22 May 2016

ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

هر طرف ديوارون آهن، اڻ کٽ ۽ بي انتها اوچيون. صرف آسمان کي ڏسي سگهجي ٿو. ٻرندڙ گولو به پنهنجي مرضي نٿو هلائي سگهي. سج تمام ٿوري وقت لاءِ ظاهر ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ديوارون هڪٻئي جي ايترو ته ويجهو جڙيل آهن جو ڪوبه انسان آسانيءَ سان وچ ۾ هلي به نٿو سگهي. ڪيترو به پنڌ ڪري وڃجي، ڀلي هڪ گهٽيءَ کان ٻين ۽ ٻين کان ٽين پر بدلجڻو ڪجهه به ناهي. هنن ديوارن جو ڪو انت يا ڪو ڇيڙو ڪونهي. هڪ ڀيرو جتان ڪجهه اڳتي وڌي وڃجي ته پوئتي موٽي ساڳي هنڌ پهچڻ به ناممڪن لڳي ٿو. هڪ ته سمورين ديوارن جو رنگ رت جهڙو ڳاڙهو آهي، ٻيو هر ٿوريءَ وٿي کان پوءِ ٻي گهٽي اچيو وڃي. ڪنهن به ديوار ۾ ڪوبه فرق نٿو ڳولهي سگهجي. ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ۽ شايد ائين ئي ٿيندو رهندو. انهن ديوارن اندر ڪي به آواز نه ايندا آهن. اتي ڪنهن به جيت جانور جو وجود ڪونهي. ڪابه موسم ناهي، جيڪڏهن آهن ته صرف ڏينهن ۽ ٻيو راتيون. اهي ديوارون ڪنهن جوڙيون، ڪڏهن جڙي راس ٿيون. انهن کي ٺاهڻ جو مقصد آخر ڪهڙو هو. ديوارن بابت ڪنهن به ٻاهرين انسان کي خبر نه آهي. ديوارن جي اندر صرف هڪ شخص موجود آهي. جيڪو ديوارن ته ڇا پر پاڻ بابت به ڪجهه نٿو ڄاڻي.

هوُ ننڊ مان تڏهن اٿيو جڏهن سج سندس مٿان اچي پهتو. هن پنهنجون اکيون مهٽيون، اٿي ويٺو ۽ هيڏي هوڏي نهاريائين. سڀ ڪجهه ساڳيو هو، سج به گهڙيءَ کن لاءِ هو. سج اڀريو ئي ان ڪري ٿي ته هن کي ڪنهن سوڙهي گهٽيءَ ۾ سُتل ڏسي اٿاري سگهي. ان شخص جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار اڇا ۽ بي حساب وڌيل هئا، هُو ڪپڙن کان بنهه آجو هو. هن ڪڏهن به پاڻي ڪونه پيتو هو ۽ نه ئي ڪڏهن کاڌو چکيو هو. هن کي بک يا اڃ به ڪانه لڳندي هئي. هُو ڏسڻ ۾ بلڪل عام انسانن جهڙو هو، جيڪڏهن وار درست ڪري کيس ڪپڙا پارايا وڃن ته! هُو جڏهن کان (ڪڏهن کان) اتي موجود هو تڏهن کان هن کي ڪابه بيماري يا تڪليف ڪانه ٿي هئي. هُو موسمن کان اڻ واقف ۽ ٻوليءَ کان بيخبر هو. ڏسڻ ۾ عام انسان جهڙو نظر ايندڙ اهو شخص لڳ ڀڳ سمورين انساني خاصيتن کان اڻ ڄاڻ هو. جبلتن آڌار چرندڙ پرندڙ اهو شخص ڪڏهن ڪڏهن پاڻ مرادو روئي يا کلي به وٺندو هو. هُن جي کلڻ يا روئڻ پٺيان بظاهر ڪوبه سبب نظر نه ايندو هو. هن جي انهن عملن مان صاف ظاهر هو ته سندس ذهن ڪم ڪري ٿو. خبر ناهي ڪيترو ۽ ڪيئن پر سوچي سگهي ٿو يا سوچ کي سانڍي به رکي ٿو. هو گذرندڙ عرصي کان به اڻ واقف هو، هُو جڏهن کان (ڪڏهن کان) هو تڏهن کان اُهو ئي ٿيندو پئي آيو جيڪو هاڻي ٿيو پئي.

ڪنهن ڏينهن هُو سج جي اٿارڻ سان اکيون مهٽڻ کان پوءِ اٿي هلڻ شروع ڪندو هو. هن کي ڏسي اهو اندازو نه پيو ڪري سگهجي ته هن جي ان طرح هلڻ پٺيان ڪا حڪمت لڪل آهي. ڪڏهن اڳتي هلي وري پٺتي موٽ کائيندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنهن کي دوکو ڏيندو هجي. پر هن جي چهري جا تاثر ڏسي لڳندو هو ته کيس پڪ آهي ته جنهن کي منهنجي هجڻ جي خبر آهي ان کي دوکو هرگز نٿو ڏئي سگهجي. هن وٽ ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. ڪڏهن ته تمام گهڻو تيز ڊوڙندو هو، هڪڙي سوڙهي گهٽيءَ کان ٻي سوڙهي گهٽيءَ ڏانهن. اصل ۾ ان کي ڊوڙڻ به نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ڊوڙڻ لاءِ ٻانهن کي جسم کان وٿيرڪو رکڻو پوي ٿو. بهرحال روز جي انهيءَ ڊوڙڻ هن کي پنهنجو پاڻ سوڙهو ڪري تيز قدم کڻائڻ سيکاري ڇڏيو هو. جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پوندو هو ته ڪنهن ديوار کي ٽيڪ ڏئي ساهي پٽيندو هو. هن جيڪو ڪجهه به پاڻ کي سمجهيو پئي ان خالق بابت به سوچيو پئي. جيڪڏهن خالق نه سهي ته مالڪ، پر اهڙو ڪو ضرور هو جنهن هن کي انهن ديوارن ۾ اڇلي ڇڏيو هو. ڪڏهن کان! اهڙي عرصي جي هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي. بس هُو هو ۽ ديوارون هيون. ان کان اڳ ڇا هو! هن وٽ ان بابت سوچڻ جي صلاحيت ئي پيدا ڪانه ٿي هئي. ايترو ضرور سوچيندو هو ته ائين صرف مان آهيان يا مون جهڙا ڪي ٻيا به ساڳئي ئي طريقي سان زنده آهن. جيڪو ڏسجي پيو اهوئي حقيقت آهي يا اهو ڪو وهم يا مالڪ جو تجربو آهي. جيڪڏهن تجربو آهي ته پوءِ مالڪ جو مالڪ به ضرور هوندو، جنهن کيس مون تي تجربي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هوندو. ان جو مطلب ته منهنجو ڪٿان نه ڪٿان ضرور آغاز ٿيو هوندو ۽ ڪٿي نه ڪٿي انجام به ٿيندو. جيڪڏهن انجام موت جهڙي ڪا شيءِ آهي ته پوءِ مون کي ڪڏهن به خبر نه پوندي ته اصل مامرو ڇا هو.

هن جو ڪوبه ماضي ڪونه هو، پر هن جو مستقبل ضرور هوندو. جنهن کي خاتمو سڏي سگهجي، هن سوچيو ته ڇا منهنجي خاتمي سان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. يعني اهو سڀ به جنهن کان مان اڻ ڄاڻ آهيان. رکي رکي هن کي پنهنجي مالڪ تي رحم ايندو هو. ڇاڪاڻ ته ڪوبه مطلق مالڪ ٿي ئي نٿو سگهي. مطلق مالڪ نه هجڻ ڪري مالڪ جي مٿان ٻيو مالڪ هجڻ وارو سلسلو ڪٿي به ختم ڪونه ٿيندو. ان جو مطلب جن به حالتن مان آءٌ گذران پيو انهن کي ڪونه ڪو ته نالو ڏيڻ ئي گهرجي. مثال طور مان هتي خوش آهيان، مان هتي ڏکويل آهيان يا مان هتي بيزار آهيان. جيڪو به فيصلو منهنجي اندر مان طئي ٿيندو اهوئي سمورن مالڪن جي مالڪن تي حاوي ٿيندو. جيڪڏهن مون کان سواءِ ڪوبه نه آهي ته پوءِ مان ئي مالڪ توڙي خالق آهيان. هڪ طرح سان مان ڪنهن رسيءَ جو ڪو ڇيڙو ته ضرور آهيان. ڇيڙو ان مطلب ۾ ته منهنجي وس ۾ ڪوبه غلام، مريض يا رانديڪو ناهي جنهن سان مان اها ڪار ڪري سگهان جيڪا مون سان ڪئي پئي وڃي. ممڪن هوندو ته مان ٻين مالڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي غلام سان بيرحميءَ ذريعي پيش نه ايندس. ڇا واقعي مون سان بيرحميءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي! اها ڳالهه بلڪل غير يقيني آهي. ٿي سگهي ٿو ٻين سان (جيڪڏهن آهن ته) رحمدليءَ وارو سلوڪ ڪيو ويندو هجي.

هن قيدخاني يا گهر جو ڪو ته انت هوندو، ڪٿي ته ان جو دروازو هوندو. اهڙا خواب اڪثر هو ڏسندو هو جن ۾ هُو هڪ عاليشان دروازي مان ٻاهر نڪرندو هو جتي بيشمار انسان گلن جا هار کنيو سندس آجيان لاءِ بي چين هوندا هئا. ٻيو پاسو ائين به ٿي سگهي ٿو ته مالڪ هجڻ ناتي مون کي پنهنجو غلام، مريض يا رانديڪو پاڻهي ئي هٿ ڪرڻو هجي. يعني غلامن، مريضن ۽ رانديڪن جي تلاش ڪرڻ وارن جو به ڪو انت نه هجي. پر مون وٽ اچي ان طرف وڌڻ جو سلسلو رڪجي وڃي ٿو. مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن مان پنهنجو محڪوم هٿ ڪيان. جيڪڏهن مان محڪوم هٿ ڪري ويس ته پڪ سان مان آزاد ٿي ويندس ۽ محڪوم منهنجي جاءِ تي پهچي ويندو. اهڙيءَ طرح پوءِ هن کي منهنجي حياتي گذارڻي پوندي يعني پنهنجي محڪوم جي تلاش. بلڪل ساڳي طرح جيئن مالڪن مٿان مالڪ يا خالقن مٿان خالق موجود آهن تيئن محڪوم هيٺان محڪوم موجود هوندو. يعني سموري ڳجهارت جو ڀڃڻ ان ڳالهه ۾ ئي شامل آهي ته جيڪو به جتي آهي خالق يا مالڪ به آهي ته غلام ۽ محڪوم به. جيڪڏهن رسيءَ ئي هڪڙي آهي ته ڳجهارت ان وقت تائين ڪانه ڀڄندي جيستائين مان پنهنجو محڪوم هٿ ڪري سلسلي کي اڳتي نه وڌايان. ان ڳالهه جو حل اهو آهي ته مان پنهنجو انت آڻي ڇڏيان ته جيئن مون کان پوءِ محڪومن جي ڳولا بند ٿي وڃي. جيڪڏهن رسيءَ جو هڪڙو سلسلو ختم ٿيو ته خالق يا مالڪ پنهنجي مالڪ هٿان سزا ماڻيندو. سزا موت جي هجڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته سمورا مالڪ مارجي ويندا پوءِ! هن کي اوچتو احساس ٿيو ته رات ٿيڻ واري آهي. ننڊ ڪهڙي وقت اچي ان جي ڪابه خبر نه پوندي آهي.

هُو جڏهن کان (ڪڏهن کان) اتي موجود هو هن کي رات جو ننڊ مان سجاڳي ڪڏهن به ڪانه ٿي هئي. ان رات وچ ۾ ڇا ٿيندو هوندو هن کي ان ڳالهه بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي. پڪ سان مالڪ پنهنجي رانديڪي کي چاٻي ڏئي ويندا هوندا. جيڪڏهن چاٻي نه ڏني وڃي ها ته رانديڪو ٻئي ڏينهن سج جي سامهون ٿيڻ سان ڪيئن سجاڳ ٿئي ها. جيڪڏهن سجاڳ نه ٿئي ها ته تجربي کي ڪيئن اڳتي وڌائي سگهجي ها. ان ڪري بهادريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. لفظن جو فلاسافيڪل مطلب ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هڪ ماڻهو چوندو ”واه جو بهادري ڏيکاريائين، پنجاهه دشمنن ۾ اڪيلو ڪاهجي پيو، موت جي ته ڪا پرواهه به ڪانه هيس. خبر به هيس ته ائين ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجو پاڻ مارڻ“ ته ٻيا وري اهڙي بهادري بابت هن قسم جي وضاحت پيا ڪندا ”خبر هيس ته پنجاهه ماڻهن سان اڪيلي سر مقابلو نٿو ڪري سگهجي. جتي ماڻهو پڄي نه سگهي ته اتي حڪمت سان ڪم وٺڻ کپي ۽ ڀڄي جان بچائجي. زنده هونداسين ته دشمن کان حساب به چڪتو ڪنداسين. ائين ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجو پاڻ مارڻ.“

سج ٺيڪ هن جي مٿان اچي پهتو، هن اکيون مهٽيون ۽ طئي ڪري ڇڏيائين ته ڪنهن به ڳالهه جو انت هنن ديوارن جي اندر ممڪن نه آهي. هتي صرف هڪڙو ئي حل آهي ته خودڪشي ڪري پنهنجي جان ڇڏائجي. جيڪڏهن رسي ئي هڪڙي آهي ته مون کي ڪوبه نئون محڪوم ناهي ڳولڻو جيڪو هنن ديوارن ۾ قيد ٿي ٻئي محڪوم جي تلاش ڪري. مٿين سلسلي کي به اڻ کٽ نٿو سڏي سگهجي. منهنجي خودڪشيءَ تي منهنجي مالڪ کي موت جي سزا ملي ته ان جي مالڪ کي به ڪا اهڙي ئي سزا ملندي. ڪو ته آخري مالڪ هوندو جيڪو نيٺ اڪيلو وڃي بچندو ۽ ان کي مارڻ وارو ڪير به ڪونه هوندو. ان طرح سوچي هن کي ڪجهه سرهائي محسوس ٿي. هن سوچيو ايتري (ڪيتري) عرصي کان مان جنهن غلام، مريض يا رانديڪي جي تلاش ۾ هيس اهو ته مان پاڻ آهيان. جيڪڏهن خودڪشي نٿو ڪريان ته مالڪ به مان پاڻ ئي ٿيس. مون سمجهي ورتو آهي ته زندگي گذرندي ئي ديوارن جي اندر آهي. بي رنگ، بي سواد ۽ ڇَسي. اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اوهان خوش آهيو، ڏکويل آهيو يا بيزار آهيو. مون پاڻ لاءِ بيرحم ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، مان سموري تجربيگاهه کي ڊاهي ڇڏيندس. اڳتي نه سج منهنجي مٿان پهچي مون کي ننڊ مان اٿاريندو ۽ نه مان اکيون مهٽيندي ڳاڙهين ديوارن ڏانهن نهاريندس.