ويندو. ڇا اوهان ڪنهن اجنبيءَ کي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏيندا؟ دروازا پنهنجو پاڻ نه کڙڪندا آهن، انهن جو کڙڪائيندڙ ضرور هوندو آهي. مون وٽ دروازو کڙڪيو آهي ۽ مان نٿو کولڻ چاهيان. ڪجهه ماڻهن کي ٻُڌائي ڇڏڻ ٿو چاهيان ته مان خوفزده ناهيان. ٻڌائڻ ضروري آهي، پر رابطي نه ٿيڻ ڪري غلط فهمي پيدا ٿي سگهي ٿي. چڱو ٿيو ٻُڌائي ڇڏيم، اصل ۾ سمورو سچ ان هڪ ئي جملي ۾ قيد آهي. ان ڪري مان خودڪشي به نٿو ڪري سگهان ۽ ان ارادي کي سالن کان ملتوي ڪيو ويٺو آهيان.
منهنجي گهر جو هڪ ئي دروازو آهي يا ان کان وڌيڪ آهن! خاطري ناهي. منهنجي خيال ۾ هڪ ئي دروازو آهي، فرار لاءِ ٻيو دروازو مون لاءِ رسڪي آهي. يعني گئلري مان ٽپو ڏئي فرار ٿي وڃڻ. فرار لفظ کان مون کي سخت نفرت آهي، مان مُنهان مُنهن سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهان ٿو. گئلري چوڏهن فٽ اوچي آهي اتان جمپ ڪرڻ جان جوکي ۾ وجهڻ برابر آهي. مون وٽ مسئلو فرار جو ناهي، جيڪڏهن مسئلو فرار جو هجي ها ته مان اهو رسڪ کڻان ها. چوڏهن فٽ ڪهڙي وڏي اوچائي آهي. زخمي حالت شراب جي نشي جيان هوندي ٻيو ڇا، ان حالت ۾ ڪوڙ کي وڏي نفاست سان ڳالهائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن سندن نظرن ۾ مان مُجرم آهيان ته هُنن کي دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن منهنجي همدردن مان ڪو هڪ آهي ته پوءِ کيس دروازو کڙڪائڻ بند ڪري موٽي وڃڻ گهرجي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دروازو کڙڪائيندڙ موٽي وڃڻ نٿو چاهي. مطلب اهو نڪتو ته اُهو به نتيجو ڏسڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن دشمن آهن ته انهن کي هن وقت تائين دروزاو ٽوڙي ڇڏڻ گهرجي ها. عجيب صورتحال آهي نه دروازو ٿا ٽوڙين ۽ نه دروازو کڙڪائڻ ٿا ڇڏين. ٺيڪ آهي، چيلينج قبول ڪجي ٿو. دروازو هرگز ڪونه کولبو. بس منهنجي طرفان فيصلو ٿي چڪو، ٻاهران ڪهڙو فيصلو ٿو اچي ان جو انتظار ڪجي. مان راڊ کي ڀرسان رکي ڏاڪڻ جي وچ تي ويهي رهيس. کيسي مان سگريٽ ڪڍي تيليءَ جي شعلي سان دکايم. لذت ڏيندڙ دونهون وات مان داخل ٿي نڪ مان نڪرڻ لڳو. اُف! دروازي جو کڙڪڻ بند ڇو نٿو ٿئي، آخر ماجرا ڇا آهي. شام جي هن گهڙيءَ ۾ ڪو پاڙي وارو کڙڪائيندڙ کي ائين نٿو چوي ته همراه ننڊ ۾ هوندو يا همراه اهڙي حالت ۾ هوندو جو دروازو نٿو کولي سگهي. اهو ئي نتيجو نڪرڻو هو يعني ٻاهريان سڀ هڪٻئي سان مليل آهن ۽ منهنجي خلاف آهن. ڀلي پيو دروازو کڙڪي، دروازو مان هرگز ڪونه کوليندس. جيڪڏهن مسئلي کي حل ٿيئڻو آهي ته ٻاهران ٿيندو اندران نه. اندران اڳ ۾ ئي نتيجو نڪري چڪو، يعني صرف انتظار ڪرڻو آهي. جيڪو مان ڪيان پيو ۽ هميشه ڪندو رهندس.