10 Mar 2022

ظفر پڄاڻان ـ مضمون ۽ تاثرات

 




حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو: ظفر پڄاڻان
موضوع: مضمون ۽ تاثرات
سھيڙيندڙ: مھراڻ سنڌي
پھريو ڇاپو: اپريل 2022ع
ڇپائيندڙ: موکي پبليڪيشن مورو

ارپنا

ظفر جي سياسي ۽ شعوري استاد جديد سنڌي قوم پرستي جي باني، سنڌوديش جي آزاديءَ جي علمبردار، مفڪر اعظم ۽ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي نانءُ

 ”ويندي ڏانھن پرين، جُتي جات نہ پائيان“ ـ شاھ 

 ”جڏهن عوام جون دليون جهالت ۽ وهم پرستيءَ سان ڀريل هونديون آهن، تڏهن خوف جو ماحول پيدا ٿيندو آهي.“ ـ سائين جي ايم سيد

(سنڌي ظفر جي آخري فيسبڪ پوسٽ 20 نومبر 2021(


سونھن سٽاءُ

  • اداري پاران (موکي پبليڪيشن مورو)
  • مھاڳ ”سنڌي ظفر ھڪ بيباڪ ليکڪ“ خالد ساحل ڪيريو
  • پروفائيل ”ظفر جي ڪھاڻي“ ـ مھراڻ سنڌي
  • ظفر جون چونڊ (فيسبڪ) لکڻيون:
    سال 2021 جون پوسٽون
    سال 2020 جون پوسٽون
    سال 2019 جون پوسٽون
    سال 2018 جون پوسٽون
    سال 2017 جون پوسٽون
    سال 2016 جون پوسٽون
    سال 2015 جون پوسٽون
    سال 2014 ۽ 2013 جون پوسٽون
    مضمون:
  • ؟ ـ ايس ناز سنڌو
  • گل حسن (ظفر) جو المناڪ موت يا معاشري طرفان ڏنل اذيت ـ ذاڪر حسين لغاري
  • ھڪ ليکڪ جي پُراسرار زندگي ۽ پڄاڻي ـ جان خاصخيلي
  • روشن خيالي جو پرچارڪ ـ استاد خالد
  • ظفر جي ڪُمھلي وڇوڙي جيءُ جھوري وڌو ـ عظيم سنڌي
  • ھنڌ اھي ئي ماڳ، جت نہ رھيا جوءِ ۾ ـ فقير الھ بچايو لغاري
  • اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنھنجا ساريا ـ اظھار مخدوم
  •  ڀونءِ مان نڪتل جئمسٽ ”ظفر“ جو وڇوڙو ـ اشرف لغاري
  •  روئڻ سان رھن ھا جي سپرين ـ نور جوڳڻ
  •  ساروڻيون ـ مکڙي زاھد
  •  ظفر.. ھڪ املھ ماڻڪ ـ غزالا شاھ
  •  سر ظفر بحيثيت اسڪول پرنسپل ـ سوڀ سنڌو
  •  ظفر تنھنجون يادون ـ افي راج
  •  سيئي جوڀن ڏينھن ، جڏھن سڄڻ سفر ھليا! ـ آصف سنڌي
  •  مستل سڪون جو پياسي ـ ناظم علي لغاري
  •  مرڻان اڳي جي مئا، سي مري ٿين نہ مات ـ ساجد لغاري
  •  ھڪ تخليقڪار جو وڇوڙو ـ منير حسين
  •  اوچتو ئي اوچتو تون وئين ھليو ـ مھراڻ سنڌي
  •  مڻيادار شخص جو وڇوڙو ـ مئڪش سومرو
  •  ھڪ دور جي پڄاڻي ـ امجد ڀٽي
  •  ڀونءِ بڻجي ويل ماڻھو ـ اعجاز علي سنڌو
  •  ظفر جا ڪرم ۽ سندس نرالو ڪم ـ مسڪين لغاري
  •  سنڌي ظفر / ظفر سنڌي ـ سرواڻ جوکيو
  •  سنڌ جي قومي سفر جو ھڪ گمنام مسافر ”ظفر“ ـ فياض شيخ
  •  ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ اچي بوءِ بھار جي ـ محمد بخش سھتو
  •  ”سنڌي ظفر“ ھڪ مڻيادار ماڻھو ـ سنڌي لياقت دراوڙ
  •  اسان جو استاد ۽ ساٿي ـ عمران سنڌي
  •  ھو ڪيڏانھن ھليو ويو..! ـ سردار ٻرڙو
  •  سنڌ جو ڏاھو انسان ”سنڌي ظفر“ ـ راجا الطاف
  •  چڱو ڀٽائي ھاڻ ھلان ٿو ـ ڪامريڊ ظفر ٻگھيو
  •  فيسبڪ تاثرات
  •  تڏي جا تاثرات
  •  مختلف تنظيمن طرفان ڏک جو اظھار

18 Dec 2021

ھڪ ليکڪ جي پُراسرار زندگي ۽ پڄاڻي ـ جان خاصخيلي (ڪاوش دنيا ميگزين 19 ڊسمبر 2021ع)


سماجي ميڊيا تي سندس گذاري وڃڻ جو مختصر پيغام ڇڏيو ويو. هڪ صحافي دوست هن جي وڇوڙي تي پنهنجي ردعمل ۾ لکيو ”ظفر لساني ۽ مذهبي نفرتن کان آزاد هڪڙو يگانو شخص هو. منهنجي هن سان ڪڏهن بہ ملاقات نہ ٿي پر گذريل هڪ ڏهائيءَ کان فيسبوڪ انباڪس تي ساڻس لکت ۾ ڳالھ ٻولھ ٿيندي رهي. هن پنهنجو خانگي اسڪول کوليو، ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪهاڻيون لکيون، ويڊيوز بنايون ۽ ويبسائيٽس جا ڊومينس وڪرو ڪيا پر کيس ڪجھ پلئہ نہ پيو، ظفر هن سماج توڙي پنهنجي گهر ۾ بلڪل انفٽ هو، هن افسوس جو اظهار ڪندي لکيو تہ ڪاش زندگي ۾ توسان ملي سگهجي ها“ ـ
ظفر جي وڇوڙي تي انهن مختصر پيغامن تي منهنجي نظر بلڪل اتفاقي هئي ۽ مون ان ئي تناظر ۾ فيسبڪ تي سندس ٺاهيل بلاگ تي ڇڏيل ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪيون. مونکي لڳو تہ سنڌ جي ڪيترن ادب سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ هي بلڪل اڻ ڄاڻ ليکڪ وانگر رهيو. ڪجھ دوستن جو چوڻ هو تہ ”اهي کيس لکڻين جي ڪري سڃاڻيندا هئا پر هوُ پراسرار لڳندو هو ان ڪري اهي هڪ اڻڄاتل خوف سبب هن کان ڪنهن حد تائين وٿيرڪو رهندا هئا. پوءِ جڏهن هن هي جهان ڇڏيو تہ کين محسوس ٿيو تہ هي زندگيءَ ۾ هڪڙو کرو ۽ يگاني طبيعت وارو شخص هو“ ـ
يقيني طور تي هن جا تمام گهڻا دوست ۽ مائٽ هوندا جيڪي هن جي ذاتي زندگي، سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سندس شرڪت، لکڻين، ڪنهنجي ڪم اچڻ واري عمل وارين خوبين ۽ هن جي خوشگوار مزاج طور ياد ڪندا ۽ اهي هن جي زندگي ۽ شخصيت جي انهن ظاهري طور لڪل پاسن تي لکندا. بهرحال ٻين همعصر ليکڪن وانگر هن جي لکڻين کي بہ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن ادب جي تاريخ لکندڙن کي آساني ٿي سگهي ـ
هن جون ڪهاڻيون پڙهندي لڳو تہ هن جا موضوع بلڪل الڳ ٿلڳ هئا. هن جي ڪهاڻين ۾ بہ پراسراريت آهي. انهن لکڻين ۾ هن جي پنهنجي پاڻ سان گفتگو آهي. هو اڪيلو رهندڙ پسند هو ۽ هجوم ۾ هن جو ساه منجهندو هو، اهو رڳو ڪنهن ليکڪ جي پنهنجي ذات يا سوچ جو مسئلو ناهي پرعام طور تي اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ليکي عقيدي واري نظام کا بنھ آزاد ٿي سوچڻ لڳن ٿا تہ کين آس پاس خطرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهڙي سوچ ۽ لکڻي ان آزادي کسجڻ تي ردعمل آهي جنهن کي ڪجھ ماڻهو مايوسي سمجهن ٿا ـ
جيڪڏهن ڪو روايتي نقاد هن جي ڪهاڻين مان ڪهاڻي ڳوليندو تہ کيس ڏکيائي محسوس ٿيندي. ڇاڪاڻ تہ هن وٽ پنهنجو رڌم هو، جنهن کي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو. هن جا سوال ۽ جواب هن جي پنهنجي ئي جوڙيل رڌم جي هلڪي تھ ۾ ڍڪيل لڳندا. ظاهري طور اڻپورا، منجهيل ۽ سماج کان بغاوت سان ڀرپور، پر پڙهندڙ سندس پُراثر لکت جي وهڪري ۽ اظهار جي اُڻت ۽ منظرنگاري کي محسوس ڪندو هلندو ٿو رهي. هن جي چوڌاري سانت، ڪتن جي ڀونڪ ۽ فطرت جا آواز هئا جن کي هن پنهنجي فنڪاراڻي اُڻت سان رنگ ڀريا ۽ ڪهاڻين کي پڄاڻي تي پهچايو ـ
ڪهاڻيون پڙهندي لڳو تہ هن جي دل ۾ پنهنجي پاڻ سان بغاوت هئي. هن سماج ۾ سندس چوڌاري رهندڙ ماڻهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ وٽس صرف اها آرزو هئي تہ پنهنجي زندگي جو انت آڻي. ”ان عمل کي هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ انتقام جو نالو ڏنو.“ ان لاءِ هن پنهنجي ڪردارن جي روپ ۾ ڪوشش بہ ڪئي پر هر وار سندس اندر ويٺل هڪ احساس کيس ان عمل کان بلڪل عين وقت تي بچائي ٿي ڇڏيو“ ـ
هن جي وڇوڙي جي خبر کان پوءِ مون موري سميت ٻين علائقن ۾ رهندڙ ڪجھ ليکڪ ۽ ادب پاڙهو دوستن کان ظفر بابت وڌيڪ معلومات وٺڻ لاءِ رابطا ڪيا پر وٽن ڪا وڌيڪ خبر چار نہ هئي جيڪا مون لاءِ مددگار ٿي سگهي ها ـ
ظفر سنڌي اصل ۾ موري ۾ گچيرو روڊ تي پنهنجو خانگي اسڪول هلائيندو هو. اصل ۾ شهر ڀرسان لغارين جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. هو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو گريجوئيٽ هو ۽ هن جي ڪهاڻين ۾ هاسٽل، شهر، اتان ٿوري مفاصلي تي درگاهن، اتي جارن تي رکيل ڏيئن، پاڻي جي مٽين ۽ ريل جي پٽڙي جو ذڪر ملي ٿو. پٽڙي تي هن کي سمهي ريل هيٺان اچڻ جي تمنا هئي تہ جيئن هوُ پنهنجو انت آڻي سماج کي شڪست ڏئي سگهي. ان لاءِ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ اردو جي نامور شاعره سارا شگفتہ سميت اهڙن اديبن ۽ شاعرن جو ذڪري ڪري هڪڙو جواز پيش ڪري ٿو ـ
هن جا ترجما ٿيل پنج ڪتاب ”سقراط، سگمنڊ فرائيڊ، جديد سائنس، سائنس ۽ سماج ۽ يادگار شخصيتون ۽ هڪ سندس لکيل ڪهاڻين جو مجموعو ”ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو“ ڇپيل آهن. جيڪي ڪهاڻيون 2000ع ۾ شايع ٿيل سندس ڪتاب ۾ آهن انهن جا موضوع توڙي انهن جي اڻت مختلف آهي پر سندس بلاگ تي رکيل ڪهاڻيون ليکڪ جي فنڪارانہ اڻت جي باوجود هاڻوڪي دور ۾ مڙهيل سماجي ۽ مذهبي پابندين جي ڪري سنڌي اخبارن ۽ ميگزين ۾ شايد ڇپجي نہ سگهن ها. پر اهي فنڪارانہ اڻت ۾ لاجواب آهن ـ
هونئن سنڌيءَ ۾ ظفر سنڌيءَ کان اڳ منير ماڻڪ سميت گهڻن ليکڪن انهن ئي موضوعن تي لکيو آهي. هن جي هڪ ڪهاڻي ”نوريءَ جي نوازيو“ جي پڄاڻيءَ کي ليکڪ سموئيندي لکيو؛ ”منهنجي سموري جسم جي اڃايل مٽيءَ کي ريج ملڻ لڳو. جڏهن ٻارا ٽُٻ ٽار ڀرجي ويا تہ مان ڀت کان هٽي اچي کٽ تي ليٽي پيس، وڌيڪ وقت بيهڻ مون لاءِ بيڪار هو، ڇاڪاڻ تہ مان هماليہ تان اڏام ڪري ٿڪجي موٽيو هوس“ـ
سندس ٻي ڪهاڻي ”ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي“ ۾ طالب نالي هڪ ڪردار کي پينٽ ڪيو ويو آهي جيڪو پنهنجي زال جي موت کان پوءِ ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ شهر جا ماڻهو هن جو وڏو خيال ڪندا هئا. پر هن جي عجيب حرڪتن جي ڪري خاص طور تي عورتون هن کي ايندي ڏسي گس مٽائي وينديون هيون. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي تي ليکڪ طالب کي شفا ڏيڻ وارو بزرگ ڏيکاري ٿو جتي عورتن ۽ مردن جي رش لڳي پئي هُئي ۽ هو انهن کي واري واري دعا ڏئي رهيو هو جڏهن فقير ڪهاڻي جي هيري کي ڏسي ٿو تہ کانئس پنهنجي زال بابت سوال ڪري ٿو. ان سوال تي ان ڪهاڻي جي پڄاڻي ٿئي ٿي ـ
ليکڪ پنهنجي پاڻ تي لکيل ڪهاڻي ”ظفـر جي ڪهاڻي“جي شروعات ۾ لکي ٿو تہ ”مون شهر جي گوڙ گهمسان کان تمام پري نڪري وڃڻ ٿي چاهيو. گهر کان پاڻ مرادو نڪري پيس، مون کي پاڻ خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان، منزل ڪهڙي آهي. لڳم درياءَ جي بچاءَ بند ڏانهن ويندڙ پڪي لنڪ روڊ تي وڃان پيو. سج لهي چڪو آهي اولھ پاسي گيڙو رنگ ڇانيل آهي. هڪ ڀيري مون خودڪشي ڪرڻ بہ چاهي هئي پر پوءِ پاڻ کي حالتن جي وهڪري حوالي ڪري ڇڏيو هيم. هاڻي تہ يقين آهي تہ مون کي زوريءَ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. گذريل ٻارنهن سالن کان منهنجي زندگي غيرفطري بڻيل آهي. مون کي دوستن توڙي مِٽن مائٽن جا سوال هرگز ڪون وڻن. اهو بہ يقين آهي تہ مٿان سخت چوڪسي رکي پئي وڃي. ان ۾ بہ عزيزن ۽ دوستن جو ڪردار شامل رهيو. نظرداري بہ ڇو رکي پئي وڃي، ڪهڙو ڪارڻ“؟
سندس ڪهاڻي ”ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون“ ۾ لڳو تہ هڪڙي وسيع پينٽنگ آهي جنهن تي هن ڪمال سان رنگ ڀريا آهن. ”مون سمجهي ورتو آهي تہ زندگي گذرندي ئي ديوارن جي اندر آهي. بي رنگ، بي سواد ۽ ڇَسي. اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي تہ اوهان خوش آهيو، ڏکويل آهيو يا بيزار آهيو. مون پاڻ لاءِ بيرحم ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، مان سموري تجربيگاھ کي ڍاهي ڇڏيندس. اڳتي نہ سج منهنجي مٿان پهچي مون کي ننڊ مان اٿاريندو ۽ نہ مان اکيون مهٽيندي ڳاڙهين ديوارن ڏانهن نهاريندس“ ـ
هي پنهنجي سياسي نظرياتي بيهڪ ۾ پڪو جيئمسٽ هو جنهن پهريون ڀيرو سماجي ويبسائيٽس ذريعي سائين جي ايم سيد جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. پر سندس لکڻين ۾ هي نہ ترقي پسند هو نہ ڪنهن سياسي ۽ ادبي نظرئي جو پوئلڳ هو ـ
هن جي ڪتاب ”ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو“ ۾ شامل ڪهاڻيون اوائلي جديدت واري انداز ۾ لکيل آهن. اڌورا جملا، سوال، ڀڻڪڻ، هجوم کان پري رهڻ. . . . . هن جو خيال هو تہ ”هر ماڻهو جو پنهنجو اسٽائيل آهي. هن بيمار سماج ۾ ماڻهو انساني نفسيات کان بلڪل اڻ واقف آهن. ڳالهيون هوا ۾ اڇلائڻ بدران دليل سان رکڻ گهرجن“ ـ
جذبن کان خالي وجود“ڄڻ تہ هڪڙو نثري نظم آهي جنهن کي جهونگاري بہ سگهجي ٿو. ”ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو“ ڪهاڻي جي شروعات ”مون وٽ آدجڳاد جي ماٺار آهي. رات جي ماٺار، آوازن جي هوندي بہ هن جي خاموشي ٽوڙڻ رات لاءِ شڪست ناهي. هو هاسٽل جي مٿين ٽانڪي تي ٺهيل يخ ٿڌي فرش تي ڪنڌ هيٺان ٻانهن ڏيو ليٽيو پيو آهي. . . .“ قومي حق، ثقافت، غلامي جو تصور، مارڪس، ڪميونزم، قبائليت، مڊل ڪلاس قيادت جي ڪمزوري، سياست تي ڳالهائڻ کان بيزاري، مونجھ...“ ـ
ظفر جون ڪهاڻيون پڙهندي لڳو تہ بي ترتيب خاموش لڙڪ آهن جيڪي اکين کان ڳلن، کاڏي کان ٿيندا کيس جيئدان ڏيندا ٿا رهن ۽ هي پنهنجي مخصوص انداز سان سماج ۾ چرندڙ ڦرندڙ ماڻهن کي ڏسندو هڪڙي وڏي پينٽنگ ٺاهڻ لاءِ هڪ موڙ کان ٻئي تائين هلندو ٿو رهي. ۽ بلڪل اڻلکائتي موڙ تي سندس زندگي جو ڌاڳو ٽٽي ٿو ۽ سندس هٿن ۾ جهليل رنگ هارجي مٽيءَ سان ملي وڃن ٿا ـ