3 Mar 2005

ٻہ اکر ـ ناز سنائي

سگمنڊ فرائيڊ اهو سگهارو نالو آهي جنهن سڄي دنيا ادب تي پنهنجا خاص اثر ڇڏيا. سنڌي ادب تي بہ ان وڏا اثر آهن. هن نہ رڳو انساني شعور جي مونجهارن ۾ دلچسپي ورتي پر انسان جي لاشعور مونجهارن ۽ انهن جي ڪارڻن ۽ علاج کي بہ دريافت ڪيو ۽ پنهنجو ”تحليل نفسي“ وارو خاص نظريو پيش ڪيو. جنهن ڪري هو نہ رڳو پنهنجي وقت جو متنازعہ شخص بنجي ويو پراڄ تائين بہ ان جي اها صورتحال آهي. ڳچ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ان جي نظرياتي سچائي ۽ امرتا جي ڳالھ ٿا ڪن ۽ ان تي ويساه ٿا آڻين. ليکڪ ان جي اثر ۾ اچڻ کان پاڻ ڇڏائي نہ ٿو سگھي. دنيا جا ڪيترائي ليکڪ آهن، جن جي تحريرن تي فرائيڊ جي نظريي جي گھري ڇاپ آهي. ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي اڃان بہ فرائيڊ سان اختلاف ٿا رکن پر ان کي مليل مڃتا کان بہ ڪير انڪار نہ ٿو ڪري سگھي. فرائيڊ جهڙا گھٽ ماڻهو آهن، جن جو اثر فوري طور ادب تي ڇانئجي ٿو وڃي. ان ۾ اسان جي ٻولي جو ادب بہ شامل آهي ـ
ظفر ان جي شخصيت تي ڪتاب ترجمو ڪيو آهي. جيڪو سنڌي ساهت گھر طرفان اوهان جي آڏو آهي.
 


ناز سنائي (حيدرآباد، سنڌ)
03 مارچ 2008

2 Mar 2005

سگمنڊ فرائيڊ (ڪتاب) ـ ڏياچ ھو يا ٻيجل ھو ڪوئي! ـ ظفر

ماڻهوءَ جي ذهني بناوٽ سماج مان حاصل ڪيل ڄاڻ تي مشتمل ٿيندي آهي. سماج جو مجموعي ماحول هن جي ذهني سرگرمين جو خام مال هوندو آهي. هر ماڻهوءَ جو خاندان، رشتا نتا، دوستيون ۽ واسطا هن جي ذهني رويي جا ڄڻ تہ خالق هوندا آهن. ڇاڪاڻ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي زندگي اسٽيريو ٽائپ يا مشين جيان نہ گذرندي آهي تنهنڪري ھر ڪنهن جي پنهنجي انفراديت بہ ٿيندي آهي.
جڏهن ب
ہ دنيا ۾ ڪنهن نئين نظريي يا فڪر کي پيش ڪيو ويو آهي تہ ماڻهن جي غالب اڪثريت ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ تہ ماڻهوءَ جا پراڻا نظريا سماج ۽ مذهب کان ورثي ۾ مليل هوندا آهن انهن ۾ بحث ۽ حجت بجاءِ عقيدو ڪارفرما هوندو آهي. هو انهن نظرين کي سچا، مقدس ۽ دائمي سمجهندو آهي. اهي پراڻا نظريا هن جي مزاج  ۽ رواج مطابق هئا پر نئون فڪر تہ هن جي بزرگن جي مورثي علمن کي بہ جهالت سڏي ٿو. نتيجي طور ماڻهو ويچارو سچ ۽ ڪوڙ جي وڪڙن ۾ پوڻ بجاءِ ان نئين ويچار خلاف اٿي کڙو ٿئي ٿو.
سماج ڦورو طبقا هر نئين ۽ بهتر نظريي جا مخالف هوندا آهن، ڇاڪاڻ تہ ان مان هنن جي ڦرمار جي متاثر ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. ان ڪري اهو سندس مفاد ۾ هوندو آهي تہ ماڻهو جهالت ۽ وهم ۾ مبتلا هجن. ان لاءِ هو ماڻهن کي اتساهي اهڙو ماحول جوڙيندا آهن جو جهالتون بہ مقدس ۽ الهامي بنجي پونديون آهن.
جڏهن چارلس ڊارون دنيا جي مختلف جزيرن ۽ سمونڊي ڪنارن تان جاندارن جي ڍانڍن ۽ پٿريل جسمن (فاسلز) جي عميق مشهدن کان پوءِ نوان نظريا ڏنا تہ ماڻهن جي ننڊ ڦٽي پئي. هن جا نظريا پراڻن الهامي ۽ مقدس نظرين جي ابتڙ هئا. هن چيو تہ انسان خاص طور خلقيل مخلوق نہ پر جانور مان لکين سالن جي ارتقائي سفر کان پوءِ پيدا ٿيو آهي.
سائنس جو پنهنجو رستو آهي. اها صرف انساني ڀلائي لاءِ نيون کوجنائون ڪري ٿي. جن جي ذريعي فطرت جي پوشيدہ رازن کي پڌرو ڪري سگھجي. ان راھ ۾ ڪابہ رڪاوٽ سائنس اڳيان جٽادار نہ آهي. نہ هن لاءِ ان ڳالھ جي ڪابہ اهميت ڪانہ آهي تہ ڪنهن جا مقدس نظريا ڊهي اچي پٽ پيا آهن ۽ ان جا عقيدتمند ڪيترا هئا. سائنس جو سفر هميشہ جاري رهندو. سموريون انساني جهالتون آخر ان جو کاڄ ٿيڻيون آهن.
فرائيڊ جڏهن نفسياتي نظريا پيش ڪيا تہ ان تي بہ هميشہ جيان تهمتون لڳيون، کيس وحشي، جنسي بيمار ۽ ملحد سڏيو ويو. پر هن جي نظرين جي عالمي سچائيءَ اڳيان بند ٻڌڻ ممڪن ئي نہ هو. فرئيڊ پنهنجي حياتي جو گھڻو حصو ويانا ۾ گزاريو، هن جو پيءَ جيڪب فرائيڊ عام ڪاروباري ماڻهو ۽ ماءُ اميليا ناٿن عام گھريلو عورت هئي يهودي هجڻ سبب اهي جوائنٽ فيملي طور گڏ رهندا هئا. ان وقت يهودين جي حيثيت ٻئي درجي جي شهري واري هئي، انهن کي عام آبادي کان الڳ رهڻو پوندو هو ۽ کين پنهنجي شناخت لاءِ هيٽ پائڻا پوندا هئا يا ڏاڙهي رکائڻي پوندي هئي. فرائيڊ هميشہ کان يهودين سان ٿيندڙ نفرت ڏسندو آيو هو.
فرائيڊ جي پيش ڪيل نظرين ۽ دريافتن کي يهودي هجڻ ڪري شديد ترين مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. سندس مڃتا بجاءِ تذليل ڪئي وئي، پر فرائيڊ شديد مخالفتن باوجود پنهنجو ڪم جاري رکيو.
هن دنيا جي سامهون جنسي غير آهنگي جا نظريا پيش ڪيا ۽ جنس کي هر ذهني مونجهاري جو اهم ترين سبب قرار ڏنو. هن جا نظريا عام ماڻهن وٽ  تہ فحش ۽ گناھ سڏجڻ ۾ آيا پر اينٽليڪچوئل سطح تي بہ کيس اجائي تنقيد جي نشانو بڻايو ويو. ان تنقيد جو بنياد علمي نہ پر ذاتي هو جنهن ۾ فرائيڊ جي هر چرپر ۽ عمل کي بنياد بڻايو ويو. فرائيڊ کي شروع ۾ پنهنجي شاندار ڪم عيوض صرف مذمت ۽ گاريون نصيب ٿيون.
ڊي ايڇ لارنس فرائيڊ کي (جنسي شعور جي پيدائش) جو مجرم قرار ڏنو. هن جو چوڻ هو تہ فرائيڊ کي ان ممنوع حد ۾ داخل نہ ٿيڻ گھرجي ها، اهڙين ڳالهين تي پردا رهڻ گھرجي. آدم ۽ حوا ان ڪري جنت مان ڪڍيا ويا جو انهن جا جنسي عضوا ظاهر ٿي ويا بلڪہ ان ڪري ڪڍيا ويا جو انهن کي خبر پئجي وئي هئي تہ پنهنجي جنسي عضون مان ڪئين ڪم ڪڍي سگھن ٿا.
فرائيڊ جي نظرين کي پاڻ سيڪسيوئل ازم سڏي هن جي مخالفن ڪڏهن بہ قبول نہ ڪيو. ڇاڪاڻ تہ هن جو اهو نظريو پراڻي، روايتي ۽ فسودہ نظرين کان الڳ ۽ مختلف قسم جو هئن. هن جا مخالف هن کي (ويانا جي غليظ يهودي جا غليظ نظريا) چوندا هئا. مذهبين جي نظر ۾ فرائيڊ اهڙو وحشي ڪافر هو جنهن انهن حدن کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي حدون برائي کي چڱائي کان جدا ڪنديون آهن. اهڙي طرح هن مقدس علائقي جي تقدس کي لتارڻ جي قابل مذمت حرڪت ڪئي آهي. چيو ويو تہ هن غلط مذهبي اصولن ۽ ناجائز اخلاقي بندشن جو ڪوبہ متبادل پيش نہ ڪيو هو.
معزز ۽ اوچي سوسائٽي ۾ فرائيڊ جو نالو انتهائي حقارت سان ورتو ويندو هو، عورتن جي محفلن ۾ فرائيڊ جو نالو کڻڻ معيوب هو، ڇو ته هن جو نالو ٻڌندي ئي عورتون شرم ۾ ڳاڙهوين ٿي وينديون هيون، يا اهڙو رد عمل ڪنديو هيون ڄڻ ڪنهن کين فحش لطيفو ٻڌايو هجي.
فرائيڊ جي نظريي ايڊيپس ڪامپليڪس تي شديد ترين رد عمل ڪندي مذمت ڪئي وئي. جڏھن فرائيڊ چيو ھو تہ ڇوڪرا پنھنجي ماءُ ۾ جنسي انسيت محسوس ڪندا آھن ۽ ڇوڪريون پيءُ ۾ اھڙي انسيت محسوس ڪنديون آھن. اھڙي طرح ڇوڪرا پيءُ کي پنھنجو رقيب سمجھڻ لڳندا آھن ۽ ڇوڪريون ماءُ کي پنھنجو رقيب سمجھي نفرت ڪرڻ لڳنديون آھن.
فرائيڊ لکيو هو تہ جنس جي ميدان ۾ عورت مرد سان ٺيڪ ٺاڪ تعصيب جو شڪار ڏسجي ٿي. عورت مرد سان ان جي جنسي عضوي سبب شيد حسد ۽ رقابت جو شڪار هوندي آهي ۽ ائين ٿيڻ فطري آهي اها عورت جي ذهني زندگيءَ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي.
تھذيب انسان ٺاهي آهي تہ پوءِ ھن ان ۾ رنڊڪ جا ٻج ڇو پوکيا؟ فرائيڊ جو وڌيڪ چوڻ هو تہ جيڪڏهن جنس تي بندش لڳل هوندي آهي تہ سمورو معاشرو ذهني مريضن سان ڀرجي ويندو آهي. هن جو چوڻ هو تہ انتهائي پريشاني ۽ شديد اضطراب جي حالت جيڪا چريائپ جي ويجهو هجي، اها غلط قسم جي جوش ۽ جنسي هٺ ڌرمي سبب پيدا ٿيندي آهي. باھ چلھ ۾ محفوظ طريقي سان ٻري رهي هجي تہ اسان ان کي محفوظ قرار ڏيندا آهيون پر ڇڙواڳ باھ خطرناڪ هوندي آهي. فرائيڊ چيو هو تہ جنسي جبلت جي مڪمل تسڪين حاصل ڪرڻ جي نااهليت جو بنيادي سبب دراصل اهي معاشري تي بندشون ۽ رڪاوٽون هيون جيڪي لفظ جنس جي آرادنہ ادائيگي کي ئي مشڪل ۽ ناممڪن بنايو بيٺيون هيون.
فرائيڊ اهو بہ نظريو پيش ڪيو هو تہ انسان کي ذهني مريض ٺاهڻ ۾ وراثت کان وڌيڪ ماحول جو حصو ٿيندو آهي، يعني ورثي ۾ مليل جبلتن کان وڌيو آسپاس جون حالتون انساني ذهن تي وڌيڪ گھري انداز ۾ اثر ڪن ٿيون. هن جو چوڻ هو تہ جبلت توانائي جو هڪ اهڙو ذخيرو آ جيڪو اخراج جي راھ تلاش ڪرڻ لاءِ بيتاب رهندو آ. اهڙي توانائي جسم ۾ هڪ قسم جي بيچين ڇڪ پيدا ڪندي آھي ۽ ان ڇڪ جو آخري پورائو هڪ قسم جو تسڪين ڏيندو آهي.
کائڻ، پيئڻ، کنهڻ وغيرہ لاءِ فرائيڊ جنس جو اصطلاح استعمال ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ ان دور ۾ انهن لفظن جي اهڙي استعمال مان مراد جنسي لطف ورتي ويندي هئي ان ڪري ڪافي مونجهارن جنم ورتو. ممڪن آهي تہ فرائيڊ اهڙن سڀني عملن جي گھرائي سبب جنسي عمل چوڻ تي مجبور ٿيو هجي.
فرائيڊ پيِءُ کي خدا جو ئي اميج سڏيو آهي، جنهن وٽ سختي۽ بندش آهي، جڏهن تہ ماءُ مهربان فطرت جو هڪ روپ آهي. چيو ويو تہ فرائيڊ جي پيش ڪيل ٽوٽمي مفروضي تہ پٽ سردار پيءُ جو خون ڪري ان کي کائي ويا تنهن پٺيان سندس پيءُ سان شديد نفرت ڪارفرما هئي. جڏهن تہ فرائيڊ ٽوٽمي دعوت جا تفصيل اهميت رابرٽسن سمٿ جي ڪتاب مان حاصل ڪيا هئا.
فرائيڊ لاءِ اهو بہ چيو ويندو هو تہ هن کي پنهنجن نظرين تي اختلاف راءِ ۽ آزادنہ بحث سخت ناپسند هئا. جڏهن تہ فرائيڊ جو رويو ان جي ابتڙ هو، اهو صرف ٻن ساٿين سان فرائيڊ جي رويي مان پڌرو آهي. هانز ساچس جا فرائيڊ سان ٽيھ سال پرڻا تعلقات هئا پر هو ڪڏهن بہ فرائيڊ جي مخالفت يا سوال نہ ڪندو هو. ها ۾ ها ملائيندڙ ان شخص جو قدر نہ ٿيڻ جو الزام لڳايو ويو. ٻئي طرف الفريد ايڊلر جيڪو فرائيڊ جي نظرين کي آساني سان قبول نہ ڪندو هو ۽ آزدانہ بحث جو حامي هو، ان جي باوجود فرائيڊ کيس تحليل نفسي سوسائٽي جو سربراھ بنائي ڇڏيو، جنهن ڪري وري اهو الزام لڳايو ويو تہ فرائيڊ ساڻس سمجهوتو پئي ڪيو.
اهڙي طرح فرائيڊ جڏهن موسيٰ جي پٿر جي مجسمي جي تعريفي وضاحت ڪئي تہ ان مذهبي عقيدت ۽ يهوديت سان ڳنڍيو ويو. جڏهن تہ هو سائنسي حوالي سان مذهب کي رد ڪري چڪو هو ۽ مذهب سندس نظر ۾ سماج لاءِ آفيم هو. فرائيڊ جي گھر ۾ ڪابہ مذهبي تقريب نہ ملهائي ويندي هئي، ۽ نہ ئي جمعي تي رات جو ميڻ بتيون ٻاريون وينديون هيون، عبادتگاھ ۾ حاضري نہ ڏني ويندي هئي ۽ نہ ئي خاص ڏينهن تي ڪو انتظام ٿيندو هو.
فرائيڊ جنگ کي ضروري سمجهڻ جي خلاف هو. هو جنگ کي محض انسانيت جو قتل عام، تباهي، بربادي ۽ دنيا جي حسن ختم ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندو هو. ليکڪ ۽ فنڪار بہ فرائيڊ جي نظر ۾ نفسياتي مريض آهي، هن جو چوڻ هو تہ اهي اصل نفسياتي مريض ٻئي تخيل جي دنيا ۾ رهن ٿا. پر ليکڪن ۽ فنڪارن جو رابطو تخليل جي دنيا ۾ رهڻ باوجود حقيقي دنيا سان برقرار رهي ٿو، جڏهن تہ اصل نفسياتي مريض ان تخيل جي دنيا کي ئي حقيقي دنيا سمجهڻ لڳندا آهن. 1930 جي آغاز ۾تحيل نفسي، انساني مسئلن جي سلسلي ۾دنيا جي سوچ کي متاثر ڪري چڪي هئي فرائيڊ اصطلاح مثال طور ليبيڊو، اڊ، ايروس، ٻيائي خود اذيتي، ايڊيپس وغيرہ ماڻهن جي زبان تي هئا، فرائيڊ جي سائنسي خدمتن عيوض فرينڪفرٽ ۾ کيس گوئٽي پرائز مليو. اڳتي هلي فرائيڊ جا پيش ڪيل نظريا ايڊيپش ڪامپليڪس، ٻارن جي نفسيات، جنسي نظريا، لاشعور، نيم شعور، انا، فرق الانا، اد، ليبيڊو ۽ خوابن جي تعبير قبوليت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري ويا.
ان دور ۾ فرائيڊ جي نظرين معاشري جي سڀني شعبن کي متاثر ڪيو، جهڙوڪ سائنسي ادب، شاعري، ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، فلمون، سوانح حيات، تاريخي ادب، آرٽ، مصوري، مجسمہ سازي، تعليم، سماجي سائنس وغيرہ.
فرائيڊ جو فڪر ۽ نظريا دنيا تي ڪجھ اهڙي طرح اثرانداز ٿيا جو ان زماني کي فرائيڊ جو دور چيو ويندو ھو. ورجينيا وولف، ڊور ٿي رچرڊسن، وليم فاڪنر، والٽر لپ مين، فلائيڊ ڊيل، ميڪس ايسٽمين، شروڊ اينڊرسن، روز ميڪالي، آلدس هڪسلي، سوازن گلاسيل سائيمن اسٽرلينڪيسي، جيمس جوائس، ڊي ايڇ لارنس وغيرہ فرائيڊ کان سخت متاثر هئا، ٻئي طرف سماجي سائنس جي ماهرن، ايرچ فرام، جان ڊالرڊ، اينٿراپالاجي جي ماهرن مالينو وسڪي، مارگريٽ ۽ تعليم جي ماهرن ڪيرولين، ڪرسٽوفرينگ ۽ وليم هو بڪنز فرائيڊ کي گرمجوشيءَ سان خراج تحسين پيش ڪيو.
فرائيڊ کي ويانا ڏاڍو عزير هو، جنهنڪري هن نازين جي ويانا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ بہ پنهنجن ساٿين جي ويانا مان فرار ٿي وڃڻ واري صلاح مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نازين نيٺ فرائيڊ جي لائبرري ۽ ڪتابن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. سائنسي دنيا خوفزدہ هئي تہ ڪٿي فرائيڊ بہ نازين هٿان گرفتار نہ ٿي وڃي. يونان جي شهزادي ميري نازين کي ڏھ لک شيلنگ ادا ڪري، آمرڪي صدر روز ويلٽ جي ذريعي فرائيڊ کي بچائي ورتو.
فرائيڊ زندگي جا آخري ڏهاڙا لنڊن ۾ گزاريا. نيٺ هن جي سورهن سالا پراڻي بيماري سرطان لاءِ علاج تي وٺي 23 سيپٽمبر 1939ع ۾ هن جو انتقال ٿيو. هن جي لاش نذر آتش ڪئي وئي ۽ ٻاويھ سو سال پراڻي واز محفوظ ڪئي وئي.
فرائيڊ انسانيت جو عظيم محسن آهي، نفسيات جي علم جي ترقي سبب ڪيترن ئي بيمارين جا علاج ممڪن ٿي سگھيا ۽ وهمن، وسوسن، ماليخوليائن ۽ فوبيائن کان پاڪ هڪ صحتمند معاشري جي بنياد ٺاهڻ ۾ مدد ملي.
هي ڪتاب گھڻو تڻو فرائيڊ جي نظرين نہ پر سندس حياتيءَ تي مشتمل آھي، ھن جون تڪليفون، مصائب، بي وفائيون، خوشيون، مڃتائون ڪتاب جو خاص موضوع آھي.


ظفر
10 جنوري 2005

1 Mar 2005

سگمنڊ فرائيڊ ـ ڪتاب ـ ظفر



حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو: سگمنڊ فرائيڊ
ليکڪ: تورا ڪينہ قاضي
سنڌيڪار: ظفر
ڇاپو پھريون: مارچ 2005ع
ڇپائيندڙ: سنڌي ساھت گھر حيدرآباد، سنڌ

انتساب

جيون ساٿياڻيءَ
شھناز
جي نانءُ

حقيقت پسندي، ثنا ٿي پوي ٿي.
(بجاري)


ٻہ اکر ـ ناز سنائي
ڏياچ ھو يا ٻيجل ھو ڪوئي! ـ ظفر

  • باب پھريون
  • باب ٻيون
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون