8 May 2015

چُوڙا ٻيڙا چڪ ۾ ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

ڳوٺ ۾ هر طرف خوشيءَ جي لهر ڇانيل هئي. مرشد سائين ڳوٺ ۾ لٿل هو، سڀني کي پڪ هئي ته هاڻي سَڻائو واءُ ورندو ۽ سندن مصيبتون گهٽجي وينديون. هو جڏهن به ايندو آهي ته سڀني کي يقين هوندو آهي ته اجهو ڏکيا ڏينهن ختم ٿيا، بس رڳو مرشد سائين هٿ جي ٻُڪ جهلي چَپ چوريندو آهي ته سڀ سڻايون ٿي وينديون آهن. اڄ هن ڏينهن ٺارڻ لاءِ حاجي نبوءَ جي گهر ۾ ترسڻ جو ارادو ڪيو هو. سمورا مريد سندس معتقد ۽ ٻڌا ٻانها هئا، بس مرشد سائينءَ جي جنهن تي مهر ٿئي. پوءِ اهو ٻانهو خوشيءَ ۽ فخر وچان ٻهڪي پوندو هو. مرشد سائين اڳ ۾ به نبوءَ جي گهر ۾ ڪيئي ڀيرا ترسي چڪو هو. هڪ ڀيري نبوءَ کي مرشد سائين پنهنجي خرچ تي حج ڪرڻ لاءِ مَڪي پڻ موڪليو هو. سندس زال کي پنهنجي حويليءَ ۾ خاص ٻانهين سان رهايو هئائين. نبوءَ جي زال ساران لاءِ اهو وڏو اعزاز هو ته هوءَ آئي ويل مرشد سائينءَ کي پنهنجي هٿن سان بهترين طعام پچائي رات جو وٽس اوطاق واري بنگلي تي پهچائيندي هئي.

جڏهن نبو حج ڪري موٽيو هو ته ڳوٺ وارا کيس نبو موچيءَ بجاءِ حاجي نبو سڏڻ لڳا هئا. حج تان موٽندي ئي نبوءَ کي ساران خوشخبري ٻڌائي ته مولا سندن عرض اگهايو آهي، پيٽ ۾ نئين حياتيءَ جا آثار پيدا ٿي چڪا آهن. ٻئي ڄڻا سالن تائين اولاد لاءِ پئي سِڪيا. مرشد سائين جي دعائن جي مديني تائين رسائي هئي، اتان جي ٻاجهه ٻنهي زال مڙس جي جهولي ڀَري ڇڏي. جڏهن کين نياڻي پيدا ٿي ته نالو پنهنجي مرشد جي حوالي سان ”سائين ڏنِي“ رکيائون. کين پڪ هئي ته اها نياڻي مرشد سائينءَ جي دعائن سبب پيدا ٿي هئي.

حاجي نبو گهڻي وقت کان موچڪو ڌنڌو ڇڏي مرشد سائينءَ جون زمينون سنڀالڻ لڳو هو. مٿس مرشد جون خاص مهربانيون هونديون هيون، نبو به انتهائي ايماندار ۽ تابعدار ٻانهو هو. آڌي مانجهي مرشد جي سڏ تي لبيڪ چئي وڃي حاضر ٿيندو هو. مرشد ڪمن ڪارين سانگي ڪڏهن خيرپور ته ڪڏهن سکر يا شڪارپور پيو موڪليندو هو. هن کي گهر ٻار جو ڪوبه اُلڪو ڪون هو، کيس خبر هئي ته مرشد جي هوندي سندس گهر ڏانهن ڪير ميري اک نٿي کڻي سگهيو.

ڪيئي سال گذري ويا پر مرشد سائينءَ جون خاص مهربانيون سدائين قائم رهنديون آيون. ائين به ڪونهي ته مرشد سائين کي مريدن مان رڳو حاجي نبو پيارو هو، پر هن جون اهڙيون مهربانيون ۽ پيار تقريبن سمورن مريدن تي هوندو هو. مَريد مرشد جي هر ڪم کي لبيڪ چئي، پنهنجا ڪم ڪاريون اڌ ۾ ڇڏي وڃي مرشد جا پير چُمندا هئا. ان ڳالهه ۾ ڳوٺ جون عورت مريدياڻيون به گهٽ ڪون هيون. جڏهن حويلي مان کين سڏ ٿيندو هو ته مڙسن جو بسترو ڇڏي ترت وڃي حويلي پهچنديون هيون. جيڪو حڪم ٿيندو هو ته بنا ڪنهن دير جي حاضر ٿي مرشد جي قدمن ۾ اچي ويهنديون هيون.

سائين ڏنِي جي پيدا ٿيڻ کان سترنهن سال پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن مرشد سائين اوچتو اچي حاجي نبوءَ جي گهر پهتو.ڪچڙي مجهند جو وقت هو. زال مڙس جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، مرشد جنهن گهر ۾ اچي ترسندو هو ته اها مريد لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه هئي. مرشد سائين کي سندس خرچ تي ٺهيل خاص ڪمري ۾ ويهاريو ويو. مرشد سائين نبوءَ کي پيسا ڏيندي چيو ته ”ٻاهر خليفي کي وڃي ڏئي، باقي هو سمجهي ويندو“. ڪجهه وقت کان پوءِ خليفي هٿان چار کلون لٿل تترن جو گوشت، پرڏيهي شراب جون بوتلون وغيره اچي پهتيون. مرشد سائين نبوءَ کي چيو ”تيار ڪرائي وٺ، ڏينهن ٺاري پوءِ واپسي ڪبي“. ”جيڪو حڪم“ نبو گوشت کڻي اچي زال کي ڏنو ”ڀٽاري، مرشد سائين مهربان آهي، جلدي ڪر گوشت پَچائي وٺ“. ساران، مرشد سائينءَ کان چڱيءَ ريت واقف هئي. هوءَ سندس حويليءَ ۾ مهينو ڏيڍ رهي چڪي هئي، تنهن گوشت ورتو ۽ رڌڻي ڏانهن رواني ٿي. ان وقت سندس ڌيء سائين ڏنِي رڌڻي جي صفائي ٿي ڪئي. مائي ساران کيس چيو ”ڇوري جلدي ڪري، مرشد سائين لاءِ طعام تيار ڪرڻا آهن.“

گهر جي خاص ڪمري ۾ مرشد سائين نويڪلائيءَ ۾ ويٺي شراب جا ٽي گلاس ڳڙڪائي چڪو هو. نبو، مرشد سائينءَ جي خليفي کي پنهنجي ٻاهرين اوطاق تي هٿ مُنهن ڌئاري، پاڻي ۽ ٻيو ضروري سامان ڏئي گهر اچي مرشد سائينءَ سامهون پَٽ تي ويهي رهيو. ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي، نبو محسوس ڪيو ته مرشد سائين ڪجهه چوڻ چاهي پيو. هُو ڪَن کڙا ڪيو سندس حڪم جي انتظار ۾ ماٺ ڪيو ويٺو رهيو. جڏهن مرشد سائين چوٿون گلاس ختم ڪيو ته نبوءَ سان مخاطب ٿيندي چيائين ”ٻڌو اٿم ته سائين ڏنِي ته ماڻس کان وڌيڪ سُگهڙ ٿي وئي آهي ۽ کاڌي پَچائڻ ۾ ته ڪوبه سندس مَٽ ناهي“. ائين چئي هن شراب جو هڪ ٻيو گلاس ٺاهي هٿ ۾ کڻندي چيو ”پراڻا کاڌا کائيندي ذائقو ئي خراب ٿي ويو آهي. هاڻي سائين ڏنِي کي حويليءَ ۾ خدمت لاءِ موڪلي ڏي“ سندس جملن ۾ حاڪماڻو انداز واضع هو. ”جي سائين، جڏهن حڪم ڪيو“. نبوءَ هٿ ٻڌي نهايت احترام سان وراڻيو. ”هاڻي تون وڃ، خليفي ۽ ٻين جي سار لهه، مون کي پاڻهي مائي ساران مُنهن ڏيندي“. حاجي نبو بنا ڪُڇڻ جي هٿ ٻڌي گهر کان ٻاهر نڪري ويو.

مرشد سائين گهڻي نشي چڙهڻ سبب ڳهر ۾ ٻُڏو پيو هو. ان وقت ساران ميز تي سهڻي سليقي سان ٿانوَ ترتيب ڏئي کاڌو رکي رهي هئي. ٿانونَ جي آواز تي مرشد ڳهر مان اکيون کولي ڏانهنس نهاريو. ساران جيڪا مرشد سائينءَ جي هر عادت کان چڱي ريت واقف هئي چوڻ لڳي ”سائين، ماني تيار آهي، کائڻ تي دل هجي ته کائو نه ته ڍڪي رکان“. ائين چئي ساران مرشد واري بيڊ تي اچي ويٺي ۽ سندس ٽنگن تي زور ڏيڻ لڳي. مرشد ڪجهه سامت ۾ آيو ته کڻي مائي ساران جي ڇاتيءَ ۾ هٿ وجهي مهٽڻ لڳو، ساران به کڻي هٿ ڍرا ڪيا. ”ساران، توکي مون کان ڪا شڪايت آهي؟“ ساران وراڻيو ”توبهن مرشد سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو. توهان جي ته ٻنهي جهانن ۾ هلندي آهي، اسان ته خلقيا ئي توهان جي خدمت لاءِ ويا آهيون“. مرشد ساران کي ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو ”تنهنجي جسم ۾ هاڻي اهو جوڀن ڪٿي“. ساران ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو ”مرشد سائين، جائي ڳالهه به سچي آهي، مون ته ڪيترائي سال پنهنجي جسم کي ائين پئي نکاريو ۽ سنواريو آهي جيئن توهان کي پسند هو. پر هاڻي گذرندي عمر اچي نهوڙيو اٿم“ مرشد سائين، ساران جي ڇاتيءَ تان هٿ ڍرا ڪندي چيو ”توکي ته خبر آهي مون کي پاروٿو گوشت ڪون وڻي“. ساران وراڻيو ”ڄاڻان ٿي مرشد، مان تنهنجي ٻانهي آهيان منهنجو جسم تنهنجي امانت آهي، سنڀالڻ لاءِ مڙس اٿم، جيڪو حق شرع اگهاڙو ڪندو آهي هاڻي جيئن چوين تيئن ڪريان“. مرشد فيصله ڪُن انداز سان چيو ”هاڻي سائين ڏنِيءَ کي حويلي ۾ خدمت لاءِ موڪلي ڏي. منهنجي خاص دعائن سان پيدا ٿيل ڇوڪريءَ کي لازمي منهنجي خدمت ڪرڻي پوندي“. اها ڳالهه ٻڌي مائي ساران جو ته ڏيل ئي ڏڪي ويو. هن کي چڱي طرح خبر هئي ته سائين ڏنِي مرشد جي ڪهڙي ”دعا“ مان پيدا ٿي آهي.

جڏهن ڪجهه ڏينهن بعد مرشد جو نياپو پهتو ته”سائين ڏنِيءَ کي حويلي ۾ خدمت لاءِ موڪليو“ ته مائي ساران نبوءَ جي ٻانهن کي ڌونڌاڙي زهر ڀريل لهجي ۾ چيو ”نڀاڳا، سمجهين ڇو نٿو ته سائين ڏنِي رڳو نالي ۾ تنهنجي آهي، باقي رڳن ۾ سندس رت ....“. هوءَ وڌيڪ چئي نه سگهي، شديد بيوسيءَ ۾ هٿ مَهٽڻ لڳي. نبو سموري ماجرا اڳ ئي سمجهي چڪو هو. هن سوچي سوچي ڇيهه ڪيو پر هن وٽ ڪابه واٽ نه نڪري سگهي. ”تون ئي ڪو بلو ڪر باقي مان ته مَڪي جو واسي هيس، مان ڪيئن ٿو مرشد سائين کي ان ڳالهه تان لاهي سگهان“. حاجي نبو هٿيار ڦٽا ڪري بيهي رهيو. ”ته پوءِ ٻُڌ، تون ۽ مان مرشد سائينءَ جي حڪم جا بندا آهيون منهنجي وس ۾ جيڪي هوندو ضرور ڪنديس. باقي وڃي الله ڄاڻي ته زميني مرشد ڄاڻي، هلندي نڪي تنهنجي نڪي منهنجي. باقي سائين ڏنِي بابت مرشد سائين کي سچ جي آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندس. ڀلا پيءُ ۽ ڌيءُ به .... توبهن“. مائي ساران مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهي.

شام ڌاري مائي ساران، سائين ڏنِي سان گڏجي مرشد جي موڪليل موٽر تي چڙهي رواني ٿي. گاڏيءَ کي حويليءَ ڀرسان مرشد سائين جي اوطاق واري بنگلي تي بيهاريو ويو. سج لهي چڪو هو، ساران کي لڳو ته آسمان به اڄ رات ٿيندڙ امڪاني وارتا تي ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿيو ويو هو. جڏهن مرشد کي خبر پئي ته مائي ساران به سائين ڏنِي سان گڏ آئي آهي ته کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. جڏهن ته سائين ڏنِيءَ کي ٻئي ڪمري ۾ ترسايو ويو.

مرشد سائين جي رهائشي ڪمري ۾ ٻي ڪائي پهر ڪان هئي. مائي ساران مرشد سائين جي اڳيان بت بنجي بيٺي رهي. مرشد ڏانهس نهاريندي چيو ”چڱو ٿيو جو تون هن سان گڏجي آئي آهين”. ساران پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ”جي سائين، مون کي توهان سان ڪجهه ضروري ڳالهيون ڪرڻيون هيون“ مائي ساران هٿ ٻڌي کيس ادب مان چيو. هاڻ وٽس مرشد سان ويجهي ٿيڻ يا حجت ڪرڻ جو حق ڪون رهيو هو. ”مون کي خبر آهي ته تون ڇا ٿي چوڻ چاهين، توکي ته خبر آهي مان نازڪ ۽ خوبصورت گلن کي نپوڙڻ جو عادي ناهيان. مان رڳو گلن جو واس وٺي، مٺاڻ چکي پنهنجي روح ۾ سمائي ڇڏيندو آهي“ مائي ساران چاهيو ته کيس سڀ ڪجهه سچي ڪري ٻڌائي ڇڏي، پر پاڻ ۾ اهڙي همٿ پيدا ڪري ڪان سگهي. ”سائين، توهان ته ٻنهي جهانن جي رازن کي ڄاڻو ٿا، سائين ڏنِي ته مون کي تڏهن ٿي هئي جڏهن حاجي نبو ڀلي پار ويل هو“. هوءَ وري به اشارن ۾ جملو ڳالهائي سگهي. ”ڏس مائي، مون کي پاروٿيون ڳالهيون به ڪون وڻن. وڃي سائين ڏنِيءَ کي تيار ڪر ۽ سڀ ڏانءُ سمجهائي ڇڏينس. مون کي تنهنجون ڳالهيون ٻڌڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، وڃ وڃ جلدي ڪر“. مرشد جي لهجي ۾ تلخي، بيزاري ۽ ڪاوڙ هئي. هن اهي جملا تکي لهجي ۽ حاڪماڻي انداز سان چيا هئا. مائي ساران کي نظرانداز ڪري هن ٽيبل تي رکيل شراب جي بوتل مان گلاس ٺاهي ورتو. جڏهن ڏٺائين مائي ساران اڃا اتي بيٺي آهي ته نفرت ۽ ڪاوڙ مان ڏانهس نهاريندي، هٿ جي اشاري سان ڪمري مان هليو وڃڻ جو چيائين.

مائي ساران لکئي جي ليک کي ڪان ٽاري سگهي. پنهنجي هٿ سان سائين ڏنِي کي سنواري، جهجهي انداز ۾ کيس سمجهائي مرشد جي ڪمري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين. سائين ڏنِي کي موڪلڻ کان پوءِ مائي ساران الله جي امانَ پئي گهري. کيس اڻ تڻ هئي ته اڄ اهو ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن کي سواءِ الله جي ڪير به نٿو روڪي سگهي. سارو وقت هوءَ کٽ تي پاسا ورائيندي رهي. هن کي مرشد سائين سان گذاريل پهرين رات ياد اچڻ لڳي، جڏهن کيس روحاني اذيت مان گذرڻو پيو هو. هن کي اهو سوچي ڪاري قيام نظر اچڻ لڳي، اڄ رشتن جو تقدس پائمال ٿيندي اکين ڏسي رهي هئي. مائي ساران سوچيو ته سندس مرشد سان ڪوبه رت جو رشتو ڪون هو، پر سائين ڏنِي ته هن جي پنهنجي هئي. هن کي ياد آيو ته مرشد کيس ڪيئن پاڻ ڏانهن سڏي بيڊ تي ويهاريو هو ۽ ڪيئن سندس ڇاتين کي نهوڙيو هئائين. پوءِ هن هڪ هڪ ڪري کيس ڪپڙن کان آجو ڪيو هو. هوءَ شراب جا گلاس ٺاهي ڏيندي رهي هئي. مرشد سائين ڪيئن نه آفيم جي ننهن جيترا گولڙا ڏوگهيندو ويو هو. جڏهن مرشد کيس چُمڻ چَٽڻ لڳو هو ته سندس وات مان ڪيڏي نه اُگهري ڌپ ٿي آئي. هن سوچيو ڇا اهو سڀ ڪجهه هن وقت سائين ڏنِيءَ سان ٿي رهيو هوندو! سائين ڏنِي جيڪا هن جو پنهنجو رت آهي. مائي ساران کي پڪ هئي ته اڄوڪي رات قيامت جو پيش خيمو ثابت ٿيندي ۽ صبح تائين سڀ ڪجهه سڙي ناس ٿي ويندو. هوءَ ساري رات پاسا ورائيندي ڪاري قيام جو انتظار ڪندي رهي، پر ٿيو ڪجهه به ڪون. باک ڦٽي چُڪي هئي، پکين جون لاتيون ۽ ڍورن جي چڙن جا آواز اچڻ لڳا هئا. هن سوچيو مرشد سائين ڪيڏو نه الله کي پيارو آهي، جو اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃڻ کان پوءِ به زندگي روان دوان آهي.