17 Mar 2014

نهايت افسوسناڪ واقعو ـ ڇھن مهينن جي ٻارڙي رام چند ڪولهيءَ جو فوت ٿيڻ ـ ظفر

ڇھن مهينن جي ٻارڙي رام چند ڪولهيءَ جو فوت ٿيڻ ـ

مارچ 13 تي اسان جي ميڊيڪل ڪئمپ ننگر پارڪر جي ڳوٺ چُوڙيو ۾ لڳائي وئي. ان ٽيم ۾ ڊاڪٽر برڪت سان گڏ هڪ ليڊي ڊاڪٽر پڻ موجود هئي. رات جو واپسي مهل اهي پاڻ سان گڏ ٻہ ٻارڙا ۽ سندن والدين گڏ وٺيو آيا تہ انهن ٻارڙن کي ترت علاج لاءِ مٺي جي اسپتال پهچائڻ گهرجي. جڏهن اهي ننگر پارڪر شهر ۾ پنهنجي مستقل رهائشي ٺڪاڻي تي پهتا تہ سمورن ٽيم ميمبرن کان اهي ٻئي ٻارڙا ڄڻ تہ وسري ويا ـ

رام چند ولد تڳو ڪولھي ۽ ڊاڪٽر برقت نوناري

لڳ ڀڳ پوڻا ٽي ڪلاڪ يا ٽي ڪلاڪ دير کان پوءِ انهن ٻارڙن کي کڻي مان ۽ احمد سومرو مٺي ڏانهن روانا ٿياسين. مٺي اسان کان صرف اڌ ڪلاڪ کن جي پنڌ تي هيو تہ هڪ ٻارڙو رام چند ولد تڳو ڪولهي جنهن جي عمر صرف ڇھ مهينا هئي رستي ۾ وفات ڪري ويو. انتهائي افسوس ۽ ڏک جي ڳالھ اها هئي تہ ٻارڙي جي وفات مٺي کان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ ٿي هئي. مان دوستن کي صاف ۽ واضع لفظن ۾ ٻڌايان ٿو تہ رامچند اسان جي غفلت جي ڪري مَري ويو. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسان ان کي غير ضروري طور پنهنجي ٺڪاڻي تي ٽي ڪلاڪ نہ ترسايون ها تہ ٻار بَچي سگهي پيو ـ

ٻار جي مَري وڃڻ ڪري اسان کي سلام ڪوٽ جي اسپتال وڃڻو پيو جيئن تصديق ٿي سگهي. اتي موجود ڊاڪٽر ٻار جي چڪاس ڪري ٻُڌايو تہ هي ٿوري دير اڳ فوت ٿي چڪو آهي هن جي جسم جي گرمائش مان خبر پوي ٿي. اتي طبي سهولتون نہ هجڻ ڪري اسان کي ٻئي ٻار ڏيکارڻ ۽ فوت ٿيل ٻار جي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لاءِ مٺي وڃڻ ضروري هو. پوءِ اسان ٻنهي ٻارڙن ۽ والدين سميت مٺي روانا ٿياسين. جتي فوت ٿيل ٻارڙي جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرايو ويو پر ڊاڪٽر مطابق وٽس اسٽيمپ نہ هو جيڪو صبح ڪلارڪ آفيس کلڻ کان پوءِ ئي ٿي سگهي پيو. اها ڳالھ مون فوت ٿيل ٻارڙي جي پيءَ تڳو ڪولهي کي سمجهائي. هن جو چوڻ هو تہ اسان کي ڳوٺ پهچايو وڃي تہ جيئن اسان ٻارڙي کي دفن ڪري سگهون. جڏهن تہ مون کيس ان ڳالھ تي قائل ڪري ورتو تہ اوهان جا ڇھ ست ٻار ٻيا بہ آهن. سنڌ سرڪار هر فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن کي پنج لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪڏهن واقعي ائين ٿيو تہ پوءِ سرٽيفڪيٽ تي اسٽيمپ لڳڻ لازمي آهي. جيڪو ٻار وڃڻو هو سو تہ ويو پر جي رقم ملي ٿي تہ اوهان ٻين ٻارڙن جي پرورش بهتر ڪري سگهندا. هن منهنجي ڳالھ مَڃي ورتي ان سموري وقت دوران فوت ٿيل ٻارڙي رام چند جي امڙ ٻار کي جهوليءَ ۾ کنيو ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ـ

ٻئي ٻار کي اسپتال داخل ڪرايو ويو ان ۾ رت جي خطرناڪ حد تائين گهٽتائي هئي. ان ٻار جو بلڊ گروپ او پازيٽوَ هو جڏهن تہ منهنجو اي پازيٽوَ ۽ احمد جو بہ شايد ساڳيو گروپ هو. ڊاڪٽر جو چوڻ هو تہ ٻار کي اڌ بوتل او پازيٽوَ جي لڳڻ ضروري آهي. ٻار جي والد رميش پنهنجو بلڊ گروپ ٽيسٽ ڪرايو تہ ڀلائيءَ سان اهو او پازيٽو نڪتو، جيڪو پوءِ ٻار کي لڳايو ويو. احمد سومري کي مٺي شهر مان ڪجھ دوائن جي ايڪسچينج ڪرائڻي هئي، جڏهن تہ مونکي فوت ٿيل ٻارڙي جي سرٽيفڪيٽ تي اسٽيمپ جي ضرورت هئي. صبح جو لڳ ڀڳ ستين بجي رام چند جي ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ تي اسٽيمپ لڳي ويو. اهو سرٽيفڪيٽ کڻي مان تڪڙ ۾ پريس ڪلب جي ڳولا ۾ نڪري پيس تہ جيئن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بابت خبر هلرائي سگهان. مون کي اتان جو مشهور صحافي کاٽائو جاني هٿ اچي ويو، کيس ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ڏيکاريم ۽ ٻارڙي جو نالو، والد جو نالو، عمر ۽ ڳوٺ جو نالو لکرايم. هن وعدو ڪيو تہ سڀاڻي سمورين اخبارن ۾ ٻار جي فوت ٿيڻ جي خبر شامل هوندي ـ

رام چند کي سندس مائٽ ۽ ماءٌ ڀيٽا ڏيندي

ان کان پوءِ مان احمد سومري کي مٺي ڇڏي رام چند جي مَڙھ کي کڻائي ننگر پارڪر جي ڳوٺ چوڙيو روانو ٿيس جيڪو انڊيا جي سرحد سان لڳو لڳ آهي. اتي پهچڻ ۾ لڳ ڀڳ چار ڪلاڪ کن لڳا، مان ٻارڙي جي سمورين آخري رسمن تائين اتي ئي رهيس. جنهن ۾ تقريبن ٻہ اڍائي ڪلاڪ لڳا ان کان پوءِ موٽي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ٿيس. مان اعتراف ڪيان ٿو تہ رام چند ولد تڳو ڪولهي اسان جي ٽيم جي غفلت سبب مَري ويو. جيڪڏهن اسان ان کي رات جو رهائشي ٺڪاڻي پهچڻ وقت ئي روانو ڪيون ها تہ هو مٺي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ کان اڍائي ڪلاڪ اڳ پهچي ها تہ ضرور بَچي وڃي ها. ان ڳالھ جو بہ اعتراف ڪيان ٿو تہ ڊاڪٽر کان سواءِ ڪنهن کي بہ ٻار جي سنجيدہ حالت جي اوتري خبر نہ هئي جيتري ڊاڪٽر کي هئي. پر ان کان وسري وڃڻ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري جيڪا ٽي ڪلاڪ دير ٿي ان ڪري ٻار اسان جي هٿن ۾ فوت ٿي ويو ـ

سنڌي ظفر رام چند ولد تڳو ڪولھي جي آخري رسمن بعد مُنھن ڌوئيندي ـ
____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 17 مارچ 2014