سنڌ ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارا کوڙ علائقا آهن. جتي مان ويٺو آهيان ان بابت تاريخدان لکن ٿا ته سڪندر اعظم سنڌ ۾ خون خرابي ڪرڻ کان پوءِ هتان ئي روانو ٿيو هو. پڪ ناهي ڇاڪاڻ ته چون ٿا سنڌوندي جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ته پاڻ سان گڏ مٽيءَ جو جام ذخيرو پڻ آڻي ٿي. اها تاريخ جي ورقن ۾ انتهائي معتبر ۽ طاقتور ندي رهي آهي. جنهن هميشه پنهنجي مخالف سمنڊ جي ڇولين کي پوئتي پئي ڌڪيو آهي. پوئتي ڌڪڻ سان گڏ سمنڊ جي علائقي تي قبضو ڪندي رهي آهي. اها تاريخ آهي پر مان جنهن تاريخ جي ڳالهه ڪيان پيو ان ۾ سمنڊ سنڌ جي زمين کي لتاڙيندي اڳتي وڌي رهيو آهي. يعني سنڌوءَ جي ويڙهه سمنڊ سان هميشه کان جاري آهي، سمنڊ ۽ سنڌو هڪٻئي سان مقابلي ۾ آهن. مقابلو هلندڙ آهي اتي مون جهڙا پسو ڪوبه ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن. بلڪل ائين جيئن هوءَ ڪنهن وقت منهنجي طرف ڊوڙندي نظر ايندي آهي ته ڪنهن وقت منهنجي مخالف طرف. هُن کي صرف ڊوڙڻ پسند آهي ۽ هوءَ مسلسل ڊوڙي رهي آهي. هن جا وار تمام ڊگها آهن، چيلهه کان به هيٺ تائين. پر اهي هن وقت پاڻي سان آلا آهن. پڪ سان هن گرميءَ سبب سمنڊ ۾ ٻه چار ٽٻيون هنيون هونديون. هي منهنجي ڀرسان رکيل صاف پاڻيءَ جي بوتل ۽ گلاس ڪاڏي گم ٿي ويا! هوءَ پري کان ڏسجي رهي آهي، هن کي چار ٽڪرا ڪپڙن جا پاتل آهن. ٻه ٻاهريان ۽ ٻه اندران، ٻاهريان ته سمنڊ پاڻيءَ سان پُسي ويا آهن. تنهن ڪري اندريان ٽڪرا ٻاهران ظاهر ٿي پيا آهن. هوءَ جيڪڏهن مون سان گڏ سمنڊ ڪناري آئي آهي ته مون کي کائنس صاف پاڻيءَ بابت پڇڻ گهرجي. پر جيڪڏهن هوءَ اڪيلي ۽ پنهنجي منهن آئي آهي ته پوءِ پاڻي بوتل ۽ گلاس جي گمشدگيءَ جو مان پاڻ ذميوار آهيان.
شايد اهو سچ آهي ته سڪندراعظم هتان کان سوين ڪلوميٽر سمنڊ جي اندر طرف لشڪر لاءِ پڙاءُ ڪيو هو. ان دور ۾ سنڌو طاقتور هئي، يعني سمنڊ تي حاوي. مان هن کان ٻه هزار سال پوءِ ساڳي جاءِ تي پهتو آهيان، يقينن هيءَ ساڳي جاءِ ناهي پر ساڳيو رستو ضرور آهي. مان سڪندر جي ماضيءَ واري ڪناري کان سوين ڪلوميٽر (پوري خاطري ناهي) پٺتي يعني اتر طرف آهيان. منهنجي دور ۾ سنڌوءَ کي باندي بنايو ويو آهي، هن جي طاقت هن کان وڌيڪ طاقتور ڌرين جي هٿ ۾ اچي وئي آهي. هن دور ۾ طاقتور ڌريون نٿيون چاهين ته سنڌو طاقتور رهي ۽ سمنڊ کي شڪست ڏيندي رهي. اهو سياسي معاملو آهي. سوين ڪلوميٽر سمنڊ جي اندر طرف ڪاهي وڃڻ جو مطلب آهي ته ان وقت سنڌو طاقتور ندي هئي. سمنڊ کان به وڌيڪ طاقتور، ان سمنڊ جي سوين ميلن تي قبضو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن سنڌوءَ کان طاقت کسجي وئي ته سمنڊ جي طاقت وڌي وئي. نتيجي ۾ سنڌ جي زمين تي سامونڊي ويريون چڙهي آيون ۽ ايڪو سسٽم کي تباهه ڪرڻ لڳيون. مان ايڪو سسٽم بابت وڌيڪ نٿو ڄاڻان، پر بيهوده ۽ مڪار انسانن فطرت جي ايڪو سسٽم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مڇيون انسان جي گندگيءَ سبب مَري رهيون آهن، آبي جاندارن کي وڻن مان کاڌ خوراڪ ملڻ گهٽجي وئي آهي. هوءَ مون سان گڏ آئي هئي يا نه پر اها اڃا تائين ڊوڙي رهي آهي. مان ته ائين ٿو سمجهان هن تي ڪنهن اعليٰ آفيسر طرفان جرم جو ثبوت ڏيڻ سبب سزا مسلط ٿي چڪي آهي. سزا جا به عجيب معيار آهن، ڊوڙندا رهو، هميشه ڊوڙندا رهو. تان جو اوهان جو آخري وقت اچي وڃي.
ڇا مان هن جي موت جو تماشو ڏسڻ آيو آهيان، نه منهنجي يادگيري ايتري پختي ناهي. هوءَ خطاوار آهي ته کيس سزا ضرور ملندي. مان اهو سمجهڻ کان غافل آهيان ته هن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي آهي. هن جو قصو سسيفس سان ملندڙ جلندڙ آهي، يعني اجائي ۽ لغو محنت. لڳي به ائين ٿو ته مقتدر ڌريون هن کي مون تائين پهچڻ هرگز نه ڏيندو. مان ته اهو به نٿو ڄاڻان ته سامونڊي ڪناري تي اسان گڏ آيا هئاسين يا اڪيلا اڪيلا. جيڪڏهن اڪيلا آيا هئاسين ۽ هوءَ طاقتور انساني ڌر طرفان سزا يافته آهي ته پوءِ مان هن جي دفاع ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. هن کي سسيفس جيان ڪجهه ميل اولهه ته ڪجهه ميل اوڀر طرف هميشه لاءِ ڊوڙڻو پوندو. هوءَ اڃا تائين ڊوڙي رهي آهي، اطمينان جي ڳالهه اها آهي ته هوءَ بلڪل به ٿڪل ڪانه ٿي لڳي. هن جي جسماني توانائي مون کان ڏهوڻ تي بهتر آهي، مون سوئمنگ پولز تي آزمائي ڏٺو هو. هوءَ سنڌوءَ جيان مضبوط ۽ محفوظ آهي، موجوده سنڌو ته سنڌ جي زمين مقابلي ۾ سمنڊ کان هارائي چڪي آهي. ان ۾ ڏوهه سنڌوءَ جو ناهي، سنڌوءَ تي ڪيئي مذهبي نانءُ ۽ رسمون ٿاڦيون ويون. ان کي ازلي ماتا جي کير ڌارا سمجهيو ويو، جيڪا سمورن مصيبتن ۽ آفتن کي ختم ڪندڙ هئي. منهنجي ساٿي ڊوڙ پائي مون ڏانهن اچي ٿي ۽ غائب ريڊ لائن تان واپس موٽي وڃي ٿي. ڪٿي ائين ته ناهي ريڊ لائن کي منهنجي موت سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. مان ته هڪ شڪي ڳالهه پيو ڪريان پر هوءَ ڊوڙون پائيندڙ سموري حقيقت کان واقف آهي.
سڪندر منهنجي تيرن ۽ ڀالن سان زخمي ٿيو هو، مهينن تائين هُو بستر مرگ تي ستل رهيو هو. افواهه اهي هئا ته سڪندراعظم مَري چڪو آهي. پر هُو مئو ڪونه هو، صرف زخمي حالت ۾ هو، هن جا گهاءُ گهرا هئا. مون جهڙي جنگجو کان بچڻ ڪو آسان ڪم ته نه هو. هُو اسان جي دفاعي قلعي جي ويجهو پهچي چڪو هو. مان ته انهيءَ گهات ۾ هوس ته دشمن منهنجي علائقي جي ويجهو اچي. سڪندراعظم سمجهيو ٿي ته مون کان وڌيڪ ڪوبه جنگجو دنيا ۾ موجود ناهي، پر اها سندس ڀُل هئي. جيئن ئي هُو ڏاڪڻ ذريعي قلعي ۾ داخل ٿيو ته منهنجي حڪم تي باقي سموريون ڏاڪڻيون ڪيرايون ويون. باهه ۽ زهر جا تير وسايا ويا، هن جا سڀ ساٿي هڪ هڪ ڪري گهايل حالت ۾ قلعي جي ٻاهرين طرف ڪِرڻ لڳا. اڪيلو سڪندر ڏاڪڻ پار ڪري قلعي اندر داخل ٿي ويو، مون کي پراڻي محبوبه جو پلاند ڪرڻو هو جنهن کي هُن پنهنجي سپاهين حوالي ڪري ڇڏيو هو. هوءَ زنده هئي يا نه ان ڳالهه جي مون کي اڄ تائين ڪابه خبر ناهي. پر هن منهنجي محبوبه سان برو سلوڪ ضرور ڪيو هو. منهنجو نشانو ڪڏهن به خطا نه ٿيندو آهي، ديوار جي اوٽ مان بيهي نشانو تاڻي مون سڪندر جي سيني تي زهريلو تير وهائي ڪڍيو. هُو مَرڻ وارو هو جيڪڏهن مان قلعي جي ديوار تان تڪڙ ۾ هيٺ لهي سگهان ها. سڪندر جي خوشنصيبي جو هن جا ساٿي پهچي ويا ۽ هن کي زخمي حالت ۾ قلعي مان بچائي نڪري ويا.
هوءَ اڃا تائين ڊوڙون پائي رهي آهي، سڪندر سان ويڙهه ۽ هاڻي واري وقت ۾ ٻه هزار سالن جي وٿي آهي. پڪ سان هوءَ مون سان گڏ سنڌوءَ جي سامونڊي ڇوڙ واري علائقي تائين گڏ نه آئي آهي. مون اڳ به چيو هو ته ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڪيئن منهن ڏجي. جيڪڏهن سڀ گڏجي ويندا ته معاملو سمجهه کان ٻاهر ٿي ويندو. ائين ئي ته ٿيو آهي، سڪندر جو لشڪر پنهنجي پر ۾ مون کي ماري چڪو آهي ۽ سڪندر کي زخمي حالت ۾ قلعي مان کڻي فرار ٿي ويا آهن. مون سمورن سنڌ جي سورمن جي گڏجاڻي گهرائي، هدايت ڪيم ته ٻيڙين ٺاهڻ لاءِ جيڪي به آسپاس وڻ هجن انهن کي راتاهي واري انداز سان وڍي ساڙي ڇڏيو. منهنجي حڪم تي عمل ڪيو ويو، پر منهنجا ڪافي جوڌا مَري چڪا هئا. اهي ان ڪم کي مڪمل طرح انجام نه ڏئي سگهيا. سڪندر پنهنجي لشڪر لاءِ کوڙ نيون ٻيڙيون تيار ڪرائي ورتيون. هن کي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته مان سنڌ کي مرضيءَ مطابق فتح نه ڪري سگهيو آهيان، جيئن ايران کي ڪيم. هُو پاڻ سان گڏ افسوس ۽ پسپائي سميت هتان کان فرار ٿيڻ جي ڪوششن ۾ هو. مان هن وقت جتي ويٺو آهيان اتان جا سمورا کوهه ۽ پاڻيءَ ذخيرا تباهه ڪرائي ڇڏيا هئم. هن جي لشڪر کي پاڻي نه ملي سگهيو، هن جا کوڙ سارا سپاهي بک ۽ اڃ ۾ بيحال ٿي مَري ويا. هنن اجتمائي قبرون ٺاهي سپاهين کي پوري ڇڏيو ۽ پاڻيءَ جي نون ذخيرن جي تلاش ۾ نڪري پيا. اهو سنڌوءَ جو ڊيلٽا هو، ڊيلٽا جي همدردي اسان سان هئي. پر خدا سبب کان سواءِ ڪڏهن به رحم نه ڪندو آهي. يونانين وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ پاڻي هٿ ڪري ورتو، ڪيئي ٻيڙيون به تيار ڪري ويا. هنن تڪڙ ۾ سنڌ مان نڪرڻ ٿي چاهيو، هنن لاءِ سنڌ مان نڪرڻ سڀ کان وڏو معرڪو هو.
منهنجي نئين محبوبه ٻه هزار سال پوءِ جي آهي. ان کي سڪندر ڇا ٿي ڪري سگهيو، هُو ته ماضيءَ ۾ مَري کپي ويو آهي. هن جو موت جوانيءَ ۾ ٿيو، اهڙو وقت به آيو جڏهن هُو منهنجي زهريلي تيرن جا گهاءُ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ يونان واپسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيائين. سڪندر، عظيم نه آهي بلڪه هُو ڀاڙيو هو. اڪثر طاقتور حقيقت ۾ ڀاڙيا هوندا آهن. حقيقي طاقتور ۽ جوڌو اهو آهي جيڪو ڪمزور کي سهارو ڏئي پر سڪندر انتهائي ظالم ۽ بيهوده انسان هو. هن هميشه ڪمزورن تي حمله ڪيا، مقدونيه جو بادشاهه ۽ ارسطو جو شاگرد سنڌ مان نڪرندي ئي ڪتي جي موت مَري ويو. منهنجي زهريلي تير کي تاريخ ۾ ڪابه جاءِ نه ملي. تاريخ ڪوڙ جا دستاويز آهن، ڪوڙ جا دستاويز لافاني نه هوندا آهن. مان وڌيڪ ماضيءَ کي کوٽڻ نٿو چاهيان، سڪندر بي گناهه ۽ معصوم انسانن جو رت وهايو هو. تاريخ ڀلي هن کي فاتح، بهادر ۽ جوڌو سمجهي پر اصل ۾ هُو ڀاڙيو هو. ڀاڙيي کي مانُ ڏيڻ خود هڪ ڀاڙيائپ آهي. مون هميشه ماضيءَ کي دفن ڪرڻ پئي چاهيو آهي. ٻڌي ڇڏ اي سڪندر! تنهنجي عظمت سنڌ جي مٽيءَ تائين پهچي خاڪ ۾ ملي وئي. تاريخ توکي ڀلي عظيم، جوڌو يا بهادر سمجهي پر تون بزدل، ڀاڙيو ۽ ارسطو جي عظمت کي خاڪ ۾ ملائيندڙ انسان هئين. توکي ذليل ٿي مَرڻو هو ۽ تون واقعي ذليل ٿي مري چڪو آهين.
سنڌ ته اڄ به ڪيترن ئي سڪندرن جي گهيري ۾ آهي، ممڪن آهي ته مسلسل گهيرن ۾ رهندي سنڌ غرق ٿي وڃي پر مان توکي تاريخ جو عظيم انسان هرگز قرار ڪونه ڏيندس. تون بلڪل چنگيز خان يا محمود غزنوي جيان آهين. جاهل ۽ اڻ گهڙيو ڪاٺ، توکي ياد آهي ته ارسطو توکي ڇا سيکاريو هو! ٻيهر ياد ڪر، پر تون ڇا ياد ڪندين تون ته مُئل ماڻهو آهين. بلڪل ائين جيئن سلطان صلاح الدين ايوبي، جنهن جي قبر تي ڀاڙيا اڄ به لت هڻي چوندا آهن ته ايڏو بهادر آهين ته قبر مان نڪري اچ ۽ بيت المقدس جو دفاع ڪر. قبر مان نه تون نڪري سگهندين ۽ نه ئي صلاح الدين. اها ڀيٽ شخصيتن جي نه آهي، پر اها ڀيٽ موت کان پوءِ جي حقيقتن جي ضرور آهي. تاريخدان ته ماضيءَ ۾ ويڪائو مال رهيا آهن. ايوبي جو تاريخدان هن کي سورمو ڪري پيش پيو ڪري ۽ تنهنجو تاريخدان توکي عظيم فاتح ڪري پيش پيو ڪري. اهڙو فاتح جنهن جُهڪڻ وارن کي معاف ڪيو ۽ مزاحمت ڪندڙن سان جنگ ڪئي. انتهائي بيهوده تاريخ جيڪا ثابت ڪري ٿي ته پنهنجي وطن لاءِ مزاحمت ڪندڙ سورما نه هئا، بلڪه ڪنڌ جُهڪائڻ وارا معافي لائق ۽ سورما هئا. سنڌ خوشحاليءَ جي دور ۾ به پاڙيسرين تي حملا ڪونه ڪيا. پر تو پرامن قومن تي حملا ڪيا، تون تاريخ جي بدترين ۽ بيهوده شخصيت آهين. عرب جاهلن توکي قرآن ۾ وجهي امر ڪري ڇڏيو. عرب جاهلن سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ کي به پنهنجي ٻوليءَ تحت ذوالقرنين سان توکي ياد ڪيو. هنن سج جي لهڻ ۽ سج جي اڀرڻ کي توسان منسوب ڪري وڏي غلطي ڪئي. سج پاڻياٺي گپ ۾ لهندو آهي ۽ پاڻياٺي گپ مان اڀرندو آهي. هنن خدا جي اسرار لاءِ تنهنجو سهارو ورتو، پر اهو سهارو عارضي آهي. زمين گولائيءَ مائل آهي، اها هڪ سڌي پليٽ جيان ناهي. حيات ۾ شڪست تنهنجو مقدر هئي ۽ موت کان پوءِ به شڪست تنهنجو مقدر رهندي.
مون سنڌوءِ جي ڇوڙ وٽ ٻيو سگريٽ دکايو، پهرين تيلي ڪم ڪري ڏيکاريو. سمنڊ ڪناري سگريٽ پيئڻ جو پنهنجو مزو آهي. هُن کي ڇا ٿيو آهي جو هوءَ مسلسل ڊوڙي رهي آهي. ها ياد آيو ته مون هن کي فون ڪري چيو هو ته هلون ٿا لانگ ڊرائيوَ تي. هن راضپو ڏيکاريو هو، هن وقت هوءَ ٽو پيس ۾ ڊوڙي رهي آهي. هن پنهنجا ٻاهريان ڪپڙا ڪٿي ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن. ايوبي يا غزنوي ڀلي قبرن ۾ تڙپندا هجن پر مان انتهائي خوش آهيان. ڇاڪاڻ ته مون هن کي ڪونه چيو هو ته ٻاهريان ڪپڙا لاهي ڦٽي ڪري ڇڏي. هوءَ ڊوڙي ڊوڙي ساڻي ٿي پئي آهي، هن وقت هوءَ منهنجي طرف ٿڪل حالت ۾ ڊوڙندي ٿي اچي. ويجهو آئي ۽ ڀرسان ويهي رهي، چوڻ لڳي: ”پڪ سان تون ذهني خرافات ۾ منجهيل هئين، تنهنجي ان ادا ته مون کي ديوانو ڪري ڇڏيو آهي.“
”اهو ڀلا ڪيئن؟“
”سادي ڳالهه آهي، تنهنجا ڀرون مٿي تاڻيل هجن، ان جو مطلب توکي ڊسٽرب نه ڪجي، نرڙ ۾ گهنج نظر اچن ته توکي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ گهرجي. جسم جي مختلف حصن تي خارش هجي ته پوءِ به توسان نه ڳالهائڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تنهنجي اکين ڀرسان اڀريل حصا نظر اچن تڏهن به توکي اڪيلائي کپندي آهي.“
”اها ڄاڻ ته مون کي به ناهي، توکي ڪيئن ٿي خبر پئجي وڃي؟“
”متان وسارين ته مان تنهنجي پرسنل سئڪاٽرسٽ آهيان، مون کي مَڃتا طور کوڙ ميڊل مليا آهن.“
”سچ ٿي چوين، مون کي سمورو حال ياد آهي.“
هن پنهنجا چَپ منهنجي چَپن تي رکي ڇڏيا، پوءِ چَپ هٽائيندي چيائين ”تون ڪڏهن به سورمو نه رهيو آهين، خواهشن کي نيلام ڪري ڇڏ. جڏهن وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي تڏهن انسان مڪمل طور آزاد ٿي ويندو آهي.“
”مان توکي ٻيهر وڃائڻ نٿو چاهيان.“
”مان صرف تنهنجي ڊاڪٽر آهيان، مون کي نئين محبوبه سمجهڻ ڇڏي ڏي. منهنجو مڙس مون سان تمام گهڻو پيار ڪندو آهي ۽ مون کي ٽي پيارا ٻار به آهن.“
”مڙس؟ ٽي ٻار! تون ڪوڙي آهين. جيڪڏهن سچ ٿي چوين تڏهن به تو مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي.“
”ها، صرف ايتري ته تنهنجو علاج ڪرڻ خاطر مون ٻاهريان ڪپڙا لاهي ڇڏيا هئا. هاڻي مان ٻاهريان ڪپڙا پائيندس، اسان ٻنهي کي واپس موٽڻو آهي.“
مون کي ٻيهر سوچڻو پيو ته هوءَ مون سان گڏ آئي هئي يا پنهنجي منهن! بهتر ٿيندو ته هوءَ مون کي منهنجي گهر تائين پهچائي ته جيئن مان اڪيلائيءَ ۾ معاملي جي حقيقت تائين پهچي سگهان.
”ٺيڪ آهي، هڪڙي مهرباني ڪر، مون کي منهنجي گهر تائين پهچائي ڇڏ، مان پنهنجي گهر جو رستو ڀلجي ويو آهيان.“