في الحال مان بک جي دائري ۾ نه آهيان يا ائين کڻي چئجي ته مان بُکيو نه آهيان. فرض ڪجي ته اهڙو بکيو موجود آهي جنهن کي ڪافي وقت کان کاڌو نه ملي سگهيو آهي. مون وٽ صرف ايڪيهه ڏينهنَ جو تجربو موجود آهي، منهنجو حافظو تيز آهي. ان ڪري مون کي ياد آهي ته مون ڪوبه اهڙو عمل نه ڪيو هو جنهن کي وحشي عمل سڏي سگهجي. هتي ان ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿي ڪجي جيڪو بک جي انتها تي پهتل آهي، انتها جو ڪاٿو مان نٿو ڪري سگهان، ٻي ڳالهه اها ته هر انسان جي سَهپ يا برداشت هڪجهڙي نه ٿيندي آهي. اهڙو بکيو انسان جنهن جي مون وضاحت ڪئي اميد آهي ته اوهان سمجهي سگهيا هوندا. اهڙو ماڻهو ڇا ڪندو يا ڪري سگهي ٿو؟ ڪري سگهڻ جي اهليت وٽس نه هوندي تڏهن به بک ۽ ڪاوڙ جي انتها هُن کي بهادر بنائڻ کان پوءِ وحشيءَ جي درجي تائين پهچائي چُڪي هوندي. مون کي پڪ آهي ته اهو ڪيڏو به نام نهاد بي ضرر ماڻهو هجي پر اهڙي موقعي تي لوهه جي راڊ کڻي ٻي ڪنهن انسان جو مٿو ڦاڙي وجهندو. يعني پنهنجو پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ وٽس هر عمل جائز هوندو. جيڪڏهن ڪير سندس هٿان مَري پوي ته ان کي رڳو وحشي نه پر بيرحم وحشي سڏڻ گهرجي. رحمدل وحشي ٿيندا آهن يا نه ان جي مون کي پڪ ناهي. ها، اهو سچ آهي ته ڪي انسان پنهنجي ساهه جي آخري تند تائين وحشي ڪون ٿيندا. انهن لاءِ بهتر رستو اهو هوندو ته هُو پاڻ بک ۾ مَري وڃن.
منهنجو معاملو ٿورو مختلف آهي، مون پنهنجو پاڻ کي بک ڏني هئي پنهنجي رضامنديءَ سان. مون تي ڪوبه ٻاهريون دٻاءُ يا زور ڪون هو. اها هڪ خود ساخته بک هئي، احتجاج يا انڪار طور. افسوس جو اُها منهنجي مَرڻ تائين جاري رهي نه سگهي صرف ايڪيهه ڏينهنَ تائين مخالفت جو مقابلو ڪري سگهيس. ان کان پوءِ جُهڪڻو ئي پيو يا ائين کڻي سمجهو ته مون سوچيو اهو هڪ اجايو احتجاج يا انڪار آهي. ان تي فتح حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، جيڪا شيءِ ناممڪن هجي اُتي اوهان کي مصلحت ڪرڻي ئي پوندي آهي. مون به اهوئي ڪيو جيڪو فطرت جو اڻٽر اصول آهي. اوهان مان هر ڪنهن جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهان جي اڳيان ڪنهن به قسم جو ”ناممڪن“ ظاهر ٿي پوي ته اوهان ڇا ڪندا؟ ڇاڪاڻ ته چونڊ ئي اوهان جو آخري هٿيار آهي، ۽ مون اها چونڊ ڪئي ته ناممڪن اڳيان هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏجن. ڳالهه اتي ختم ڪان ٿي ٿئي، مون کي ٿوريون وڌيڪ سِٽون لکڻيون پونديون. هر انسان جا پنهنجا داخلي ۽ معروضي دشمن يا دوست ٿيندا آهن. جيتري قدر منهنجو سوال آهي ته منهنجو ڪوبه معروضي دوست ڪون هيو، دشمن بابت خاطري نٿو ڏئي سگهان. داخلي يا موضوعي دوست توڙي دشمن صرف مان هئس يا وري منهنجا پنهنجا جوڙيل ڪردار. جن جو اصل ۾ هن دنيا اندر ڪوبه حقيقي وجود ڪون هيو.
ايڪيهه ڏينهنَ تائين مون پنهنجي چاقوءَ کي ويٺي تِکو ڪيو. ننهن تکا ڪرڻ کان اوهان اڳ ئي واقف هوندا، يعني مان نتيجي جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ ڪو اهڙو عمل ڪرڻ وارو هئس جنهن کان مان پاڻ به اڻڄاڻ هئس. پاڻ تي مَڙهيل بک هئي، ان ڪري دشمن ٻاهريون نه بلڪه اندروني يا داخلي هيو. هڪڙي ڳالهه صاف هئي ته چاقو تِکو ڪرڻ جو مقصد صرف اهو هو ته قتل ڪرڻ لازمي آهي. جيڪڏهن مخالف داخلي آهي ته قتل به داخلي شخصيت جو ٿيڻ گهرجي. ڪافي پراڻي ڳالهه آهي پر ايترو ياد اٿم ته مان داخلي دشمن يعني پنهنجو پاڻ کي قتل ڪري نه سگهيس. ممڪن آهي ته منهنجي ڪاوڙ ذڪر ڪيل وحشي انسان کان گهٽ هئي يا اهو ته منهنجي ڪاوڙ اڃا تائين مون کي بهادر بنائڻ جي باوجود وحشي نه بنائي سگهي هئي. مون پاڻ تي چاقوءَ جو هڪ به وار ڪون ڪيو، چاقو سراڻ تي چڙهڻ کان پوءِ انساني جسم کي چيرڻ لاءِ بلڪل تيار هو. مون کي ياد آهي ته مون ان وقت چاقوءَ جي استعمال بجاءِ پنهنجو پاڻ کي زنده رهڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. انتظار کي اهميت ڏيندي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. اڄ ان ڳالهه کي ارڙهن سال ٿي چڪا آهن ۽ مان اڃا تائين فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان. ساڳيو چاقو زنگ زده ٿي چڪو آهي. اوهان سمجهي سگهو ٿا ته چاقوءَ جا کوڙ متبادل آهن. شروعات واري ڪاوڙ جيڪا بهادري ۾ بدلجي چڪي هئي، ڪوبه نتيجو نه ڏئي سگهي. منهنجو داخلي دشمن اڄ به زنده آهي ۽ تنهن ڪري مان به زنده آهيان. ممڪن آهي ته مون پنهنجي داخلي دشمن سان سمجهوتو يا ٺاهه ڪري ڇڏيو هجي. پر اهو طئي ٿيل معاهدو هرگز نه سمجهڻ گهرجي.