19 May 2015

ڳاڙهيون اکيون ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

هُو ٻئي هڪٻئي کي گهورين ويٺا، ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون آهن. ڳاڙهين اکين جو مطلب هميشه ڪاوڙ، بدلي لاءِ اتساهڪ يا اوجاڳيل نه هوندو آهي. ممڪن آهي هڪٻئي سان دوستي پيدا ڪرڻ لاءِ جذبات ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هجن. ٻئي جواخاني ۾ ويٺا آهن، ٻئي سموري پونجي هارائي چڪا آهن. شايد ان ڳالهه ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون هجن. اها خاطري آهي ته هنن پاڻ ۾ جوا ڪانه کيڏي آهي ۽ هڪٻئي کان ڪجهه به کٽيو يا هارايو نه آهي. ٻئي ڄڻا هڪٻئي لاءِ اجنبي آهن. هڪجهڙائي فقط ڳاڙهين اکين جي ڪري آهي، ڳاڙهين اکين کان سواءِ ٻنهي ۾ ڪابه هڪجهڙائي نه آهي. رنگن جي تضاد کان سواءِ مذهب جو تضاد به موجود آهي، پر مذهب جي تضاد کان ٻئي ڄڻا اڻ واقف آهن. ڪافي وقت کان ٻنهي ۾ چرپر بند آهي، ڄڻ طئي ٿي چڪو آهي ته آسپاس جي بجاءِ هڪٻئي جي اکين ۾ گهورڻ انتهائي ضروري آهي. ٻنهي جي صورت، قدڪاٺ، عقيدو ۽ رنگ وغيره سڀ ڪجهه الڳ آهن. معروضي حقيقت ٻنهي کي هڪجهڙو ثابت ڪري رهي آهي، يعني اهو ته ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون آهن. سچائي صرف ايتري آهي ته ٻئي پنهنجي سموري ملڪيت جوا ۾ هارائي ويٺا آهن. ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون آهن، ڳاڙهين اکين مان مختلف مطلب ڪڍي سگهجن ٿا.

هڪڙو الف آهي ۽ ٻيو ب، الف جي زال مَري چڪي آهي ۽ ب زال کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. اها به هڪ قسم جي هڪجهڙائي آهي ته ٻئي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ اڪيلا رهندا آهن. الف جي زال ان وقت مَري وئي جڏهن هن زال کي پسند ڪرڻ شروع ڪيو هو. پورا يارنهن سال هن زال کان نفرت ڪئي، پر جڏهن محبت جو وقت آيو ته هوءَ ٻار ڄڻيندي پاڻ به مُئي ته پاڻ سان گڏ ٻار کي به ساڻ وٺيو وئي. الف ان الميي جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪيو هو، سواءِ ويجهن عزيزن جي، جن کي ان واقعي جي اڳ ئي ڄاڻ هئي. ب زال کي تڏهن طلاق ڏني جڏهن زال جي محبت ۾ هن بيوفائي محسوس ڪندي پنهنجي ڪنڌ ۾ ڦاهي وجهڻ چاهي. زال خاطري ڏنس ته توکان سواءِ منهنجو ٻئي مَرد سان ڪو تعلق ناهي پر ب کي يقين نه آيو، هن چيو ”يا مون کي ڦاهي چڙهڻ ڏي يا مون کان طلاق وٺي جُدا ٿي وڃ“ سندس زال جُدا ٿي وئي ۽ هُن کي ڦاهي چڙهڻ کان بچائي ورتائين. نتيجو اهو نڪتو ته هُو اڄ جواخاني ۾ ڳاڙهين اکين واري شخص کي گهوري رهيو هو.

الف جي شادي ننڍي هوندي مائٽن ڪرائي ڇڏي ۽ ب پاڻ ئي ننڍي هوندي ضد ڪندي شادي ڪري ڇڏي. اها به هڪجهڙائي ڳڻپ جوڳي آهي ته ٻنهي جي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي. ب جو پيءُ ڪاروباري ماڻهو هو، هن نٿي چاهيو ته پٽ جي شادي ايتري ننڍي عمر ۾ ڪري ڇڏجي. پر ب چيو ”جي شادي نه ٿي ته مان گهر ڇڏي جهنگ منهن ڪندس، ڀلي پيا پوري حيات ڳوليو. جيڪڏهن آخر ۾ لڀي به ويس ته زنده حالت ۾ ڪونه لڀندس.“ اهڙي ڌمڪي ٻڌي ب جي ڪاروباري پيءُ هن جي شادي ڪرائي ڇڏي. الف سوچي ڇڏيو هو ته شادي چاليهه سالن جي عمر کان پوءِ ڪبي، پر هن جي طبيعت ۾ بغاوت ڏسي پڻس سرڪاري عهديدارن وٽ وڃي دانهيو ته ”هاڻ مان پٽ جو ڇا ڪيان؟ هُو ته اوهان جي خلاف بغاوت لاءِ آمده آهي ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.“ سرڪاري عهديدارن کيس چيو ته ”تون بي فڪر ٿي، اسان هن کي پاڻهي ئي ڦاسايون ٿا.“ ان کان پوءِ الف جي مائٽن سرڪاري عهديدارن سان سهڪار ڪيو ۽ الف جڏهن هوش ۾ آيو ته هن پاڻ ئي رڙيون ڪري چيو ته منهنجي شادي ڪرايو. ظاهر اهو ٿيو ته هن پنهنجي شادي رضامندي سان ڪئي هئي.

الف ۽ ب ٻنهي جون اکيون وڌيڪ ڳاڙهيون ٿينديون پيون وڃن. اهي ڪنهن به ٻئي طرف نهارڻ لاءِ هرگز تيار نه آهن. الف تي سرڪاري عهديدار اڃا تائين پهريداري ڪري رهيا آهن. انهن ڏٺو ته الف ب جي اکين ۾ تڪراري نوعيت سان نهاري رهيو آهي. هنن پاڻ ۾ ميٽنگ سڏائي ورتي ته الف جي اکين کي ٻئي طرف نهارڻ لاءِ ڪو خاص بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ ب جي حياتي خطري هيٺ اچي ويندي. بيشڪ سرڪاري عهديدارن جي حڪمت عملي هن خطي ۾ آفاقي قانون آهي. جيڪڏهن ب زنده رهيو ته الف هن جي اکين ۾ ڏسندو رهندو. الف جي اکين کي لاڳيتو هڪ طرف ڏسڻ نه گهرجي. جواخاني ۾ مَردن ۽ عورتن جو تعداد وڌڻ لڳو. تاريخ ۾ ڪڏهن به ايترا جوئاري هڪ محفل ۾ گڏ ڪونه ٿيا هئا جيترا هتي سرڪاري عهديدارن گڏ ڪري ورتا. الف ۽ ب مسلسل هڪٻئي جي ڳاڙهين اکين ۾ نهاري رهيا هئا. پر هر سيڪنڊ ۾ ڪا عورت يا ڪو مَرد ٻنهي جي وچ مان گذري ٿي ويا، يا وري ڪجهه دير لاءِ ڪي ٻه انسان وچ تي بيهي ٿي رهيا ته جيئن ٻنهي جي نظر هڪٻئي جي اکين تي نه پئجي سگهي.

الف ب کي خفيه اشارو ڪري چڪو هو ته سرڪاري عهديدار اسان جي وچ ۾ اچي رهيا آهن. ب اشارو سمجهي ويو ۽ ڳاڙهين اکين کي جُهڪائي اشارو ڪيائين ته هنن کي بيوقوف ڪرڻ تمام آسان آهي. الف لاءِ سرڪاري عهديدارن کي بيوقوف ڪرڻ جو ڪوبه تصور يا شعور ڪونه هو. ب ڀرسان بيٺل هڪ خوبصورت حسينه جي هٿ کي ڄاڻي واڻي ڇُهندي چيو ”معاف ڪجو غلطيءَ سان هٿ لڳي ويو، مون هميشه اهو پئي چاهيو آهي ته جيڪڏهن غلطيءَ سان ڪنهن کي ڇُهي وٺجي ته اهو مَرد هجڻ گهرجي.“

”تنهنجي خواهش پوري ٿي چڪي آهي، توڙي جو مان عورت آهيان پر منهنجا هارمونز مَرداڻه آهن. جيڪڏهن تون چاهين ته مون کي واش روم ۾ وٺي وڃي سگهين ٿو. منهنجي ٽنگن تي مَردن جيان وڏا ۽ گهاٽا وار آهن.“

”جيڪڏهن تون راضي هجين ته پوءِ ٻڌي ڇڏ، منهنجي جسم تي وار نالي ڪابه شيءِ ناهي. منهنجا هارمونز بلڪل عورتاڻه آهن. پنهنجي آقائن کان پڇي وٺ ته توکي واش روم وڃڻ جي اجازت آهي؟“

عورت پرُ اعتماد لهجي ۾ چيو ”مون کي لڳي ٿو ته تون هومو سيڪسيوئل آهين، توکي ڳاڙهين اکين واري سان پيار ٿي ويو آهي. مون نوٽ ڪيو آهي ته گذريل ويهارو منٽن کان تون هن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهين.“

”ڌوڙ وجهينس، هل ته هڪٻئي کي پنهنجا هارمونز ڏيکاريون.“

هوءَ هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي، ب ڏٺو ته اهڙي ئي هڪ حسينه الف وٽ به بيٺي آهي. هن سوچيو هي سرڪاري عهديدارن جو ڪرشمو آهي يا حسين ترين اتفاق! جيڪڏهن حَسين ترين اتفاق آهي ته پوءِ الف کي پنهنجي حالتن تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. هن حَسين عورت کي پنهنجا هارمونز ڏيکارڻ کان اڳ الف ڏانهن ڳاڙهين اکين سان گهوريو. محسوس ڪيائين ته الف جون اکيون هاڻ ڳاڙهيون ڪونه هيون. حَسينه هن جي پُٺ کان سندس ڇاتيءَ تي هٿ ڦيري رهي هئي. يعني الف هن کي جسم ڇُهڻ جي اجازت ڏئي چڪو هو. هن ٻيهر غور ڪيو، الف ۽ حَسينه ۾ ڪوبه فرق نظر ڪونه ٿي آيو. ٻئي هڪجهڙا نظر پئي آيا، ٻنهي جو رنگ، چهرو ۽ قدڪاٺ هڪجهڙو هو. ب کي سمجهه ۾ نه آيو ته اصل ۾ ٿي ڇا رهيو آهي. هن تڪڙ ۾ کيسي مان آئينو ڪڍيو، آئيني ۾ پنهنجو پاڻ ڏسڻ شروع ڪيائين. آئيني ۾ ته الف جو چهرو نظر پئي آيو، هن سوچيو ”مان ڪٿي آهيان؟“ هن ٻيهر ڀرسان بيٺل حَسينه جي جسم کي ڇُهي ڏٺو. ها، هيءَ ته بيشڪ موجود آهي. حَسينه چيو ”تنهنجو ڇا خيال آهي ته مان آهيان ئي ڪانه! ڀليو آهين، مان آهيان. الف ته شروع کان آهي ئي ڪونه. تو ته پنهنجون ئي اکيون آئيني ۾ پئي ڏٺيون.“

”ڪوڙ ٿي ڳالهائين، تون سرڪاري عهديدارن جي موڪليل آهين، فريبي ۽ مَڪار.“

”اڇا، تو ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته تون پاڻ کي اجايو الف سمجهندو رهيو آهين، الف ته محض بچاءُ جو هڪ جڙتو هٿيار آهي. اچي هي وٺ انيڪ آئينا ۽ پاڻ کي چڱي طرح ڏسي وٺ. الف جو وجود آهي ئي ڪونه.“

ب انتهائي بيوسيءَ جي عالم ۾ ٻيهر پنهنجو چهرو آئيني ۾ ڏٺو، جهڙو اڳي هو، اهڙو ئي هن وقت نظر پئي آيو. هن جواخاني ۾ چوطرف نگاهه ڊوڙائي، ڪٿي به الف نظر ڪونه آيو. هن سوچيو ته ”پوري پونجي هارائڻ کان پوءِ ڇا ائين ئي ٿيندو آهي جيئن مون سان ٿئي پيو؟“

حَسينه ٻيهر ڳالهايو ”هاڻ توکي سمجهه ۾ آيو، ته سرڪاري عهديدار هوندا ئي نه آهن؟“

”ها، ايترو سمجهه ۾ آيو ته اهي فريبي ۽ دوکي باز آهن ۽ تو جهڙيون حَسينائون هنن مسواڙ تي حاصل ڪري ورتيون آهن. انهن جي ذمي اهو فرض آهي ته ڀٽڪيل انسانن مان اجوڳ فائدو وٺن. تون پنهنجو فرض ڀرپور نموني ادا ڪري رهي آهين.“

حَسينه وراڻيو ”بس ايترو؟ ڀليو آهين، توتي ته ڄَمڻ کان وٺي نظر رکي پئي وڃي، ائين نه؟ اسان جا سرڪاري عهديدار هميشه کان ذهين ۽ هوشيار آهن. اهي ٻار جي ڄَمڻ کان ئي پهريداري شروع ڪري ڇڏيندا آهن. توکي ياد آهي ته تو جاسوس ٿيڻ پئي چاهيو؟“

”بيهوده ۽ مَڪار حَسينه، ٻڌي ڇڏ! مان طبعي طور غلام ضرور آهيان پر روحاني طور اوهان مون کي قيد ڪري نٿا سگهو. ٻڌائي ڇڏ پنهنجي سرڪاري عهديدارن کي. ڪڍي ڇڏ هنن جي ذهنن مان خوشفهمي!“

”سرڪاري عهديدارن خوشفهمي ڪڍي ڇڏي هوندي، الف هجي يا ب اهو سرڪاري عهديدارن جي نظر کان بچي ڪونه ٿو سگهي، ائين نه؟. تون جيڪڏهن باغي ناهين ته پوءِ واش روم ۾ هل ته هارمونز جي تورتڪ ڪيون. سنسار ائين ئي هلي پيو، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. سرڪاري عهديدارن کان بچي سگهڻ ممڪن ئي ناهي، کوڙ ڀيرا اها ڳالهه ٻُڌي اٿم. اهي ته تو جهڙن جي طبيعت ۽ ذهني لاڙن کي به پنهنجي وس ۾ ڪيو ويٺا آهن. تو جهڙن سمورن سوچيندڙ ذهنن جي قسمت هنن جي هٿ ۾ آهي. بغاوت تو جهڙن لاءِ فقط خواهش ئي ٿي سگهي ٿي، حقيقت نه!“

ب ٻيهر آئينو کنيو، غور سان آئيني ۾ ڏٺائين. هن کي ڪوبه الف نظر ڪونه آيو. البته هن جون پنهنجون اکيون ڳاڙهيون هيون. هُو جواخاني ۾ پنهنجي سموري پونجي هارائي چڪو هو. هن آئيني مان نظرون هَٽايون، ڀرسان ڪابه حَسينه ڪان هئي. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هُو الف آهي يا ب. جيڪو به آهي اهو حقيقت ۾ سموري ملڪيت هارائي ويٺو آهي ۽ سرڪاري عهديدار هن تي ڄَمڻ کان وٺي نظر رکيو ويٺا آهن. جيڪو به نظر اچي پيو اهو دراصل هڪ دوکو آهي. الف جي شادي زوريءَ مائٽن ڪرائي ڇڏي يا ب ضد ڪري پاڻ شادي ڪئي، ٻنهي ڳالهين ۾ ڪوبه فرق ناهي. اهو سڀ سرڪاري عهديدارن جو لکيو آهي. هن سوچيو ته ”سرڪاري عهديدار به هڪ ڏينهن مَري وڃڻا آهن، اهي به مون جيان پاڻ کان اعليٰ سرڪاري عهديدارن جا غلام آهن. هن دنيا ۾ هر ڪنهن کي ڊڪٽيشن ملي ٿي ۽ جن کي نٿي ملي انهن جي سڃاڻپ ختم ڪري انهن کي الف يا ب قرار ڏنو ويندو آهي.“