تنهنڪري اهي مون کي وهم ۾ ورتل ۽ ڀٽڪيل ذهن ماڻهو سمجهندا رهيا. بچاءَ بند تي
پهچڻ تائين رات جي اونداهي مڪمل طور ڇانئجي وئي. هرطرف ماٺ جو واسو. آسپاس ڪيئي ڳوٺ،
پر انهن مان رکي رکي ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز اچن پيا. بچاءَ بند تائين ٽي ميل هلڻ
دوران ڪوبه انسان رستي تي ڪون مليو ڪيڏي نه عجيب ڳالهه ليکبي ته ويهارو ڳوٺن ڏانهن
ايندڙ رستي تي ڪوبه انسان نه ملي. يا شايد اها به انهن جي چال هئي ته اڪيلائي جو
احساس پيدا ڪري مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو وڃي. بچاءُ بند آسپاس جي ڳوٺن کان ڪافي
اوچو ٺهيل. سترهين تاريخ جي چنڊ نڪرڻ بعد آسپاس جي ويجهن ڳوٺن ويرانيءَ جو ڏيک ٿي
ڏنو. ڪٿي ڪنهن ڳوٺ مان ساڪن يا چرپر ڪندڙ روشني نظر پئي آئي. نظارو ڪافي وڻندڙ لڳو.
هڪ ته مڪمل تنهائي، ٻيو جون مهيني ۾ گهلندڙ ٿڌي هوا ۽ ٽيون فطري طور ڪتن جو ڀونڪڻ.
اهي ٽيئي شيون فرحت جو احساس ڏياري رهيون هيون، ٿي سگهي ٿو ڪتن کان زوريءَ ڀونڪاٽ
ڪرايا ويندا هجن ته جيئن منهنجي ناڪار ۾ رخنو وجهي سگهن. اهو خيال ايندي ئي بجاءِ
خفي ٿيڻ جي مون انڪار جو واضع پيغام ڏيڻ چاهيو. بچاءُ بند تي آسپاس گهمي مون هڪ
مناسب جڳهه ڳولي هٿ ڪئي ۽ ازلي آرام محسوس ڪرڻ لاءِ اوڀر ڏانهن چنڊ طرف منهن ڪري
ويهي رهيس. ويهڻ کان پوءِ فتح جو هلڪو احساس محسوس ٿيو، ڇو ته منهنجو وجود ۽ چمڪندڙ
چنڊ هنن ماڻهن جي مَڙهيل ضابطن کان آجا هئاسين.
ذهن جي اها ڪيفيت ان ڪري ٿي جو ماڻهن مون کي فطرت کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو. توڙي جو
هرطرف فطري نظارا. پر زندگي غيرفطري ۽ دوزخ بنيل. ائين به ناهي ته ڏکن ۽ تڪليفن کي
برداشت نه ٿي ڪري سگهيس. اصل ڳالهه ماڻهن طرفان غيرفطري بنائڻ جي هئي. ۽ اهوئي اهو
انڪار هو جيڪو گذريل ٻارنهن سالن کان هاڪار ۾ تبديل ڪرائي مون کي تابع بنائڻ ٿي
چاهيائون. هٿرادو طور پيدا ڪيل رڪاوٽون ٽوڙڻ ناممڪن ٿي لڳيون. راهه نجات فقط ان ۾
هئي ته انساني آبادين کان گهڻو ڏور نڪري وڃجي يا وري ويرانيءَ ۾ ڪنهن اولياءَ جي
مزار تي وڃي ڏيئا ٻارجن. پر اتي به لازمي طور ڪي اولياءَ جا مريد اچي ويندا. ڪٿان
به فرار جو رستو ڪون ملي سگهندو. اهو به ممڪن نه هو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي سڌي طرح چئي
سگهجي ته اوهان کي منهنجي تنهائيءَ کي ڀنگ ڪرڻ واسطي موڪليو ويو آهي. جڏهن ائين
ٿيندو آهي ته مان وڌيڪ ضدجي پوندو آهيان. ڪوشش ڪندو آهيان ته اهو عمل وڌيڪ دير
تائين ڪندو رهان جيڪو کين ناگوار گذري.
ساڳي ڪيفيت جي شروعاتي سالن ۾ مان ٽنڊوڄام ۾ هڪ دل گهرئي دوست وٽ رات رهيل هوس (وڌيڪ
ذڪر اڳتي ايندو). دوست پنهنجي هٿن سان ماني ٺاهي کارائي. ان کان پوءِ اسان ٻنهي وچ
۾ ڪافي دير تائين مختلف موضوعن تي ڪچهري ٿيندي رهي. چانهه جا ٻه دور هليا. پر اهو
سڀ مون کي هٿرادو لڪاءُ پئي لڳو، ڇو؟ ان جو مون وٽ ڪڏهن به جواب ڪون رهيو آهي.
ڇاڪاڻ ته ڪجهه گهڙين کان پوءِ هن جا ٻيا مهمان به اچي ويا. منهنجو دوست مونکي انهن
سان گڏ ڇڏي پاڻ وڃي ٿانوَ ڌوئڻ شروع ڪيا. مون کي خاطري هئي ته ٿاونَ جي کڙڪڻ ۾ به
هڪ خاص پيغام موجود آهي. هن جا مهمان اڻ سڌي طرح اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا ڄڻ
منهنجي طرز عمل تي طنز ڪندا هجن. اهڙن خدشن جو اظهار مان پنهنجي مِٽن مائٽن توڙي
دوستن سان مبهم انداز ۾ ڪري به چڪو هوس، پر اهي ڪڏهن به مَڃڻ لاءِ تيار ڪون هئا.
کين اصل سچ چٽيءَ طرح بيان نٿي ڪري سگهيس، اهي اڳ ئي محسوس ڪندا هئا ته منهنجو ذهني
توازن درست ناهي رهيو. اهڙن ماڻهن کي ڪيئن ٿي چئي سگهيس ته اوهان سڀ مون کان فطري
حياتي کسي رهيا آهيو ته جيئن مان اوهان جي نام نهاد مقدس رستي ۽ اصولن تي هلي سگهان.
جڏهن رات گهڻي گذري چڪي ته مهمانن موڪلايو. منهنجي دوست هڪ کٽ تي هنڌ وڇائي مون کي
آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ پاڻ به وڃي ٻي کٽ تي آرامي ٿيو.
بچاءُ بند تي چنڊ ڪافي مٿي چڙهي آيو. رات وڌيڪ خاموش ٿي چڪي. آسپاس جي ڳوٺن مان ڪتن
جا آواز به جهڪا ٿي ويا. مون کي تنهائيءَ جي احساس هڪ خاص سڪون پئي ڏنو. پر هميشه
لاءِ ائين ٿيڻ ممڪن ڪون هو. بچاءُ بند تي پري کان ڪا موٽرسائيڪل پنهنجي روشنيءَ
سميت منهنجي طرف پئي آهي. پل جو سڪون پل ۾ تباهه ٿي ويو. ڪجهه وقت تائين موٽرسائيڪل
منهنجي طرف ايندي رهي، ان کان پوءِ اولهه پاسي ڪنهن ڳوٺ جي رستي ڏانهن لڙي وئي. ها،
سو ڳالهه پئي ڪيم دوست وٽ رهيل رات جي. مختلف سببن ڪري مون کي سڄي رات ننڊ ڪان آئي.
دراصل ڪجهه خاص واقعن مون کي احساس ڏياريو ته مون کي غيرفطري انسان بنايو پيو وڃي.
جڏهن اوهان غيرفطري واقعن جي گهيري ۾ هوندا ته لازمي ۽ پهريون منفي نتيجو اوهان جي
ذهن تي ظاهر ٿيندو. مان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوس ته مان اهم آهيان. اهم ان مطلب ۾
نه ته ڪو مان خاص طور خلقيل وجود آهيان. بهرحال ايترو ضرور هو ته مان هنن جو جيئدان
آهيان، مون کي زنده رکڻ ۽ غيرفطري بنائڻ هنن لاءِ مجبوري آهي. ڪهڙي مجبوري؟ اڳ ئي
چيم ته مون وٽ اهڙين ڳالهين جو ڪوبه جواب ڪون آهي. هو خوش آهن، نارمل آهن. مان
ناخوش ۽ ايبنارمل. مون کي پڪ ٿي ته منهنجي ناخوش ٿيڻ ۾ ئي هنن جي خوشي آهي. مان ڪو
مسيحا ته آهيان ڪون جو هروڀرو ٻين کي خوش رکڻ ڪاڻ غيرفطري، ايبنارمل ۽ ناخوش بنجي
وڃان.
ايترو ئي پختو خيال اهو به ته مان ذهني توازن وڃائي چڪو آهيان. ظاهر ڪرڻ کان ضرور
لنوايم ٿي، ان ڪري غيرفطري هلت منهنجي عادت بنجندي پئي وئي. يا وري ائين ته منهنجون
سموريون سوچون ذهني اختراع يا وهم هجن. يا وري مون پنهنجي ئي دنيا قائم ڪري ماڻهن
کي مرضيءَ مطابق ڏسڻ پئي چاهيو. اهو سچ آهي ته مان فطري ۽ حقيقي واقعن، چرپر، آوازن
۽ عملن وغيره کي غيرفطري سمجهندو رهيس. پر ڇا مان ان ڳالهه کان لنوائي سگهان ٿو ته
جڏهن گرائونڊ فلور هاسٽل ڪمري ۾ هڪ رواجي ڪچهريءَ دوران اوچتو مٿين ڪمري ذريعي اسان
جي ڇت مختلف آوازن سان وڄڻ لڳي. ڄڻ مٿين ڪمري جي فرش تي زوردار هٿوڙا لڳي رهيا هجن.
هاسٽل روم جي مالڪ تڪڙ ۾ وڃي لوهه جي وڏي راڊ هٿ ۾ کنئي ۽ ڪرسي رکي مٿين ڇت جي
هيٺان لوهي راڊ جا ڌڪ هڻي جوابي حملو ڪري ڏنو. اهو عمل هن ڇت جي چئني طرفن کان ڪيو،
بس تڏهن وڃي ڪيائين جڏهن مٿين ڇت مان آواز اچڻ بند ٿي ويا. ڪرسي هڪ طرف ڪري فاتحانه
انداز ۾ مرڪندو منهنجي ويجهو اچي ويٺو. سَهڪندي چيائين ”ڪتي جا پٽ، توهان آواز ڪندا
ته مان وري ڇڏي ڏيندس. مان به راجپوت جنگي جوڌن جو رت آهيان“ ان سموري ماجرا مون کي
وائڙو ڪري ڇڏيو. دوست اڳيان ڪوبه ردعمل ڪون ڪيم ۽ کانئس موڪلائي پنهنجي ڪمري ڏانهن
هليو آيس.
مان بچاءُ بند تي ليٽي پيس. منهنجون نظرون چنڊ ۾ کپيل. سوچيم چنڊ ۽ مون ۾ اها
هڪجهڙائي آهي ته هو خلا ۾ بلڪل اڪيلو آهي ۽ هتي هنن ماڻهن منهنجي ذهن کي خلا ٿي
بنائڻ چاهيو. ڳالهه پئي هلي هاسٽل جي. جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ بستري داخل ٿيس ته ٿوري
دير کان پوءِ منهنجي ڪمري جي به ڇت ساڳين آوازن سان وڄڻ لڳي. اڙي هي ڇا؟ مون کي
تيسا چڙهي ويا. پهريان سوچيم ته مٿين ڪمري وارن وٽ وڃي کين چوان ته هي ڪهڙي بي
هودگي آهي. پر پوءِ سوچيم ته هنن وٽ ڪو نه ڪو بهانو اڳ ئي تيار هوندو ته فلاڻو ڪم
پئي ڪيوسين. تنهنڪري بهتر اهو رهندو ته مون کي به ڇت هيٺان ساڳئي دوست جيان ڌماڪا
ڪرڻ گهرجن، مان ڪو هنن کان ڊڄان ٿو يا وري هيڻو آهيان. هونءَ به ڪاوڙ مون کي بهادر
بنائي ڇڏيندي آهي. پر ان خيال به جٽاءُ ڪون ڪيو، خيال اهو ته ڀونڪندڙ ڪتي اڳيان
ڀونڪڻ ڪهڙي دانشمندي چئبي. ڌوڙ پيا پائين. ڪنن ۾ ڪپهه وجهي بستري ۾ سمهي ننڊ لاءِ
واجهائڻ لڳس. لڳاتار ٿيندڙ ڌماڪا نيٺ ختم ٿي ويا، پر رکي رکي ساڳيا آواز ايندا رهيا.
جيئن کٽ ريڙهڻ جو آواز وغيره. مون کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته جيڪو ڪجهه
ڪيو پيو وڃي ان جو ضرور ڪو مقصد آهي. يقين ٿي ويم ته جنهن دوست لوهي راڊ سان پنهنجي
ڪمري ۾ راجپوتي خون جا جوهر ڏيکاريا هئا. اهو به هن سازش جو حصو آهي.
انهن ئي ڏينهن ۾ موڪلون ٿي ويون ته مان پنهنجي ڳوٺ هليو آيس. ساڳين خيالن اتي به منهنجو پيڇو ڪون ڇڏيو. هاسٽل جي ميس ۾ پليٽن ۾ ماني سَجائي کڻي اچي منهنجي پرڀرو ٽيبل تي رکي مون ڏانهن کسڪائي ويندي هئي. جيئن ڪيرم کيڏڻ وقت اسٽرائڪر کي ٺونگو هڻبو آهي. گهر ۾ پهريون ڀيرو ماني ساڳئي انداز سان ملي. ان ڳالهه تي سوال اٿاري مون نٿي چاهيو ته گهر ڀاتي حيرانيءَ سان قطار ۾ بيهي مون ڏانهن ڏسي چون ”نشو ڪري آيو آهين ڇا، يا دماغ جي ڪا ڪل ٿڙي اٿئي.“ ٻيو واقعو اهو به ٿيو ته هاسٽل ۾ هڪ دوست کي چيم ته شيوَ ڪري اچان ٿو پوءِ شهر ماني کائڻ هلبو. ڪمري ۾ پهتس ته شيوَ جو سامان ئي غائب هو. جوڙيدار واقعو گهر ۾ به ٿيو. شيوَ ڪرڻ چاهيم ته شيوَ جو سامان ئي گهر ڀاتين کي نه لڀڻو هو سو نه لڌو. تڏهن مون کي پڪ ٿي وئي ته هاسٽل ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ گهر ۾ ٿيندڙ واقعن جو پاڻ ۾ ضرور ڪو تعلق آهي. مون کي يقين ٿي ويو ته مقدس راهه راست تي آڻڻ لاءِ تجربا ڪيا پيا وڃن.
چنڊ جي سفر سان گڏ منهنجي سوچن به سفر ٿي ڪيو. خاموشي مون کي ازلي سڪون پئي
بخشيو. ويراني هميشه پنهنجو پاڻ ۾ رهاڻ جو سڀ کان حَسين موقعو هوندي آهي. تسلسل
سمجهائڻ لاءِ هڪ تصوراتي تجربو ٿا ڪريون، جيئن اوهان کي منهنجي حالت سمجهڻ ۾ مدد
ملي. ڪنهن ننڍڙي ٻار کي ڪمري جي وچ تي ويهاري سندس چوطرف پنج ست ماڻهن کي هٿن ۾
ڇڻڪا ڏئي ڇڏجن. سمورا ماڻهو خاموش هجڻ گهرجن. پهريان هڪ ماڻهو ڇڻڪو وڄائي، ٻار ان
طرف نهاريندو. اهو فطري آهي. هاڻي اهو ماڻهو ڇڻڪو وڄائڻ بند ڪري ته وري ٻئي طرف
بيٺل ساڳيو ڪم ڪري، لازمي طور ٻار ان طرف ڏسندو. تان جو اهو سلسلو ايتري وقت تائين
هلائيندو رهجي جو ٻار بيزاريءَ کان روئي پوي يا ڇڻڪن جي آوازن طرف ڌيان ئي نه ڏئي.
يعني ٻار پاڻ تي پابندي مَڙهي ڇڏي ته هاڻي آوازن طرف ناهي ڏسڻو. منهنجي اڳيان به
بيشمار واقعا بلڪل ان ئي مثال وانگر ٿيندا رهيا. نيٺ مون پاڻ تي ضابطو آندو، آوازن
يا واقعن تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنم. ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿاٻو کائي ڪِرندي ڏسندو هوس، تڏهن
به يقين هوندو هو ته اهو ڊرامو آهي. همدردي، حساسيت، ڪهڪاءُ، حادثن تي ڏک جهڙا جذبا
۽ احساس مون وٽان آهستي آهستي ختم ٿيندا ويا. شايد مان واقعي ذهني توازن وڃائي رهيو
هوس.
ظاهر آهي ته اهو سڀ جيئن جو تيئن نفسياتي ماهر کي ٻڌائجي ها ته ممڪن آهي منهنجو
علاج به ڪري سگهي ها. پر مون کي يقين هو ته نفسياتي ماهر به منهنجي عزيزن توڙي
دوستن جيان هن سازش جو حصو ٿي پوندو. مان جيڪو اڃا تائين پنهنجي انڪار تي پير ڄمايو
بيٺو هوس. نفسياتي ماهر ضرور منهنجا پير اکوڙي ڇڏي ها ۽ انڪار هاڪار ۾ بدلجي وڃي ها.
دنيا ۾ منهنجو پنهنجو هو به ڇا، صرف انڪار. اهو به ڦرائي ويهي رهان ته زنده رهڻ جو
مقصد ئي فوت ٿي ويندو. منهنجي اڳيان موجود دنيا بدلجڻ لڳي. سمورا فطري رويا اصل ۾
رڳو ڊرامي بازي هئا. جن انساني گڻن کان مان واقف هئس. هڪ هڪ ڪري مون کان کسيا ويا.
رت جي رشتن ۾ ڪابه پنهنجائپ ۽ ڀروسو ڪون رهيو. مون کي نئين ڄاول ٻار تي پڻ شڪ ٿيڻ
لڳو ته ان کي به منهنجي خلاف استعمال ڪيو ويندو. ان ڪري مون کي ٻارن کان به نفرت ٿي
وئي. مون وٽ تڪليف ۽ اذيت کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪابه واٽ ڪان بچي. ڪو هڪ ماڻهو به اهڙو
نه هو جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي. يونيورسٽيءَ ۾ هجان يا گهر ۾ منهنجي تنهائيءَ کي
روڪڻ انهن لاءِ ڄڻ لازمي هو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن عوامي هنڌ تي هوندو هوس ته
ماڻهن جي اکين ۾ ڏسڻ کان لنوائيندو هوس. ٽِڪ ٻَڌي ڪنهن بجلي پول يا تار تي ويٺل
پکيءَ کي ڏسندو هوس ته انهن تارن کي لوڏيو ويندو هو ته جيئن پکي اڏامي وڃي. اهو
واضع پيغام هو ته تون هڪ شيءِ کي مقرر وقت کان وڌيڪ نٿو گهوري سگهين. مون وٽ هڪ ٻيو
به رستو هيو ته خودڪشي ڪري پنهنجي مرضيءَ جو انجام حاصل ڪيان. اهائي هنن ماڻهن جي
اصل شڪست هوندي.
اهڙي ڪوشش مون ڪيئي سال اڳ ڪئي هئي. ساڳي رات جڏهن هڪ دل گهرئي دوست وٽ رهيو هئس. سموري رات پاسا ورائيندي گذري. مون پاڻ کي يقين ڏياري ڇڏيو هو ته اڄ ڪنهن به حالت ۾ هنن ماڻهن کي شڪست ڏيندس. يعني صبح جو ريلوي ٽريڪ تي سِر رکي زندگيءَ جو انت آڻي هميشه لاءِ نجات حاصل ڪندس. ذهن تي تمام گهڻو دٻاءُ محسوس ٿي رهيو هو. سوچيم ممڪن آهي رڳ ڦاٽي پوي ته ريلوي ٽريڪ واري واهيات موت کان ڇُٽي پوندس. جيئن ئي اوڀر کان هلڪي اَڇاڻ نظر آئي ته مان دوست کي گهري ننڊ ۾ ڇڏي پختي ارادي سان خودڪشيءَ لاءِ نڪري پيس. حيدرآباد ميرپورخاص ريلوي ٽريڪ ٽنڊوڄام يونيورسٽي ڪالونيءَ سان لڳو لڳ پٺين پاسي آهي. دوست جي ڪوارٽر کان نڪري ڀرسان ڪالوني گيٽ پار ڪري ٽريڪ تي پهتس. حيدرآباد ٽريڪ واري پاسي گهڻي آبادي هئي تنهنڪري مان ميرپورخاص طرف ريلوي ٽريڪ جو وچ ڏئي هلڻ لڳس. سارا شگفته ائين ڪري سگهي ٿي ته مان ڇو نٿو ڪري سگهان. ڏيڍ ڪلوميٽر تائين پنڌ ڪرڻ باوجود ڪابه ٽرين نه آئي. ميرپورخاص طرف هلندي ٽريڪ جي ساڄي پاسي وڻن جو هڪ گهاٽو جهڳٽو نظر آيو. ويجهو پهچڻ تي خبر پئي ته ڪنهن غريب اولياءَ جي مزار مقبري کان سواءِ آهي. ٽريڪ ڇڏي مزار طرف هليو ويس. مزار جي ڀرسان هڪ مِٽيءَ جو مٿاهون ٿلهو ٺهيل هو، جنهن تي ڪجهه تڏا وڇايل هئا. پاسي کان هڪ نلڪو لڳل هو. ڀرسان ٻه مَٽ گلاسن سميت رکيل هئا. مزار جي سيرانديءَ کان ڏيئن ٻارڻ لاءِ جارو موجود هو، جتي ٻه وساميل ڏيئا نظر ٿي آيا. ويجهو وڃي ڏٺم ته ٻنهي ۾ ٿورو گهڻو تيل موجود هو. مون کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ ساڳي تيليءَ سان ٻنهي ڏيئن کي ٻاري ورتم. ٽرين جي انتظار لاءِ تمام بهتر جاءِ هئي. ٿڌي هوا جا تيز جهوٽا فرحت ڏئي رهيا هئا. مڪمل تنهائي هئي. وڻن جي گهاٽي ڇانوَ سموري مزار جي آسپاس پکڙيل هئي. ڪنڌ کان ٻانهن ڏئي تڏي تي ليٽي پيس. خودڪشيءَ جي انتظارگاهه ڪيڏي نه خوبصورت هئي.
بچاءُ بند واري هتان جي خاموشي ۽ مزار تي ليٽيل وجود. شايد اهي الڳ واقعا نه پر هڪ ئي واقعو هجي. فرق اهو آهي ته مان بچاءُ بند تي خودڪشيءَ جي ارادي سان ڪون آيو آهيان. هاڻي مزار جي وڻن تان جهرڪين جا آواز تيز ٿي چڪا هئا. مون کي لڳو ڄڻ ٺٺول ڪنديون هجن ته تو ۾ ۽ اسان ۾ ڪهڙو فرق آهي. پاڻ ٻئي هن ڪائنات جي ساڳين ذرن مان جڙيا آهيون. ڪڏهن ٻڌئي ته انسان کان سواءِ ڪنهن جانور خودڪشي ڪئي هجي. پر جهرڪين کي ڪير سمجهائي ته خودڪشي انڪار مان جنم وٺندي آهي. اهو انڪار جيڪو ٿاڦيل زندگيءَ کي شڪست ڏئي ٿو. دشمنن هٿان بستر تي پاڻ مٿان ٿيندڙ وڍ ٽڪ کان نجات ڏياري ٿو. تجربيگاهه جاري رهڻي آهي، مان نه سَهي ڪو ٻيو ئي سَهي. مون جهرڪين کي اهو به ٻڌائڻ پئي چاهيو ته اوهان خوشنصيب آهيو جو اوهان تي ڪوبه تجربو ڪون پيو ٿئي. اوهان آزاد ۽ فطري حياتي گذاري رهيا آهيو. اسان انسانن جي زندگي تمام گهڻي پيچيده ٿي چڪي آهي. هتي جسم جي طاقت بجاءِ دولت جي طاقت راڄ ڪري ٿي. پيسي ۾ اها طاقت آهي جيڪا ڪنهن به جانٺي جوان کي هيڻو ۽ نستو بنائي نار ۾ ڏاند جيان جوٽي سگهي ٿي. مان ڇو آهيان، ان ڪري ته منهنجي ڪري ڪجهه ماڻهن جي حياتي خوشيءَ سان گذري. منهنجو وجود فقط ان ڪري آهي ته پيٽ ڀري کاڌو کائي سگهان ته جيئن منهنجا عزيز ۽ مائٽ فطري حياتي مان لطف ماڻي سگهن. ڇو، آخر ڇو مان اهڙي ڊرامي کي هلڻ ڏيان. اڄ ان ڳالهه جو فيصلو ٿي وڃڻ گهرجي ته مون کي يا ته انڪار جو حق ملي ۽ مان فطري ٿي وڃان. يا وري مون کي مقدس هاڪار ۾ بدلائيندڙ منهنجي موت کان پوءِ تجربي جي لائق ئي نه رهن.
ميرپورخاص پاسي کان ٽرين سائرن وڄائيندي اچي رهي هئي. مان ڳري هڏا ٿي ويل اولياءَ جي مزار جا تڏا ڇڏي تڪڙو تڪڙو ٽريڪ طرف وڌي ويس. ٽرين اڌ ڪلوميٽر کن پري هئي. مان ٽريڪ تي سُمهي پوڻ بجاءِ لوهي گارڊر تي ويهي رهيس. ٽرين کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. مون کي افسوس آهي ته مان خودڪشي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي ٻه واٽي تي ڦاسي ويو هوس. ذهن ٽرين جي رفتار مطابق تڪڙو فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار ڪون هو. ٽرين جي ڊرائيور مون کي ضرور ڏٺو هوندو، تنهنڪري ٽرين مان مسلسل سائرن وڄندو رهيو. جڏهن فاصلو فقط پنجويهه ٽيهه فٽ مس وڃي بچيو ته مان بي ارادي ٽريڪ تان اٿي پري بيهي رهيس. ٽرين جو هيبتناڪ وجود زمين کي ڌوڏيندو اڳتي نڪري ويو. مان خالي دماغ سان ٽرين کي حيدرآباد طرف ويندي ڏسندو رهجي ويس.
بچاءُ بند تي گهڻي وقت کان ليٽيل هئڻ ڪري پُٺيءَ ۾ هلڪو سور ٿي پيو. مان اٿي ويهي رهيس. کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکائي آسپاس جا نظارا ڏسڻ لڳس. چانڊوڪي اڳي کان وڌيڪ تيز ٿي چڪي هئي. يا گهڻي دير تائين اکيون بند ڪرڻ سبب روشني وڌيڪ چٽي نظر ٿي آئي. خودڪشي ته ڪري ڪون سگهيس ۽ طئي به ٿي چڪو ته مان ڪڏهن به خودڪشي ڪون ڪري سگهندس. تنهنڪري جڏهن به گهڻي اذيت محسوس ڪندو هوس ته تنهائي ڳولي، نوڙيءَ جو هنٽر ٺاهي پُٺن تي هڻندو هوس. ائين ڪرڻ سان مون کي سُڪون ملڻ لڳو. اهو سلسلو لڳاتار ٻه سال جاري رهيو. ان دوران مان پنهنجي پُٺي ڪنهن بني بشر اڳيان ظاهر ڪون ڪندو هوس. پر هنن کي اهو منظور ڪون هو. هڪ ڏينهن گهر ڀاتي ڪنهن شادي تي ويل هئا. موقعو ڏسي زوردار هنٽر ٺاهي مون پنهنجي ڪاروائي شروع ڪئي. اها خبر پوءِ پئي ته پاڙي جي هڪ عورت پنهنجي ڇت تان اسان جي گهر جهاتي پاتي. عجيب لڪاءَ ڏسي بيمار ٿي پئي. گهر وارن کي سموري ماجرا جي ڄاڻ پئجي وئي. اهو ته ٿيئڻو هو، هنن کي منهنجو انڪار برداشت ڪون هو. پاڙي واري بيمار ئي ڪان ٿي هوندي. اها فقط مون کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هڪ چال هئي. بهرحال هي ماڻهو مون کي ڇا شڪست ڏيندا، وقتي ڇڻڪا وڄائي ذهن کي ڊسٽرب ته ڪري سگهن ٿا پر منهنجي سوچن کي بند نٿا ٻڌي سگهن. منهنجو انڪار منهنجو سرمايو آهي ۽ مان زنده ئي ان ڪري آهيان. اهو ڏينهن منهنجو موت هوندو جنهن ڏينهن انڪار هاڪار ۾ بدلجي وڃي. اڃا تائين ته هو ناڪام آهن ۽ مون کي پنهنجي ڪاميابي تي سَرهائي آهي.
بچاءُ بند تي ويٺي اڌ رات اچي ٿي هئي. چنڊ مسلسل مهربان ٿي مُرڪندو رهيو. فطرت جي سونهن به هيو ته منهنجي دشمنن جي طاقت هٿان ناقابل شڪست به. منهنجو ذهني توازن درست ناهي، اهو اجايو سوال آهي. ان جو مطلب صرف ايترو آهي ته مان اوهان جهڙي زندگي کان مختلف زندگي گذاريان ٿو ۽ بس. سُمهڻ لاءِ هي بهتر جاءِ ناهي، مون کي هاڻي گهر وڃڻ گهرجي. بچاءُ بند تان لهي پڪي سنگل روڊ تي شهر ڏانهن هلڻ لڳس.