Showing posts with label Facebook Post. Show all posts
Showing posts with label Facebook Post. Show all posts

12 Aug 2021

پاڪستان خلاف پاڪستان ھاءِ ڪميشن لنڊن اڳيان 15 آگسٽ تي مظاھرو ڪيو ويندو ـ ظفر

پاڪستان (جبري الحاق) خلاف پاڪستان ھاءِ ڪميشن لنڊن اڳيان 15 آگسٽ تي مظاھرو ڪيو ويندو. پاڪستان اھو ملڪ آھي جنھن جي وجود ۾ اچڻ وقت ھندو آبادي 20 سيڪڙو ھئي. اڄ پاڪستان ۾ ھندو آبادي 2 سيڪڙو وڃي بچي آھي. برطانيہ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان کي تمام گھڻي امداد ڏيندو رھيو آھي. برطانيہ جي ماڻھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائڻ لازمي آھي تہ پاڪستان ۾ توھين جو قانون غير مسلمانن جي ڳچيءَ تي خنجر جيان اٽڪيل آھي. پاڪستان، جتي ھندو نياڻيون اغوا، ريپ ۽ زوريءَ مسلمان ڪيون وڃن ٿيون ـ

____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 12 آگسٽ 2021

8 Aug 2021

هڪ ڀيري علي بابا مورو ۾ آيل هجي ـ ظفر

هڪ ڀيري علي بابا مورو ۾ آيل هجي، منهنجي ۽ مئڪش سومري جي زور ڀرڻ تي علي بابا اسان وٽ رهي پيو. ان دور ۾ هو ڪهاڻيءَ کان وڇڙي چڪو هو. اڳتي هلي هڪ ناٽڪ ”ڌرُو“ جي نالي سان لکيائين جيڪو سنڌ ٽي وي تي هليو. علي بابا جهڙو ڪهاڻيڪار سنڌ ٻيو نہ ڄڻي سگهندي. جن ادب دوستن علي بابا کي ناهي پڙهيو انهن ڄڻ سنڌي ادب کي ئي ناهي پڙهيو ـ

____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 08 آگسٽ 2021

1 Jun 2021

گورک ھل اسٽيشن ايندڙ دور ـ ظفر

 


گورک ھل اسٽيشن ايندڙ دور جو ڪوھ مري ٿيندو، پر اھو ماڳ سنڌين جي ھٿ ۾ نہ رھندو. ھي تہ شروعات آھي. سنڌ حڪومت پٺاڻن کي پندرھن ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي آھي. اھي رڳو اتي پير ڄمائين، پوءِ سموري دڪانداري ۽ ھوٽلون پٺاڻن جون ھونديون ـ ڪروڙين سنڌين مان ڪجھہ ھزار سنڌي نوجوان ھڪ ئي ڏينھن ۽ ھڪ ئي وقت تي اتي گڏ ٿين تہ پٺاڻن کي پادر ھڻي لوڌي ڪڍي سگھن ٿا، نہ ٿيندو تہ: ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي ـ

 ____________________________________________________________________.


فيسبڪ پوسٽ | 02 جون 2021

29 Apr 2021

ڀٽي تہ 73ع جو آئين جوڙي سنڌين جا ھٿ ٻڌي پنجابين اڳيان ڦٽو ڪيو ـ ظفر

ڀٽي تہ 73ع جو آئين جوڙي سنڌين جا ھٿ ٻڌي پنجابين اڳيان ڦٽو ڪيو، بينظير ڪالا باغ ڊيم لاءِ بجيٽ رکِي ۽ طالبان جوڙيا. زرداري انھن ٻنھيءَ کان سرسي حاصل ڪندي، جنسي فوجين جا بوٽ چَٽيا تڏھن صدر ٿيو. جن زال مارايس انھن سان معاھدو ڪيائين، بلڪل ائين جيئن بينظير پاڻ پنھنجي پيءُ جي قاتلن سان معاھدو ڪري اقتدار حاصل ڪيو، پڇاڙي: ذوالفقار ڀٽي کي ڦاسيءَ کان پوءِ اڌ رات جو دفن ڪيو ويو. ساڳيو حال بينظير سان ٿيو، کيس ورديءَ مارايو ۽ مڙس کپي کپي ڪندو رھيو، توقع آھي تہ اھڙو ڏينھن بلاول يا زرداريءَ لاءِ بہ پري نہ ھوندو ـ

____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 29 اپريل 2021

21 Aug 2020

اسان کي چنڊ ٻہ سيڪنڊ پراڻو نظر ايندو آهي ـ ظفر

اسان کي چنڊ ٻہ سيڪنڊ پراڻو نظر ايندو آهي ۽ سج اٺ منٽ پراڻو نظر ايندو آهي. ان جو ٻيو مطلب اهو آهي تہ جيڪڏهن اسان روشني جي رفتار سان سج وٽان ڌرتي کي ڏسون تہ ڌرتي اسان کي اٺ منٽ پراڻي نظر ايندي. هاڻي اسان پنهنجي فلائٽ کي اسپيس ۾ ايترو پري ڪاهي ٿا هلون جيتري اوهان جي عمر آهي. فرض ڪيو تہ اسان وٽ دوربين بہ آهي تہ پوءِ يقينن اوهان پنهنجو جنم پاڻ بہ ڏسي سگهو ٿا ـ

 ____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 21 آگسٽ 2020

21 Aug 2019

مان رنگن بابت ڪجهـ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ـ ظفر

مان رنگن بابت ڪجهـ ٻڌائڻ چاهيان ٿو. مثال طور مون کي جيڪو نيرو رنگ نظر ايندو آهي، ممڪن آهي تہ اهو اوهان کي ناسي نظر ايندو هجي. جيڪو بہ رنگ هجي پر اسان ان کي گڏيل طور هڪ نالو ڏئي ڇڏيو آهي تہ اهو اڇو رنگ آهي. اڃا بہ واضع ڪرڻ گهرجي، جڏهن بہ اوهان ناسي رنگ ڏسندا تہ اوهان چوندا اهو اڇو رنگ آهي ۽ جڏهن بہ مان نيرو رنگ ڏسندس تہ چوندس اهو اڇو رنگ آهي. مونجهاري جو ڪو معاملو ڪونهي، هر انساني اک نظاري کي اصل رنگ سان ڏسي اهو ناممڪن آهي. اهو طئي آهي تہ جيڪو رنگ مون کي نيرو نظر اچي ٿو ۽ اوهان کي ناسي تہ پوءِ پاڻ ان ڳالهـ تي متفق آهيون تـ اهو اڇو رنگ آهي. يعني اسان صرف اجتماعي نالو ڏنو آهي، رنگ جي اصل هيئت بابت اسان ڪجهـ بہ نٿا ڄاڻون ۽ اهو ڄاڻڻ بہ ناممڪن آهي ـ

 ____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 21 آگسٽ 2019

8 Jul 2019

عقيدو بنا ثبوت جي هوندو آھي ـ ظفر

عقيدو بنا ثبوت جي هوندو آھي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ پنهنجي عقيدي تي پڪو پختو ايمان آھي تہ پوءِ کيس حق ڏيڻ گهرجي تہ ان مطابق زندگي گذاري. جيئن ان جو پنهنجو ذاتي عقيدو هن لاءِ احترام لائق آ، تيئن ٻين ماڻهن جا مختلف عقيدا انهن ماڻهن لاءِ ذاتي طور ساڳئي احترام لائق آهن. جيڪو عقيدو ٻين تي زوريءَ مَـڙهيو وڃي اهو قابل نفرت آهي. طاقت جي زور تي هلندڙ عقيدن يا مذهبن جو موت يقيني آھي ـ

 ____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 08 جولاءِ 2019

6 Jul 2014

ٿامس پين ڪتاب (دي ايج آف ريزن) ـ ظفر

ٿامس پين جي ڪتاب (دي ايج آف ريزن) جي جيتري ضرورت يورپ ۽ آمريڪا ۾ 1807ع ۾ هئي. اوتري ئي ضروت سنڌين کي اڄ بہ آھ. ان جو مطلب تہ اسان يورپ ۽ آمريڪا کان صديون پٺتي آهيون. ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو بہ موجود آھ، سنگت کي ضرور پڙهڻ گهرجي. يقين ڪيو تہ جيئن ٿامس پين يهوديت، عيسائيت، چرچ ۽ پادرين وغيرہ تي سڌي دليل بازي ڪندي انهن مذهبن جي الوهيت کي رد ڪيو آھ، جي هتي ڪير ائين ڪري تہ ٻئي ڏينهن اهو واجب القتل هوندو ـ

____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 06 جولاءِ 2014

17 Mar 2014

نهايت افسوسناڪ واقعو ـ ڇھن مهينن جي ٻارڙي رام چند ڪولهيءَ جو فوت ٿيڻ ـ ظفر

ڇھن مهينن جي ٻارڙي رام چند ڪولهيءَ جو فوت ٿيڻ ـ

مارچ 13 تي اسان جي ميڊيڪل ڪئمپ ننگر پارڪر جي ڳوٺ چُوڙيو ۾ لڳائي وئي. ان ٽيم ۾ ڊاڪٽر برڪت سان گڏ هڪ ليڊي ڊاڪٽر پڻ موجود هئي. رات جو واپسي مهل اهي پاڻ سان گڏ ٻہ ٻارڙا ۽ سندن والدين گڏ وٺيو آيا تہ انهن ٻارڙن کي ترت علاج لاءِ مٺي جي اسپتال پهچائڻ گهرجي. جڏهن اهي ننگر پارڪر شهر ۾ پنهنجي مستقل رهائشي ٺڪاڻي تي پهتا تہ سمورن ٽيم ميمبرن کان اهي ٻئي ٻارڙا ڄڻ تہ وسري ويا ـ

رام چند ولد تڳو ڪولھي ۽ ڊاڪٽر برقت نوناري

لڳ ڀڳ پوڻا ٽي ڪلاڪ يا ٽي ڪلاڪ دير کان پوءِ انهن ٻارڙن کي کڻي مان ۽ احمد سومرو مٺي ڏانهن روانا ٿياسين. مٺي اسان کان صرف اڌ ڪلاڪ کن جي پنڌ تي هيو تہ هڪ ٻارڙو رام چند ولد تڳو ڪولهي جنهن جي عمر صرف ڇھ مهينا هئي رستي ۾ وفات ڪري ويو. انتهائي افسوس ۽ ڏک جي ڳالھ اها هئي تہ ٻارڙي جي وفات مٺي کان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ ٿي هئي. مان دوستن کي صاف ۽ واضع لفظن ۾ ٻڌايان ٿو تہ رامچند اسان جي غفلت جي ڪري مَري ويو. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسان ان کي غير ضروري طور پنهنجي ٺڪاڻي تي ٽي ڪلاڪ نہ ترسايون ها تہ ٻار بَچي سگهي پيو ـ

ٻار جي مَري وڃڻ ڪري اسان کي سلام ڪوٽ جي اسپتال وڃڻو پيو جيئن تصديق ٿي سگهي. اتي موجود ڊاڪٽر ٻار جي چڪاس ڪري ٻُڌايو تہ هي ٿوري دير اڳ فوت ٿي چڪو آهي هن جي جسم جي گرمائش مان خبر پوي ٿي. اتي طبي سهولتون نہ هجڻ ڪري اسان کي ٻئي ٻار ڏيکارڻ ۽ فوت ٿيل ٻار جي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لاءِ مٺي وڃڻ ضروري هو. پوءِ اسان ٻنهي ٻارڙن ۽ والدين سميت مٺي روانا ٿياسين. جتي فوت ٿيل ٻارڙي جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرايو ويو پر ڊاڪٽر مطابق وٽس اسٽيمپ نہ هو جيڪو صبح ڪلارڪ آفيس کلڻ کان پوءِ ئي ٿي سگهي پيو. اها ڳالھ مون فوت ٿيل ٻارڙي جي پيءَ تڳو ڪولهي کي سمجهائي. هن جو چوڻ هو تہ اسان کي ڳوٺ پهچايو وڃي تہ جيئن اسان ٻارڙي کي دفن ڪري سگهون. جڏهن تہ مون کيس ان ڳالھ تي قائل ڪري ورتو تہ اوهان جا ڇھ ست ٻار ٻيا بہ آهن. سنڌ سرڪار هر فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن کي پنج لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪڏهن واقعي ائين ٿيو تہ پوءِ سرٽيفڪيٽ تي اسٽيمپ لڳڻ لازمي آهي. جيڪو ٻار وڃڻو هو سو تہ ويو پر جي رقم ملي ٿي تہ اوهان ٻين ٻارڙن جي پرورش بهتر ڪري سگهندا. هن منهنجي ڳالھ مَڃي ورتي ان سموري وقت دوران فوت ٿيل ٻارڙي رام چند جي امڙ ٻار کي جهوليءَ ۾ کنيو ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ـ

ٻئي ٻار کي اسپتال داخل ڪرايو ويو ان ۾ رت جي خطرناڪ حد تائين گهٽتائي هئي. ان ٻار جو بلڊ گروپ او پازيٽوَ هو جڏهن تہ منهنجو اي پازيٽوَ ۽ احمد جو بہ شايد ساڳيو گروپ هو. ڊاڪٽر جو چوڻ هو تہ ٻار کي اڌ بوتل او پازيٽوَ جي لڳڻ ضروري آهي. ٻار جي والد رميش پنهنجو بلڊ گروپ ٽيسٽ ڪرايو تہ ڀلائيءَ سان اهو او پازيٽو نڪتو، جيڪو پوءِ ٻار کي لڳايو ويو. احمد سومري کي مٺي شهر مان ڪجھ دوائن جي ايڪسچينج ڪرائڻي هئي، جڏهن تہ مونکي فوت ٿيل ٻارڙي جي سرٽيفڪيٽ تي اسٽيمپ جي ضرورت هئي. صبح جو لڳ ڀڳ ستين بجي رام چند جي ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ تي اسٽيمپ لڳي ويو. اهو سرٽيفڪيٽ کڻي مان تڪڙ ۾ پريس ڪلب جي ڳولا ۾ نڪري پيس تہ جيئن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بابت خبر هلرائي سگهان. مون کي اتان جو مشهور صحافي کاٽائو جاني هٿ اچي ويو، کيس ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ڏيکاريم ۽ ٻارڙي جو نالو، والد جو نالو، عمر ۽ ڳوٺ جو نالو لکرايم. هن وعدو ڪيو تہ سڀاڻي سمورين اخبارن ۾ ٻار جي فوت ٿيڻ جي خبر شامل هوندي ـ

رام چند کي سندس مائٽ ۽ ماءٌ ڀيٽا ڏيندي

ان کان پوءِ مان احمد سومري کي مٺي ڇڏي رام چند جي مَڙھ کي کڻائي ننگر پارڪر جي ڳوٺ چوڙيو روانو ٿيس جيڪو انڊيا جي سرحد سان لڳو لڳ آهي. اتي پهچڻ ۾ لڳ ڀڳ چار ڪلاڪ کن لڳا، مان ٻارڙي جي سمورين آخري رسمن تائين اتي ئي رهيس. جنهن ۾ تقريبن ٻہ اڍائي ڪلاڪ لڳا ان کان پوءِ موٽي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ٿيس. مان اعتراف ڪيان ٿو تہ رام چند ولد تڳو ڪولهي اسان جي ٽيم جي غفلت سبب مَري ويو. جيڪڏهن اسان ان کي رات جو رهائشي ٺڪاڻي پهچڻ وقت ئي روانو ڪيون ها تہ هو مٺي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ کان اڍائي ڪلاڪ اڳ پهچي ها تہ ضرور بَچي وڃي ها. ان ڳالھ جو بہ اعتراف ڪيان ٿو تہ ڊاڪٽر کان سواءِ ڪنهن کي بہ ٻار جي سنجيدہ حالت جي اوتري خبر نہ هئي جيتري ڊاڪٽر کي هئي. پر ان کان وسري وڃڻ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري جيڪا ٽي ڪلاڪ دير ٿي ان ڪري ٻار اسان جي هٿن ۾ فوت ٿي ويو ـ

سنڌي ظفر رام چند ولد تڳو ڪولھي جي آخري رسمن بعد مُنھن ڌوئيندي ـ
____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 17 مارچ 2014