Profile

سنڌي ظفر جو پيدائشي نالو گل حسن ھو، پاڻ منظور حسين لغاري جي گھر ۾ 15 مئي 1969ع موري ويجھو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول شادي خان ڍلو مورو، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو ۽ انٽرميڊيئٽ 1988ع ۾ گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان حاصل ڪئي، پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان 1997ع ۾ پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس ۾ ايم ايس سي ڪيائين، ظفر 22 فيبروري 1993ع ۾ پسند جي شادي ڪئي، جنھن مان ٻن نياڻين ڪائنات ۽ خوشي جو جنم ٿيو. يونيورسٽي جي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ وقت نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي، جيڪا سفارش ۽ ڳري رشوت سبب نہ ملي، تنھن کان پوءِ مايوس ٿي پاڻ 10 آڪٽوبر 1998ع ۾”اپالو چلڊرين اسڪول“ جي نالي اسڪول کوليائين. اُن دور ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو رجحان گھٽ ھجڻ باوجود محدود فيس رکيائين ۽ ڪجھ ٻارن کي مفت پڻ داخلا ڏنائين ـ
ظفر بيباڪ ۽ کَرو لکيڪ ھو، سندس ڪھاڻين جو ڪردار ھميشہ مايوس ۽ پريشان نظر آيو، ان کان علاوہ فيسبڪ جي لکڻين مان سنڌ جي معاشري جي خوب عڪاسي ٿيل آھي. ھُن سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم عوام، قومي غلاميءَ، سامراجي ڏاڍ، پير پرستي، مذھبي انتھاپسندي خلاف بيباڪ ٿي لکيو.
ظفر، سنڌي ادب جي ترقيءَ جي حوالي سان منفرد ڪم ڪيو، ھُن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي ”جر ۾ سپون جيئن“ عبرت مئگزين ۾ ڇپي. سندس 19 ڪھاڻين جو مجموعو ”ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو“ آگسٽ 2000ع ۾ سنڌي ساھت گھر حيدرآباد طرفان ڇپيو، ان کان علاوہ سندس ترجمو ٿيل پنج ڪتاب پڻ ڇپيا، جن ۾ ”جديد سائنس حال ۽ مستقبل“ آئزڪ اسيموف (جون 2005ع)، ”سائنس ۽ سماج“ ڊاڪٽر سريو پرشاد گپتا (سيپٽمبر 2005ع)، ”يادگار شخصيتون“ جواھر لال نھرو (جنوري 2006ع)، ”سقراط“ ڪورا ميسن (سيپٽمبر 2004ع) ۽ ”سگمنڊ فرائيڊ“ تورا ڪينہ قاضي (مارچ 2005ع) سنڌي ساھت گھر حيدرآباد طرفان ڇپرايا. ان کان علاوہ سندس 17 ڪھاڻيون جيڪي ”بلاگ“ ويب سائيٽ تي موجود آھن ۽ ڪجھ ترجمو ڪيل ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آھن.
ظفر فيبروري 2002ع ۾ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ويب سائيٽ ذريعي ”سنڌيانہ“ نالي سان پھرين آن لائين سنڌي مئگزين جو بنياد وڌو. جنھن ۾ ڪھاڻيون، شاعري، مضمون ۽ ٻيو مواد اي ميل ذريعي سھيڙي گڏ ڪندو ھو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان کيس پھرين سنڌي آن لائين مئگزين سنڌيانہ تي ڪم ڪرڻ تي کيس ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو پر ھو وصول ڪرڻ لاءِ نہ ويو. انھي وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين شھيد بشير خان قريشي جسقم جي پھرين ويب سائيٽ پڻ ظفر کان تيار ڪرائي. جنھن تي پڻ ڪجھ وقت ڪم ڪيائين ـ
ظفر ننڍي ھوندي کان ئي سياست ۾ پير پاتو، پاڻ پرائمري ۾ ئي ”لطيف سنگت مورو“ جو صدر رھيو، مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ ”جساف“ جو جنرل سيڪريٽري ۽ يونيورسٽي ۾ ”جيئي سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽ فيڊريشن“ جو ضلعي عھديدار رھيو. ڇھ سال جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي (قادر مگسي) ۾ رھيو. جھنڊو ۽ پارٽي جو نالو مٽائڻ کان پوءِ ھن اُنھن سان لاتعلقي جو اظھار ڪيو ـ
ظفر، رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر جو نظرياتي پرچارڪ ھو، پاڻ سنڌي سماج جي موجودہ حالتن کان چڱيءَ طرح واقف ھو. کيس سنڌ جي قومي غلاميءَ جو حل صرف رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ نظريي ”سنڌوديش جي آزاديءَ “ ۾ ممڪن نظر اچي رھيو ھو. پاڻ سيد جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ سائين جا ڪتاب ويب سائيٽن تي رکيائين ۽ سوشل ميڊيا تي رھبر جي نظريي جي تبليغ پڻ وڏي بھادري سان ڪئي، ھن وقت بہ ھزارين نوجوان ۽ ساٿي ھن جا چاھيندڙ موجود آھن. پاڻ انھن جي ذھني اوسر جو سبب پڻ بڻيو ـ
ظفر سماجي رابطن واري ويبسائيٽ يوٽيوب ۽ فيسبڪ کي نظر ۾ رکندي 22 نومبر 2010ع تي ”موکي ميڊيا“ نالي نيٽورڪ جوڙيو، تنھن کان پوءِ فيسبڪ ۽ يوٽيوب تي ”موکي ميڊيا“ نالي اڪائونٽ جوڙيو. پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ طرفان نظرانداز ڪيل مواد کي دنيا تائين پھچائڻ جو ارادو ڪيو. جنھن جي ذريعي شھيد بشير خان قريشي کان تاريخي انٽرويو ورتو. ان سان گڏ ھن سياسي، سماجي ۽ ٻين موضوعن متلعق مواد بہ رکيو ـ
ظفر ”موکي ميڊيا“ ذريعي سنڌي سماج جا اھي پاسا نروار ڪرڻ پئي چاھيا، جن کي خانگي توڙي سرڪاري چينلز نظرانداز ڪري رھيا ھئا. سال 2014ع ۾ ھن ”موکي ميڊيا“ نيٽورڪ منھنجي حوالي ڪيو ـ
ظفر سنڌ ۾ وڌندڙ مذھبي انتھاپسندي، ھندو نياڻين جي اغوا ڪرڻ، زندہ ساڙڻ، مندرن تي حملا، زبردستي مذھب تبديل ڪرڻ ۽ قتل جي واقعن کي سوشل ميڊيا تي وڏي بھادري ۽ بيباڪيءَ سان لکيو. پير ڀرچونڊي (ميان مٺو) رياستي آشيرواد سان جڏھن رنڪل ڪُماري کي زوري اغوا ڪرائي مذھب مٽرايو تہ ان وقت ظفر بھادريءَ جو مظاھرو ڪندي لکيو. ان وقت سوشل ميڊيا جي مدد سان سڄي سنڌ اندر احتجاجي مظاھري جو اعلان ڪيو، ظفر جي اھڙي اعلان کان پوءِ سڄي سنڌ ڀڀڙ باھ ٿي ٻري پئي ۽ ظفر پاڻ پريس ڪلب موري اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اھڙي واقعي کان پوءِ ظفر سميت مڙني فيسبڪ ساٿين ھمدردي خاطر پنھنجي نالي اڳيان ”ڪُمار، اديتيہ، چندر، راج “ جھڙا نالا رکيا. ظفر بہ ان وقت پنھنجي نالي اڳيان ”ڪُمار“ لکيو ـ
ظفر انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ڪافي عرصو ڪم ڪرڻ ۽ تجربي کان پوءِ آن لائين ويب سائيٽ (ڊومين) کپائڻ جو ڪم ڪيو ۽ يوٽيوب تي ڊاڪيومينٽري ۽ ٻيا ويڊيوز ٺاھي ”سنڌي ولاگ“ نالي چينل تي اپلوڊ ڪيا. 30 جولاءِ 2020ع تي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ٻيھر آن لائين مئگزين ”موکي ٽائيمز“ نالي ويب سائيٽ جوڙي، جنھن ۾ ھن تحريري خبرون، مضمون، ترجما ۽ ٻين مختلف موضوعن تي مواد رکيو، ھن ”موکي ٽائيمز“ مئگزين جي ٻولي اردو زبان ۾ رکي تہ جئين سنڌ جي مسئلن جو آواز دنيا تائين پھچائي سگھجي.
05 ڊسمبر 2021ع تي سندس طبيعت تمام گھڻي خراب ٿي پئي، جنھن سبب کيس لمس اسپتال ڄامشوري ۾ داخل ٿيو، جتي ٻئي ڏينھن ڪورونا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ 08 ڊسمبر 2021ع تي ھميشہ لاءِ ڀونءِ ۾آبدي آرامي ٿيو. اھا خبر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي. انٽرنيٽ جي سمورن پليٽ فارمن تي سندس وفات تي سنڌ توڙي پرڏيھ جي سياسي، سماجي شخصيتن کان علاوہ شاعرن، اديبن ۽ صحافين طرفان ڏک جو اظھار ڪيو ويو ـ

 

مھراڻ سنڌي (ڀائٽيو)