الف
تي هر صورت ۾ مقدمو هلڻو هو. الف بابت سرڪاري اهلڪارن رپورٽ تيار ڪئي آهي. ان
رپورٽ کي جوڙڻ لاءِ سرڪاري اهلڪارن تمام گهڻي محنت ڪئي. اهلڪارن جو تعداد لامحدود هو.
لامحدود ان مطلب ۾ تہ ڪنهن بہ اهلڪار ٻئي کي ڪونہ پئي سڃاتو. رپورٽ کي هر
ڪنهن الڳ طور جوڙيو آهي. سمورين رپورٽن کي جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. انهن رپورٽن
جي ڇنڊڇاڻ ڪري الف خلاف هڪ اهم ترين دستاويز تيار ٿيندو. جوڙيل دستاويز ۾ الزام
لڳائڻ بجاءِ الزامن کي ثابت ڪيو ويندو. الزام لڳائڻ بجاءِ الزامن کي ثابت ڪرڻ
پنهنجو پاڻ ۾ هڪ نئين قسم جو تجربو آهي. مثال طور ڪو هڪ ماڻهو ٻئي کي ڪوڙو چوي، ان
کان اڳ اهو پنهنجي ڳالهين ذريعي ثابت ڪري وڃي تہ فلاڻو شخص ڪوڙو آهي ۽ لفظ
”ڪوڙو“ استعمال بہ نہ ڪري تہ ان کي ڏنگي مهارت ليکبو.
رپورٽ ۾ ڪٿي بہ الف تي الزام لڳايل ناهي. الزام لڳائڻ لاءِ
ڪجھ آهي ئي ڪونہ. بهرحال رپورٽ اهو ضرور
ظاهر ڪري ٿي تہ الف الزامن ۾ ايترو ڦاٿل آهي جو الزام پاڻهي
ئي ثابت ٿي رهيا آهن. رپورٽ ۾ ڪنهن بہ الزام لڳائيندڙ شخص کي
بطور شاهد پيش ڪرڻ ڪنهن بہ صورت ۾ ضروري نہ هيو. رپورٽن جو گڏيل
دستاويز پڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ جيڪي بہ الزام الف تي هيا،
اهي ثابت ٿي رهيا آهن. الف کي صفائيءَ جو موقعو عدالت جي فيصلي بعد ملڻو آهي.
پهرين شنوائيءَ ۾ الف کي رپورٽ ٻڌائي ويندي ۽ ان کان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو
ٻڌائيندي. انصاف جو اهوئي اصول هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ صفائي وارو وڪيل غيرمناسب
ڳالهيون ڪري رقم ڏيندڙ جي خواهشن موجب دليلبازي ڪري عدالت جو وقت زيان ڪندو. عدالت
۾ وقت جي زيان جو مطلب آهي انصاف ۾ دير، انصاف ۾ دير هرگز نہ ٿيڻ گهرجي. الف تي ڪنهن بہ مقدمو داخل نہ ڪرايو آهي. هن تي
پاڻمرادو نوٽس وٺندي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي تہ هُن گٽر ۽ هڪ فرشتي کي
غليظ عمل سان پريشان ڪيو ـ
مشترڪہ جاچ رپورٽ ۾ ڪجھ هيئن لکيل آهي تہ الف رات جو ٻين بجي
پنهنجي گهر جي اهڙي ڪمري ۾ ويٺو هو جنهن ۾ ٻہ دروازا آهن. انهن مان
هڪڙو دروازو ٻاهر گهٽيءَ ۾ کلي ٿو ۽ ٻيو دروازو هن جي پنهنجي گهر طرف کلي ٿو. الف
پنهنجي ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي پرسڪون ويٺل هو. پرسُڪون جي وضاحت جاچ جي دائري کان ٻاهر
آهي. ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيڻ يا ڪرسيءَ کي اڇلائي ڦٽي ڪرڻ الف جو حق آهي. پر ڪرسيءَ تان
اوچتو ڪِري پوڻ غُور طلب معاملو بنجي وڃي ٿو. جيڪڏهن الف فقط ڪرسيءَ تان ڪِري پوي
ها تہ مقدمو بہ ڪونہ جڙي ها. الف ڪرسيءَ تان
ڪِريو ۽ بيهوش ٿي ويو. هن کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪوبہ ماڻهو موجود ڪونہ هو. ان لاءِ هن کي ڪجھ ڪلاڪن جي مهلت ڏئي سگهجي
ٿي. گڏيل رپورٽ موجب هُو هڪ ڪلاڪ تائين ڪرسيءَ سان گڏ ليٽيو رهيو. هُن جو مٿو فرش
سان ٽڪرائجي نيري رنگ جو ٿي ويو. نيري رنگ بابت سموريون رپورٽون شاهدي ڏين ٿيون.
اڪثر رپورٽن اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ مٿي تي نيري رنگ مٿان
اکين سان محسوس ٿيندڙ هڪ اڀار نڪري آيو. جمهوريت موجب اهو تسليم ڪرڻُو پوندو تہ هن جي نرڙ تي نيري رنگ جو
هڪ اڀار نڪتو هو. الف فرش تي ڪلاڪ تائين موجود رهيو. چئن پيرن واري ڪرسيءَ کان
شاهدي وٺڻ ناممڪن هو . ڪرسيءَ بابت گهري جاچ مان اهو ظاهر پئي ٿيو تہ ان کي ڪوبہ ڌڪ ڪونہ لڳو آهي. ان ڳالھ بابت غور ڪيل آهي تہ الف کي ڪيرائڻ ۾ ڪرسيءَ
جو ڪو ڪردار هيو يا نہ. ظاهر اهو ٿيو ته ڪرسيءَ جو الف تي ڪوبہ وس نٿي هليو، ان ڪري الف
کي ڪِرڻو پيو. ڪرسي ليٽيل حالت ۾ شاهدي ٿي ڏني تہ سندس حواس گم ٿيڻ کان اڳ
الف جا حواس گم ٿي ويا هيا. الف کي جڏهن هوش آيو تہ هن کي پنهنجي ڪمري ۾ ٻہ دروازا نظر آيا
ـ
الف
جي ذهن مطابق ڪابہ رپورٽ ڪانہ جوڙي ويندي، ڇاڪاڻ تہ کانئس موقف عدالتي فيصلي
بعد ٻڌو ويندو. الف جڏهن هوش ۾ آيو ته هن پاڻ کي فرش تي ليٽيل محسوس ڪيو. رپورٽن
مطابق ڪِريل حالت ۾ الف مٿان ٻارنهن فٽ جي ڇت هئي. اهو بيان ليٽيل حالت جو آهي،
الف جي اٿڻ کان اڳ رپورٽن جو سڀ کان حقيقي ۽ گڏيل موقف اهوئي آهي. الف هوش ۾ اچڻ
کان پوءِ پهريان ڇت ڏانهن نهاريو هوندو. هن ڪمري جي ڇت ۾ لڳل سِرن جي ترتيب کي ڏٺو
هوندو. ان وقت هن وٽ ڪوبہ ماڻهو ڇت جي وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ موجود ڪونہ هو. الف هڪ هڪ ڪري پهريان
پنهنجي ٽنگن کي چوريو. پوءِ هن پنهنجي ٻانهنَ ۽ هٿن جو جائزو ورتو. ڪرسي ۽ پيرن
مان لهي ويل جوتا هن لاءِ بيجان هئا. ٻنهي طرف الف جو ڌيان ڪونہ ويو. هُن کي پنهنجي نرڙ
تي لڳل ڌڪ محسوس ڪونہ ٿيو، ڀرسان پيل ٽيبل سهاري هُو اٿي کڙو ٿيو.
رپورٽن مطابق هن پهريان اکيون کوليون، ڪنڌ ڦيرائي حالتن جو جائزو ورتو ۽ پوءِ
اٿيو. سمورين رپورٽن ۾ اٿي بيهڻ تي خاص تجزيو ناهي ڪيل، اهلڪارن جو سمورو ڌيان ان
طرف هيو تہ هُو فرش جي لڳل ڌڪ کان
پوءِ بيهي سگهندو بہ يا نہ. گڏيل رپورٽن موجب گهڻي
محنت کان پوءِ نيٺ الف اٿي بيهي رهيو. هن پنهنجي آسپاس نهاريو، ٻنهي طرفن کان هڪ
ئي قسم جا دروازا هيا. الف وٽ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي مهلت ئي ڪانہ هئي. هُن اٿڻ شرط اڳتي
وڌڻ جو فيصلو ڪيو، هن کي پنهنجي سمهڻ واري بستري جي تلاش هئي. الف پنهنجي نرڙ تي
ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو ۽ اتر واري دروازي
طرف هلڻ لڳو. هن کي بلڪل بہ ڄاڻ ڪانہ هئي تہ اتر وارو دروازو گهر جي
بجاءِ ٻاهرين طرف گهٽيءَ ۾ کلي ٿو. رپورٽن مطابق اهلڪارن کي الف جي مدد ڪانہ ڪرڻي هئي، ان ڪري اهي
ديوار سان جسم لڳائي ديوار بنجي پيا. الف کي روڪڻ لاءِ گهڻن ئي اهلڪارن چاهيو ٿي
پر کين مٿان کان حڪم هو تہ الف کي وڌڻ کان روڪي نٿو سگهجي. اهلڪارن کي
صرف اڳتي ٿيندڙ امڪاني واقعن سان دلچسپي هئي. اڳتي ٿيندڙ واقعن لاءِ اهلڪارن
پنهنجا ڪاغذ تيار ڪري ورتا ـ
الف
پنهنجي گهر مان پنهنجي ئي گهر جي تلاش لاءِ نڪتو. هڪجهڙن دروازن الف کي منجهائي
وڌو. جيئن ئي الف گهر کان ٻاهر نڪتو هُن پاڻ کي اجنبي علائقي ۾ پهتل محسوس ڪيو.
گهر مان نڪرڻ شرط اڻ ڄاتل دنيا هن جي انتظار ۾ هئي. دروازي مان نڪرڻ شرط هن کان
پنهنجي دنيا وڃائجي چڪي هئي. الف کي اها خبر نہ رهي تہ سندس گهر جو دروازو ڪٿي
آهي. هُن جي گهر جا ٽي دروازا هيا. اترئين دروازي مان نڪري هن پنهنجو گهر تلاشڻ
شروع ڪيو. رپورٽن موجب گهٽيءَ مان هُو اتر کان ڏکڻ طرف روانو ٿيو. الف جي منزل پنهنجو
سمهڻ وارو بسترو هئي. اولھ وارو گهر جو دروازو الف جي ذهن کان مٿاهون
هو. ان دروازي ۾ ست ڏاڪا هيا، جنهن دروازي وٽان هُو لٿو هو ان ۾ بہ ست ڏاڪا هيا. تنهنڪري الف
ڪنهن بہ گهر ۾ گهڙڻ بجاءِ اڳتي
وڌيو. ان طرح هُو ٿيڙ کائيندو اڳتي وڌندو رهيو. رپورٽن موجب هن کي پنهنجي ئي گهر
جي تلاش هئي. جڏهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گهر مان نڪري ۽ پنهنجي ئي گهر
جي ڳولا ڪري تہ ان لاءِ صورتحال ڪافي ڏکوئيندڙ ٿيندي آهي.
عدالت وٽ سمورن اهلڪارن جون رپورٽون پهچي چڪيون هيون. عدالت ترت فيصلو ڏيڻ بجاءِ
الف تي وڌيڪ نظرداريءَ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي حڪم جي توهين ڪير بہ نٿي ڪري سگهيو. بعد ۾
سمورن سرڪاري اهلڪارن کي هڪ اهم گڏجاڻيءَ ۾ سڏايو ويو. جڏهن سمورا اهلڪار گڏجي
ويٺا تڏهن اها ڳالھ ظاهر ٿي تہ الف هڪ گٽر ۾ ڪِريو هو ۽
هن کي ڪنهن فرشتي بچايو هو. گٽر ۾ ڪِري پوڻ واري ماڻهوءَ لاءِ بہ ڪي فرشتا هوندا آهن، اها
سرڪاري اهلڪارن کي خبر ڪانہ هئي. هنن پنهنجي مذهبي رهنمائن کان رهبري
حاصل ڪئي. مذهبي رهنمائن سرڪاري اهلڪارن تي اهو ظاهر ڪيو تہ ڪجھ ماڻهو فطرت کان مٿاهان
ٿيندا آهن. انهن تي انڪوائري نٿي ڪري سگهجي، مافوق الفطرت ڏيک انسان جي وس کان
ٻاهر هوندا آهن ـ
آخري
رپورٽن ۾ اضافي بعد ظاهر ٿيو تہ الف گٽر ۾ ڪِريل هو، هُن جي گٽر سان ويڙه
جاري هئي. سرڪاري اهلڪار پري کان جائزو وٺي رهيا هيا. هنن وٽ اهم سوال اهو آهي تہ الف جوتا پائي آيو هو يا
نہ. الف گٽر مان نڪري ئي ڪونہ پئي سگهيو. زندھ گٽر هن کي چقمقي قوت سان
پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. الف گٽر مان نڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ مصروف هو. سرڪاري
اهلڪار جاچ ڪندي تمام گهڻو ٿڪجي چڪا هئا. هُنن پنهنجا جاچ اوزار پري اڇلائي ڇڏيا،
اهي محسوس ڪري چڪا هئا تہ انتظار ڪرڻ مان ڪجھ بہ ناهي ورڻو. سمورا اهلڪار
پوئتي هٽي ويا. الف هڪ زندھ گٽر ۾ ڦاٿل هو، اهڙو گٽر جيڪو هن جون ٽنگون
ڇڪي رهيو هو. الف کي جوتا پاتل هيا يا نہ، ان ڳالھ بابت ڪابہ حتمي راءِ ڪانہ هئي. الف کي اهلڪارن جي
موجودگي بابت ڪابہ ڄاڻ ڪانہ هئي. هن محسوس ڪيو تہ کيس جوتا پاتل آهن ۽
زندهه گٽر کان ڇڏائڻا آهن. شايد الف گٽر کان ٻاهر نڪري پئي سگهيو پر هن کي جوتن جو
گهڻو اونو هو. ڪجھ رپورٽن مطابق ڪرسيءَ تان ڪرڻ وقت الف جي
پيرن کان جوتا الڳ ٿي چڪا هيا ۽ هُو پيرين اگهاڙو گهران نڪتو هو. اهلڪارن کي ويجهي
اچي واردات جو مشاهدو ڪرڻ جي اجازت ڪانہ هئي. هنن کي سرڪار طرفان
ڪجھ خاص جاچ جا اوزار مليل
هئا. اوزارن مطابق الف ڪنهن بہ زندھ گٽر ۾ موجود ڪونہ هيو. اڪثريتي اهلڪارن
موجب الف هڪ بهانو ڪري کين منجهائي رهيو هو. ان ڪري سرڪاري
اهلڪارن سوچيو تہ کيس گرفتار ڪيو وڃي. پر مٿان کان اهڙي عمل ڪرڻ
کان منع ٿيل هئي. تنهنڪري سرڪاري اهلڪار واقعي کي پورو ڏسڻ لاءِ مجبور هيا. انهن کي
سموري واقعي بابت مڪمل ۽ جامع معلومات فراهم ڪرڻي هئي. الف گٽر مان نڪرڻ جي ڪوششن ۾
رڌل هيو. ڪجھ رپورٽن موجب الف کي ڪنهن فرشتي گٽر مان ڪڍي
گهر تائين پهچايو. اڪثر سرڪاري اهلڪار ان ڳالھ کان انڪاري هيا تہ الف جي گٽر ۾ هجڻ وقت ڪوبہ فرشتو اتي آيو هو!ـ
واقعي
جي سموري ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿي چڪي هئي. سمورن اهلڪارن جي مليل رپورٽن کي گڏائي هڪ مشترڪہ رپورٽ عدالت جي اڳيان پيش
ڪئي وئي. جج صاحب غور سان مشترڪہ رپورٽ جو جائزو ورتو. جائزي بعد عدالت مختصر
فيصلو ڏنو تہ الف پاڻ واقعي کي تفصيل سان بيان ڪري. واقعي
جو پورو تفصيل ٻڌي پوءِ سزا بابت فتوا جاري ڪئي ويندي. اهلڪارن الف کي وٺي عدالت
سڳوريءَ ۾ جج اڳيان پيش ڪيو. الف جي چهري تي اطمينان ۽ پريشانيءَ جا گڏيل تاثر
هئا. اهڙا تاثر ڏيندڙ چهرو گهڻو منجهائيندڙ هوندو آهي. الف پنهنجو بيان هن طرح ڏنو:
”جج صاحب، مون کي خبر آهي تہ سرڪار منهنجي چوڪسيءَ لاءِ ڪيترائي اهلڪار
مقرر ڪيا آهن. مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي تہ مقرر اهلڪارن کي ڪهڙيون
هدايتون ڏنيون ويون هيون. توڙي جو ان رات بابت مون کي رڳو ٽيبل اڳيان ڪرسيءَ تي
ويٺل هجڻ ياد آهي. اهلڪارن جي مقرري بابت مون کي ڪوبہ اطلاع ڪونہ ڏنو ويو. ان ڪري ٿيندڙ
ٽرائل ۾ منهنجي بيان جي ڪابہ اهميت ڪانهي. اهڙي وقت بابت مان ڪيئن ٿو
بيان ڏئي سگهان جيڪو وقت مون تي گذريو ئي ناهي. جيڪڏهن فرض ڪجي تہ اهلڪار درست رپورٽون جوڙي
آيا آهن تہ پوءِ سزا بہ انهن جي شاهدي آڌار ڏني
وڃي. عدالت تسليم ڪري يا نہ پر زندھ گٽر سرڪار خود جوڙايا آهن
تہ جيئن هر شهري گٽر ۾ ڪِري
سگهي. ان طرح هر ڪنهن تي تهمت هڻڻ آسان ٿي پوي ٿو. هونئن بہ سرڪار ايتري طاقتور آهي
جو بستري ۾ سُتل ماڻهوءَ جي پيرن تي گٽر جو پاڻي هاري سگهي. جج صاحب، اهلڪارن کان
جاچ ۾ سنگين غلطي ٿي آهي. اصل ۾ ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ مان جوتا لاهي گٽر
۾ پنهنجا پير ٻوڙي آيو هوس.“ ـ