14 Mar 2001

ظفر ۽ ظفر جون ڪھاڻيون ـ تبصرو ـ پروفيسر عزرا مغل

”ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو“ ڪتاب پڙھن سان ظفر ھڪڙو ذھين پڙھيل ڳڙھيل ۽ باشعور رائيٽر جو تاثر کڻي اڀري ٿو. جنھن جا ڪردار (يا شايد ھو پاڻ) نفسياتي مونجھارن ۾ ٻڏل آھن، جيڪا ھن جي ڪردار جي خامي نہ پر خوبي ڪري ليکجي ڇو جو اھي مونجھارا شعور جي پيداوار آھن.
سنڌي ڪھاڻي جي روايتي انداز کان ھٽي ڪري ھُو ٻي واٽ جو مسافر آھي، جيڪو روايت کان وڌيڪ اينٽليڪچوئلزم ڏي راھي آھي. اھو اينٽليڪچوئلزم جيڪو نفسياتي مونجھارن کان جنم وٺي نفسياتي مونجھارن تي ئي ختم ٿيندو آھي، ھو ٻن بُکن جو بار بار ذڪر ڪندو آھي، پر ماڻھوءَ جي ٽين بک نفسياتي بک بہ آھي، جنھن جو چٽو ذڪر ھن نہ ڪيو آھي ۽ پر ھن جي ڪردارن جي اھا بک وائکي آھي. ھن جا ڪردار ميچوئر آھن ۽ شعور جي ڳٿين ۾ وڪوڙيل آھن، جن جا سوال نٿا کٽن ۽ اھي جوابن کان مايوس ٿي ڍَرا پئجي ٿا وڃن. سڀ سوالن جوابن جا سلسلا ڇڏي اکيون بند ڪري، پر وري سوچ جو سلسلو ٽٽي ئي نٿو. (جو نفسيات جي بک کي ڪتان بہ ڍءُ ڪونہ ٿو ٿئي) اھڙا ڪردار نفسياتي بک جي پورائي لاءِ روحانيت جو پاسو بہ وٺي سگھن ٿا پر دلاسا ... !! ان ڪري وري بہ نفسياتي مونجھارن جي رڙ ٻڌڻَ اچي ٿي
ـ
ماڻھو جو صرف واڌ ويجھ، کائڻ پيئڻ ۽ ٻار ڄڻڻ ڪم ناھي، پر پنھنجي جاڳيل شعور کي منھن ڏيڻ بہ سندس اھم مسئلو اھي. اھڙي شعور کي نندي ئي سگھجي ٿو. جيڪو زندگيءَ جو لطف ئي وڃائي ڇڏي، ھر باشعور ماڻھو انھيءَ ڳالھ سان سھمت ھوندو. پر بک تہ کاڌو ڳوليندي آھي پوءِ ڀلي بڇڙو ڪري، چريو سڏرائي، مست ولي يا اينٽليڪچوئل توڙي عام ماڻھو سڃاڻپ ڪھڙي بہ ھجي پر ان ھنڌان صرف ھائوڪار ماٺ آھي. ڪيستائين شعور ماٺ کان موٽ کائي بکايل رھي ـ
نتيجو وري مونجھارو، وري ماٺ فلسو، وري مونجھ، وري اڻ کٽ سلسلو بس ماٺ بھتر آھي. جيستائين زندگي آھي، گھلڻي آھي ڏکي يا سکي!! ڪتي جملا اڻپورا آھن، جيڪي ڪردار لاءِ تہ چٽا آھن، پر قاريءَ کي مطمئن نٿا ڪري سگھن. ان کان علاوھ ھڪڙو بايولاجسٽ!؟ ٻاھر جو ڪوئي رائيٽر ترجمو ٿيل ھجي تہ Scientific Terminology عمومن قابليت جي سند ۽ ھنر سمجھيو وڃي ٿو پر پنھنجي ليکڪ کي اھڙو سائنٽيفڪ نہ ٿيڻ کپي. ڇو تہ عام قاري جنھن جي اڳيان ڪتاب پيش ڪيو ويو آھي سمجھي نہ سگھندو، ان ڪري حلقو تمام محدود ٿي پوندو. انھي ڳالھ تي غور ڪري ڪھاڻين ۾ عام فھم لفظ استعمال ڪجن تہ وڌيڪ بھتر ٿيندو ـ
جذبن کان خالي وجود، کلي ڀلي نہ دروازو، ويراڳ، ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو، سراوائيڊ اينيمل آف دي سائيڪون، اجھاڻل ڏسا، ظفر جون نمائندا ڪھاڻيون ليکي سگھجن ٿيون، جن جي پڙھڻ سان ظفر بھرحال نئين ٽھيءَ جي باشعور ماڻھن جي فھرست ۾ شامل لڳي ٿو.