هوءَ واقعي ڀرسان موجود هئي، بلڪل مون سان گڏ ساڄي پاسي واري سيٽ تي. مون ان همدرد عورت ڏانهن غور سان نهاريو، هوءَ ڪافي خوبصورت هئي. هن جي عمر لڳ ڀڳ پنجٽيهه سال هوندي. ٿوري دير لاءِ مون کي خيال آيو ته هيءَ عورت پاڻ به هڪ گهوڙي آهي ۽ هن زندگيءَ جون سموريون شرطون هارائي ڇڏيون آهن. مون کانئس پڇيو: ”تو زندگيءَ ۾ گهڻيون شرطون کٽيون؟“
هن حيران ٿي مون ڏانهن نهاريو، ڄڻ چوندي هجي ”مون کي به گهوڙي سمجهيو اٿئي ڇا؟“
خاموش رهيس، مون وٽ هن جي نه پڇيل سوال جو ڪوبه جواب نه هو. هر ڪنهن کي منهن تي سچ نٿو چئي سگهجي. مان وڏو اڪابر آهيان، هن جي ڳالهائڻ مان سمجهي ويس ته هوءَ اڪيلي آهي. چيم: ”تو آخري شرط ڪنهن کان هارائي؟“
بدلي ۾ جواب مليو ”پنهنجي مُڙس کان، مون کان اهڙا سوال نه پُڇ جهڙا منهنجو مُڙس پڇندو هو.“
”تنهنجو مُڙس مَري ويو آهي ڇا؟“
”ها، ائين ئي سمجهه“
”ٺيڪ آ، ائين ئي سمجهان ٿو، جيڪڏهن مان توکي انويزبل هوٽل وٺي وڃان ته هُو جيئرو ته ڪونه ٿي پوندو؟“
”مون کي گهٽيا سوال ڪونه وڻن، ڇا اهڙي هوٽل حقيقت ۾ به آهي؟ ناممڪن، جيڪڏهن اهڙو علائقو هجي ها ته مان هن کي پهرين ڏينهن ڇڏي ڏيان ها.“
”پوءِ پڪ سان هُو تنهنجي اڳيان جُهڪيو هوندو، مون کي خبر آهي ته عورت پاڻ جُهڪڻ چاهيندي آهي. جيڪڏهن مَرد جُهڪي پوي ته اهو نفرت لائق بنجي پوندو آهي.“
”تون سمجهين ٿو ته مان انهن عورتن مان آهيان جيڪي مُڙس جي زال اڳيان جُهڪڻ کي ڀاڙيائپ سان ڀيٽ ڏينديون آهن، ته پوءِ تون غلط آهين. سامهون ڏس گهوڙن جي ريس شروع ٿيڻ واري آهي.“
”گهوڙن جي ريس! هن ريس ۾ ته گهوڙيون به آهن.“
”صحيح، گهوڙيون آهن عورتون ته ناهن نه!“
”عجب ٿي ڳالهائين، گهوڙيون توڙي عورتون فيميل ئي ته آهن.“
هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، ريس شروع ٿيڻ واري هئي. سمورا گهوڙي سوار پنهنجي ساٿي سميت ميدان تي اچي چڪا هئا. اسٽارٽ لائن وٽ تياري مڪمل ٿي چڪي هئي. مون سڀ کان ڪمزور گهوڙيءَ تي شرط ڇو رکي، شايد ان ڪري ته مون هڪ ڌڪ سان سڀ ڪجهه هارائڻ چاهيو ٿي. اهم سوال اهو ته ست سال مسلسل هارائڻ واري گهوڙيءَ کي ريس ڪورس ۾ داخل ڇو پئي ٿيئڻ ڏنو ويو. جواب: ان ڪري ته واڌو دولت کي خيرات ۾ ڏئي سگهجي. گهٽ ۾ گهٽ مون ته اهو ئي ٻڌو هو ته ڪمزور گهوڙيءَ تي لڳل رقم، ڪمزور ۽ هيڻن ماڻهن جي فلاح لاءِ استعمال ٿيندي. ڇاڪاڻ ته مون سموري دولت هارائڻ چاهي ٿي ان ڪري ڪمزور گهوڙي ضرور کٽي ويندي. مون سان هميشه ائين ئي ٿيو آهي ۽ ائين ئي ٿيندو. جيڪڏهن مان کٽڻ چاهيان ها ته ڪمزور گهوڙي اڳي جيان ضرور هارائي ها. جيڪڏهن ڪمزور گهوڙي کٽي ورتو ته مون کي سخت مايوسي ٿيندي. ڇا ڪرڻ گهرجي جو ان مايوسيءَ مان به لذت حاصل ڪري سگهجي. مايوسي، ڏک ۽ تڪليف ۾ به خاص لذت رکيل هوندي آهي. مون کي به ڪونه ڪو حل ڳولڻو پوندو ته جيئن مايوسيءَ کي برداشت ڪري سگهجي. ريس هلندي جيڪڏهن منهنجو ارادو بدلجي ويو ۽ منهنجي دل ۾ کٽڻ جي خواهش پيدا ٿي ته ڪمزور گهوڙي ضرور هارائيندي. مايوسي منهنجو مقدر آهي يا لکيي جو ليک.
پر مان شڪست کائڻ وارن مان ناهيان، اوچتو منهنجو ڌيان عورت ڏانهن ويو ”هيءَ همدرد عورت ڪير آهي، اڄ کان واقف آهي يا هِن کي مان اڳي کان سُڃاڻان ٿو.“
هن ڄڻ ٻڌي ورتو، چيائين ”تون مون کي اڳي کان سڃاڻين ٿو، منهنجي شادي ٿيڻ کان به اڳ. منهنجو مڙس ڪڇ ۾ ٻه عورتون رکڻ جو عادي هو، مون طلاق گهري ۽ هن ڏئي ڇڏي.“
”ڇا عورتون پنهنجي ڪڇ ۾ ٻه مَرد نٿيون رکڻ چاهين؟“
”گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهي هڪ ئي وقت ٻن مردن جي موجود هجڻ بابت سوچي به نٿيون سگهن.“
”سچ ڳالهائڻ کان لنوائين ٿي، سوچي سگهن ٿيون پر ان تي عمل بابت ڪڏهن به اظهار نه ڪنديون.“
ريس لاءِ ٺڪاءُ ٿيڻ وارو هو، هن پنهنجي ٻانهن منهنجي چيلهه طرف وڌائيندي چيو: ”اظهار جا ڪيئي طريقا آهن، تنهنجو جسم ته ڪافي نرم آهي. جيڪڏهن تون ريس جو گهوڙو هجين ها ته ضرور هارائين ها.“
مون وراڻيو ”مان اڳ ئي هارايل آهيان، تڏهن ته مون ڪمزور گهوڙيءَ تي ٽيهه هزار ڊالر داءُ تي لڳائي ڇڏيا آهن.“
”اصل ۾ تون ڪمزور گهوڙيءَ تي شرط رکي مون کي هوٽل تي وٺي وڃڻ چاهين ٿو.“
مون لاءِ اها حيراني جي ڳالهه هئي ”اهو وري ڪيئن، ڪمزور گهوڙيءَ جو توسان ڪهڙو تعلق؟“
”تعلق آهي، تون هارائڻ توڙي کٽڻ، ٻنهي صورتن ۾ لڳل داءُ جي وصولي چاهين ٿو.“
”ڏس، مون کي ڪنفيوز نه ڪر، مان اڳ ئي گهڻو پريشان آهيان. جنهن عورت سان مون پيار ڪيو اها مون سان نفرت ڪندي هئي. ان ڪري مون اڄ تائين شادي نه ڪئي.“
”اڇا، ته تو ڪمزور گهوڙيءَ سان محبت ڪئي هئي.“
”ڇا مطلب، هوءَ گهوڙي نه پر عورت هئي انتهائي خوبصورت بلڪل تو جيان.“
”گهڻو پي آيو آهين؟ توکي سڃاڻان ٿي، تون هميشه ڪمزور عورتن ۽ ڪمزور گهوڙين کي پسند ڪندو آهين. تنهنڪري ته تون پنهنجي پهرين محبت کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪري رهيو آهين.“
”پهرين محبت! بڪواس آهي. مون کي لڳي ٿو ته تون ڪنهن چال ذريعي مون کي مونجهاري ۾ وجهي رهي آهين. اهو صرف ان ڪري ته مون توکي هوٽل جي آفر ڪئي. سچ ٻُڌاءِ توکي ڪنهن موڪليو آهي؟“
هوءِ مُرڪي پئي، چيائين ”تون پاڻ مون کي هتي وٺي آيو آهين، مان ئي تنهنجي پهرين محبت آهيان. مون تنهنجي ڪري پنهنجي مُڙس کان طلاق ورتي هئي.“
”بڪواس، مان ريس ڪورس ڏانهن اڪيلو آيو هوس، ثبوت اهو آهي ته مون سموري دولت ڪمزور گهوڙيءَ تي داءُ ۾ لڳائي ڇڏي آهي. تون ڇا ٿي سمجهين ته مون کي عورت ۽ گهوڙيءَ جو فرق معلوم نه آهي؟“
”ها، مان اهو ئي سمجهان ٿي، هُو ڏس ريس شروع ٿي چڪي آهي. ڪمزور گهوڙي سڀني کان پويان ڊوڙي رهي آهي.“
”تون مون کي منجهائي رهي آهين، اڄ مان شرط هارائڻ لاءِ آيو آهيان. محبوبه پنهنجي چاهيندڙ کان نفرت ڪري ته ريس ۾ کٽڻ ناممڪن بنجي ويندو آهي.“
”نه، ڳالهه صرف ايتري آهي ته جيڪڏهن ڪو مَرد پنهنجي محبوبه کي گهوڙي سمجهڻ شروع ڪري ته ناڪامي هن جو مقدر بنجي ويندي آهي. تون هڪ ناڪام شخص آهين، تون گهوڙي ۽ محبوبه جي فرق کي اڃا تائين نه سمجهي سگهيو آهين. تو لاءِ هڪ صلاح آهي ته گهوڙيءَ کي محبوبه سمجهه ۽ عورت کي هڪ گهوڙي، سمورو معاملو درست ٿي ويندو.“
”گهوڙين ۽ عورتن جا مثال ڏيڻ ڇڏ، جيڪڏهن تون راضي هجين ته مان محبوبه ۽ ڪمزور گهوڙيءَ تي لڳل شرط ٻنهيءَ تان هٿ کڻي وڃان. پر مون کي اها پڪ هجڻ گهرجي ته تون ريس ختم ٿيڻ کان پوءِ به مون سان گڏ هوندئين.“
هوءَ مُرڪي چوڻ لڳي ”ريس شروع ٿي چڪي آهي. هوءَ ڪمزور فقط تنهنجي خيالن ۾ آهي، پر اصل ۾ وڏي عيار گهوڙي آهي. گهوڙيءَ کٽيو ته توکي ڊبل فائدو ٿيندو ۽ جيڪڏهن گهوڙيءَ هارايو ته مان تنهنجي انويزبل هوٽل ۾ توسان گڏ هوندس. اهو فيصلو توکي پاڻ ڪرڻو آهي.“
”تنهنجو فيصلو مون کي ڪرڻو آهي! عجيب ڳالهه آهي، تون ڪير آهين مون کي ناهي خبر، پر اهو ڄاڻان ٿو ته تون منهنجي پراڻي محبوبه نه آهين. سچ اهو آهي ته منهنجي محبت هڪ طرفي هئي، تنهن ڪري منهنجي ميار پنهنجي محبوبه تي ٺهي ئي نٿي.“
هن جي چهري تي بي اختيار محبت جا تاثر اُڀري آيا، چيائين ”تون گهڻي نشي ۾ آهين، توکي اها به خبر نٿي پوي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا. بهتر اهو رهندو ته تون ڏهاڪو کن شاور ڪري پنهنجو پاڻ کي نشي مان آجو ڪر. تڏهن ئي تون سمجهي سگهندين ته حقيقت ڇا آهي.“
”سمجهان ٿو، هي ريس ڪورس آهي، شام جو وقت آهي. هتي سوين ماڻهو ويٺا آهن، هار جيت لاءِ ڏاڍا اتساهيل ۽ جذباتي. تو سچ چيو هو ته مان ڊبل گيم کيڏي رهيو آهيان، ڊبل گيم نشي ۾ نٿي کيڏي سگهجي.“
”ها، ڊبل گيم. هارائڻ به کٽڻ ته کٽڻ به هارائڻ، تون شروع کان منهنجي پٺيان آهين. تنهنجي لاءِ کٽڻ ۽ هارائڻ ۾ ڪوبه فرق نه آهي. ٻنهي صورتن ۾ تون ئي فاتح هوندين.“
”تمام ٿورو وقت بچيو آهي، مان ڏسان پيو ته منهنجي گهوڙي هارائي رهي آهي.“
”سمارٽ مين، چهري تان ڪوڙي فڪرمندي جا آثار هٽائي ڇڏ. ڪمزور گهوڙي هارائيندي ته مون کي تنهنجو هر شرط مڃڻو پوندو. جيڪڏهن تو کٽيو ته تون وڌيڪ مالامال ٿي ويندي ۽ ان صورت ۾ تون مون کي خريد به ڪري سگهندين.“
”ڇا واقعي ائين آهي، جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ مون کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته تون منهنجي پراڻي محبوبه آهين. جنهن سدائين مون سان نفرت ڪئي ۽ مڙس ڪڇ ۾ ٻه عورتون رکڻ جو عادي نڪتو. تون هارايل گهوڙي آهين، ۽ توکي خبر آهي ته مان ڪمزور ۽ هارايل گهوڙين پٺيان هوندو آهيان، سچ ٻڌاءِ! ان ڪري ئي تو مون کي ڳولهي لڌو؟“
هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، هن جو سمورو ڌيان هلندڙ ريس تي هو. ويٺلن ۾ هر قسم جا جذبا هئا، ڪي شديد غصي ۾ هئا ته ڪن زوردار آوازن ۾ ٽهڪ ڏئي پنهنجي جيت کي انجواءِ پئي ڪيو. شايد ڪجهه ماڻهن ريس ختم ٿيڻ کان اڳ سمجهي ورتو هو ته هنن شرط هارائي يا شرط کٽي. مون همدرد عورت کي چيو ”ڏس! شرط لڳايل ڪمزور گهوڙي هاڻي سڀني کان اڳيان آهي. گهوڙي بي حال ۽ هيڻي ٿي چڪي آهي، ريس ته کٽي ويندي پر ان کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به ريس ڪورس ۾ داخل نٿي سگهندي. تون عورت آهين تون ٻڌاءِ اها گهوڙيءَ جي بدقسمتي هوندي يا خوشقسمتي!“
”خوشقسمتي، ڇاڪاڻ ته آخري ريس هوءَ کٽي رهي آهي. پر هڪ ڳالهه سمجهي ڇڏ ته مان گهوڙي نه پر عورت آهيان.“
”ها بلڪل، تون گهوڙي نه پر هڪ خوبصورت عورت آهين. پر منهنجي پراڻي محبوبه هرگز ناهين، هوءَ ڳچيءَ ۾ صليب پائيندي هئي.“
اتفاق سان شرط رکيل ڪمزور گهوڙي کٽي وئي. ڪمزور ۽ هميشه هارائيندڙ، منهنجي ڀرسان ويٺل عورت گهوڙي آهي يا ٻيو ڪجهه پر هن چيو آهي ته ”مون کي جُهڪڻ جي عادت بنهه ڪانه آهي. خبردار! جتي به منهنجي آزادي متاثر ٿي ته توکان علحدگي مون لاءِ ڪوبه مسئلو نه هوندي. مان ڪيئي مرد مَٽائي سگهان ٿي پر آزاديءَ کي داءُ تي نٿي لڳائي سگهان.“ شرط کٽڻ کان پوءِ مان وڌيڪ مالا مال ٿي چڪو هوس. جنهن زماني جو ذڪر ڪيو اٿم ان دور مطابق کٽيل رقم ڪافي وڏي هئي. اوچتو همدرد عورت منهنجي پٺيءَ کان ٿوري شرٽ هٽائي اندر هٿ وڌو ۽ تکن ننهنَ سان هلڪو ايذاءُ ڏيڻ لڳي، لذت ڏيندڙ ايذاءُ.
وڌيڪ ويجهو ٿيندي چيائين ”توکي خبر آهي ته اها گهوڙي ڪنهنجي آهي؟“
”بلڪل نه، اها ڪنهنجي گهوڙي آهي؟“
”تنهنجي“
”منهنجي! ناممڪن، مون ڪڏهن به گهوڙيون ڪونه پاليون آهن.“
”اڇا، تو ڪڏهن انويزبل هوٽل ۾ رات گذاري آهي؟“
”ها، کوڙ ڀيرا ۽ هر ڀيري مون سان گڏ نئين گهوڙي هوندي هئي.“
”تنهنجو مطلب آهي ته توسان هر رات نئين عورت هوندي هئي.“
”ها بلڪل منهنجو اهوئي مطلب آهي.“
”هاڻي توکي منهنجي گهر هلڻ گهرجي، اهو وڌيڪ انويزبل آهي. دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خفيه جاءِ جنهن تي هجڻ کان وڌيڪ نه هجڻ جو گمان ٿيندو آهي. بلڪل ائين جيئن هي ريس ڪورس ۽ هوءَ ڪمزور ۽ هيڻي گهوڙي.“