3 Jan 2016

ڪوهيڙي ۾ رقص، سنڌي ڪهاڻي ـ ليکڪ: ظفـر

مون ٽيليفون ڪري پاڻ لاءِ هڪ عورت مسواڙ تي گهرائي ورتي. ائين ڪرڻ کان ٿوري دير پوءِ پڇتائڻ لڳس ته ان عورت سان جنسي طور ڪيئن نڀاءُ ڪري سگهندس. مون پنهنجي حضور شرم طبيعت تي لعنت وڌي. حد ٿي وئي، هڪ عورت اچي اڳيان ويهندي ۽ مان ان کي ڏسندو رهجي ويندس. شايد ان وقت مان هن جو غلام بنجي پوان. ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيتري اڳرائي هوءَ ڪندي مون کي به ان مطابق سڀاءُ ڪرڻو پوندو. خيالن ۾ ڪيتري قدر بيباڪي هجي ٿي. رستي ويندي عورتن کي ڏسي پڪي پختي انداز سان جسماني بناوٽ ڄاڻي سگهبي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته تصوراتي ننگي جسم کي ڇُهي ان مان لذت به ماڻي وٺبي آهي ۽ ڪڏهن ته هڪ ئي وقت ٻن عورتن جي اگهاڙن جسمن مان لطف پيو ماڻبو آهي. تصور جي بيباڪي حقيقت جي هيڻائي آهي. شايد ان کان وڌيڪ آسان ميدان جنگ ۾ مخالف فوج سان ويڙهه آهي. هيوَلاڪ ايلس ٿورو گهڻو سهارو ڏئي ٿو. زندگي واقعي هڪ آرٽ آهي. ٻن ماڻهن لاءِ احساسي سطح تي هڪ لفظ تي متفق ٿيڻ به ناممڪن آهي. ڇا ٻه ماڻهو سو سيڪڙو ”ماءُ“ بابت هڪ طرح سوچي سگهن ٿا! ماءُ جو پيار هن جي اکين، نرم هٿن جي ڇُهاءَ يا محبت سان ڳالهايل ٻولن، ڪهڙي سطح تي متفق ٿيندا. جيڪڏهن عورت مون وٽ ويٺي هوندي ۽ مون کي بي عمل ڏسندي ته ڇا محسوس ڪندي. هيوَلاڪ ايلس مطابق ان وقت مان زندگيءَ گذارڻ جي هڪ حالت مان گذري رهيو هوندس. اها حالت منهنجي طرفان پيش ڪيل هڪ آرٽ هوندو. اهڙي طرح مان پنهنجي وائڙپ کي آرٽ جو روپ ڏئي سگهندس. يا ائين کڻي سمجهجهي ته ايندڙ عورت مون بابت ڪجهه به غلط ڪانه سوچيندي، بس هوءَ منهنجي سڀاءُ کي هڪ آرٽ سمجهندي جيڪو ڪنهن به ٻئي ماڻهو کان مختلف ٿي سگهي ٿو. ٺيڪ آهي، ان جو مطلب آهي ته مان ان عورت کي ڪنهن حد تائين منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اها ساڳي ڳالهه اهڙي ماڻهو لاءِ به ڪري سگهجي ٿي جيڪو عورت جي گهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ان تي چڙهي وڃي. ايترو تڪڙ سان جو اها عورت پاڻ ئي وائڙي ٿي وڃي. پوءِ ڀلا ان عورت جو اهڙي مرد بابت ڪهڙو خيال هوندو. چئي سگهبو ته مرد جو اهڙو عمل هن جي زندگيءَ جو آرٽ پيش ڪري رهيو هوندو ـ

مون کي وهنجي تيار ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جسم ۾ اڻ وڻندڙ بوءِ سيڪس جي لذت کي گهٽائي ڇڏيندي. منهنجي جسم ۾ اڻ وڻندڙ بوءِ ان عورت کي ناگوار گذرندي. ان جو مطلب ته مان پنهنجي لاءِ نه پر هن عورت لاءِ تيار پيو ٿيان. مون کي تيار ٿيڻ ۾ تقريبن ويهه منٽ کن لڳا. توڙي جو مان ايندڙ عورت لاءِ تيار پئي ٿيس پر تڏهن به خوشبو پنهنجي پسند جي پئي هنيم. اهوئي نفسياتي لاڙو آهي ته اسان جنهن شيءِ کي پسند ڪندا آهيون ان کي ئي ٻين لاءِ پسنديده قرار ڏيندا آهيون. سماج جا ڪافي مونجهارا اتان کان جنم وٺن ٿا. جيڪي مذهبي، سماجي يا جنسي لاڙا اسان پاڻ محسوس ڪيون ٿا انهن کي درست قرار ڏيڻ تي زور ڏيون ٿا. اسان ان مان مخصوص اخلاقيات جوڙيون ٿا ۽ پوءِ ٻين تي زور رکون ٿا ته درست اخلاقيات اُها آهي جيڪا اسان سمجهون ٿا. جڏهن ته اهو فقط نفسياتي لاڙو هجي ٿو. هر انسان پنهنجي گذريل زندگيءَ مطابق جڙيل هجي ٿو. ممڪن آهي سيڪس لاءِ هر ماڻهو تياري ائين نه ڪندو هجي جيئن مان ڪيان ٿو. اهو به طئي آهي ته منهنجو زال سان تعلق مسواڙ تي گهرايل ان عورت کان مختلف هوندو. زال سان بي حجابي هوندي جڏهن ته ايندڙ عورت سان تعلق ۾ لازمي طور حجاب شامل هوندو. حضور شرمي سيڪس جي ٽائيمنگ کي ضرور ڊيگهه ڏيندي. حضور شرمي جو لازمي اثر نروس سسٽم تي پوندو. نروس ٿيڻ ڪري جنسي وٿي گهڻي وڌي ويندي. مون کي اهڙي قسم جو تجربو نه آهي، تنهنڪري نٿو چئي سگهجي ته اهو خوشگوار هوندو يا ناگوار ـ

هوءَ اڃا تائين ڪانه پهتي آهي، هن وقت تائين کيس پهچي وڃڻ گهرجي ها. مان بالڪني ۾ اچي بيهان ٿو. روڊ تي کوڙ گاڏيون ۽ ماڻهن جي رش لڳل آهي. سج لهي چڪو آهي، لڳ ڀڳ اٺ ٿيڻ وارا هوندا. هيٺ فٽ پاٿ تي هڪ عورت پرس ڪلهي ۾ لڙڪايو ٻانهون لوڏيندي پئي اچي. هن جون ٽنگون جسم جي مٿئين ڌڙ کان وڌيڪ ڊگهيون آهن. هوءَ تمام جلدي ۾ آهي، ايتري تيزي سان هلڻ ڪري سامهون ايندڙ ماڻهو کيس وٿي ڏئي ڪونه پيا سگهن. تنهنڪري هوءَ پاڻ وڪڙ کائيندي وٿيون ٺاهيندي اچي رهي آهي. سگنل وٽ بيهي ٿي، ڪلهي تان پرس لاهي ان ۾ ڪجهه تلاشي ٿي. شايد ڪو ڪاغذ آهي ان کي ڏسي وري هن بلڊنگ ڏانهن ڏسي ٿي. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ لوڊڊ گن منهنجي نرڙ تي رکي وئي هجي. مون شايد زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي غلطي ڪئي هئي. مان تڪڙ ۾ بالڪني مان هليو آيس. ڇا ڪرڻ گهرجي! بهتر اهو ٿيندو ته فليٽ بند ڪري نڪري وڃان. ها اهوئي بهتر رهندو. مون تڪڙ ۾ بوٽ پائي ورتا، چاٻيون ۽ سگريٽ جو پئڪٽ کڻي فليٽ بند ڪري ڏاڪا لهڻ لڳس. مون کي بنهه ڄاڻ ڪانه هئي ته مان ايترو بزدل آهيان. مطلب ته هيوَلاڪ ايلس جي ٿيوري منهنجي ڪم نه پئي آئي. يا شايد مان جيڪو عمل ڪري رهيو هيس اهوئي منهنجي ماضيءَ جو نفسياتي ردعمل هو. ان ساڳئي نفسياتي ردعمل کي آرٽ جو نالو ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. آرٽ ته شعوري طور تخليق ڪيو ويندو آهي. حتمي طور اها ڳالهه به درست ڪانهي. آرٽ لاشعوري طور به تخليق ٿيندو آهي. خير، هي وقت ان مونجهاري کي حل ڪرڻ لاءِ بلڪل به مناسب ناهي. مون کي لازمي طور فليٽ ۾ واپس وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن مان هن وقت پنهنجي ڏکي حالت کان فرار ٿيندس ته هميشه مون کي حالتن کان فرار ٿيئڻو پوندو. آخر عورت کي مون پاڻ ئي ته گهرايو آهي. اها ويساهه گهاتي ٿيندي جو مان هڪ عورت سان ڌوڪو ڪري فرار ٿي وڃان ـ

مان واپس فليٽ ۾ عورت جو انتظار ڪري رهيو آهيان. نرڙ تي پگهر نڪري آيو هو. مون کي ٿورو حوصلو ڪرڻ گهرجي. مان شايد فٽ پاٿ تي ڏٺل عورت جي خوبصورت ۽ قدآور هجڻ ڪري ڊنل آهيان. ان جي جاءِ تي ڪا بدصورت ۽ بندري قد جي عورت هجي ها ته شايد مان ايترو پريشان نه ٿيان ها. اها ڳالهه بلڪل درست آهي. جيڪڏهن ائين ئي هو ته مون کي اڳ ئي اهڙي عورت مسواڙ تي گهرائڻ گهرجي ها جيڪا بدصورت هجي. عورت جي بدصورتي ڪهڙي طرح منهنجي اعتماد ۾ واڌارو ڪري ٿي. اهو به شايد منهنجي ماضيءَ جي گذريل حياتي جو اولڙو آهي. مان ان ڳالهه جي سمجهاڻي نٿو ڏئي سگهان پر آهي ائين ئي. مون اهڙا خيال ٻين واتان به ٻڌا آهن ته پاڻ کان وڌيڪ امير ۽ شوپيس ٽائپ ماڻهوءَ اڳيان اعتماد سان پيش اچڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ان جو مطلب ته ڪنهن پينو فقير اڳيان اهڙي ڏکيائي هرگز پيش ڪانه ايندي. نفسياتي پئراميٽر کي ٻه اڻ کٽ ڇيڙا هوندا آهن. ڇيڙي جي وچ واري حصي کي بيلنسڊ سمجهڻ گهرجي. مون وٽ ڍنگ سان سوچڻ جو آرٽ نه آهي. خيالن کان نٽائڻ تمام آسان آهي، جيڪڏهن مان هن وقت ٽي وي آن ڪري خبرون ڏسندس ته لازمي ائين نه سوچي سگهندس جيئن هن وقت سوچيان پيو. پڪ سان ٿوري دير ۾ دروازو کڙڪندو. اهو ڪجهه ٿيندو جيڪو اڳي ڪڏهن به ڪونه ٿيو هوندو. هڪ طرح هر واقعو بلڪل نئون هوندو آهي. ٻيو نه تڏهن به وقت ۽ حالت جو فرق ضرور هوندو. هوءَ فٽ پاٿ کان هن فليٽ جي دروازي تائين اڳ ئي پهچي وڃڻ گهرجي ها ـ

پوڻا ڏهه ٿي چڪا آهن، مان پاڻ کي هلڪو ۽ فريش محسوس ڪري رهيو آهيان. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ سگريٽ جا مزيدار ڪش ماڻي چڪو آهيان. زندگي مرضيءَ سان گذارڻ جو آرٽ اهو آهي ته سگريٽ ضرورت وقت کڻجي ۽ ضرورت وقت ان جو موجود هجڻ لازمي آهي. پڪ سان ڪابه عورت ڪانه ايندي. جيڪڏهن اچڻي هجي ها ته گهڻو اڳ پهچي چڪي هجي ها. بهتر ٿيندو ته روز جيان ڊراءِ جن جا چار پيگ وٺجن. شراب پيئڻ کان پوءِ سيڪس ڪرڻ خواب ڏسڻ برابر آهي. هاڻي ته پڪ ٿي وئي ته ڪابه عورت ناهي اچڻي. مون پيگ ٺاهي سمورو يڪ ساهي پي ڇڏيو. ٽي وي آن ڪري مختلف چينل ڏسڻ لڳس. راندين جا مقابلا، حسينائن جي ڪارپيٽ تي ڪيٽ واڪ، سياستدانن جا واهيات ڪوڙ، هرڻن پٺيان واگهه وغيره رموٽ ڪنهن هڪ چينل تي نٿي بيٺو. سگريٽ ۽ شراب هيوَلاڪ ايلس جي آرٽسٽڪ زندگيءَ جو حقيقي عڪس آهن. ٽن پئگن کان پوءِ زندگي حسين ترين آرٽ ٿيو وڃي. تڏهن سگريٽ جو نڪرندڙ دونهون ڪوهيڙي ۾ رقص ڪندڙ عورت جو روپ ڌاري وٺندو آهي. دروزاي کڙڪڻ جو آواز آيو، پڪ سان گهرايل عورت آئي هوندي. ستيه ناش! آئي به ٽن پئگن کان پوءِ! مان اٿي دروازو کوليان ٿو. خوبصورت، قدآوار پر خاموش ۽ هيسيل وجود. هٿ کان وٺي کيس صوفا تي ويهاريم. ڪوبه لفظ نه ڳالهايو ويو، حضور شرمي جي عدم موجودگيءَ ۾ جسمن جي موسيقي شروع ٿي. هيوَلاڪ ايلس جي آرٽسٽڪ زندگي پنهنجي سموري حُسن سان رقص ڪري رهي هئي ـ