9 May 2015

ديوار ـ ديس ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

منهنجي سامهون ويٺل عورت کي پين ۽ ڪجهه خالي ڪاغذ ڏنا ويا آهن. چيو ويو آهي ته اوهان کي مليل ڪاغذن تي پنهنجا خيال لکڻا آهن. هر ڳالهه لکڻ جائز آهي، موضوع جي ڪابه پابندي ڪونهي. ان عورت لاءِ حڪم جي تڪميل لازمي آهي. هن کي ٻي ڪنهن چونڊ جو اختيار حاصل ناهي يا صرف اها چونڊ آهي ته مقابلي تان ئي هٿ کڻي وڃي. لکڻ وقت ڏهن سيڪنڊن کان وڌيڪ دير تائين هٿ نه رڪجڻ گهرجي. يعني لکندي رهڻ جي وچ ۾ ڏهن سيڪنڊن کان وڌيڪ دير تائين نٿو سوچي سگهجي. هدايت ملڻ بعد ان عورت نه چاهيندي به لکڻ شروع ڪيو:

”عورت مَرد جي ذهنيت کان حقيقي طور واقف ناهي، جيڪڏهن هُجي ها ته ان سان محبت جي چڪر ۾ هرگز گهر مان نه ڀڄي ها. پر هوءَ هميشه جيان دوکي باز مَرد سان ڀڄي نڪري ٿي. جاهل عورت، مَرد جي اصل نيت کان اڻ واقف بيوقوف! نتيجو هميشه عورت جي مخالفت ۾ نڪرڻو آهي. ان جو ذميوار ڪير آهي، عورت پاڻ، يا هن جا ماءُ پيءُ يا سنڀاليندڙ. هي ڳالهه ان ديس جي آهي جتي عورت جي عصمت کي بظاهر مقدس سمجهيو ويندو آهي. جتي عورتن کي ٻين مَردن کان دور ڪرڻ خاطر گهرن مان ٻاهر نه نڪرڻ جو حڪم مليل آهي. انهن مطابق عورت کي صرف گهر جو ڪم ڪرڻو آهي. ٻار پالڻ، گهر کي صاف رکڻ، کاڌو تيار ڪرڻ ۽ ٻهاري ڏيڻ وغيره. ٻاراڻي وهيءَ کان ڇوڪرين سان اهڙي طرح ورتاءُ ڪيو ويندو آهي جيئن اهي پاڻ کي ڇوڪرن کان ڪمتر مخلوق سمجهڻ لڳن. انهن کي خاموش رهڻ سيکاريو ويندو آهي. انهن کي پاڻ کان وڏن ڀاتين اڳيان ٽهڪ ڏيڻ جي منع ٿيل هوندي آهي. انهن کي اهو به سيکاريو ويندو آهي ته گهر ۾ جسم کي مڪمل طرح ڍڪڻو آهي ۽ مٿي تي پوتي هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن گهر کان ٻاهر نڪرڻ ضروري هجي ته پنهنجي ويجهي عزيز سان گڏ نڪري سگهجي ٿو. پر ان جا به ڪجهه اصول آهن، ٻاهر نڪرڻ وقت اهڙو جُبو استعمال ڪرڻو آهي جنهن مان جسم تي پهريل ڪپڙا نظر نه اچن. ان کان علاوه مَرد عزيز پيءُ، پٽ، ڀاءُ، ڀائٽيو، ڀاڻيجو، پوٽو، ڏهٽو، مامو، چاچو، نانو، ڏاڏو يا مُڙس هجڻ گهرجي. انهن مَرد عزيزن کان سواءِ ٻين مائٽن سان گڏ ٻاهر نڪرڻ معيوب بلڪه گناهه آهي. ڇاڪاڻ ته مَرد ئي مرد کي چڱي طرح سُڃاڻي سگهن ٿا، تنهنڪري اهي ڀاءُ سان گڏ پنهنجي زال جي نڪرڻ کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسندا. سوٽ يا ماسات تي اڃا به گهٽ اعتبار ڪري سگهجي ٿو.

”اهو سڀ ڇو آهي منهنجي خيال ۾ مَرد جو ذهن گند سان پوريءَ ريت ڀريل آهي. هُو پاڻ سماج ۾ هلڻ وقت اهڙو ئي آهي جهڙا ٻيا مَرد، هر مرد هن جو پنهنجو آئينو آهي. تنهن ڪري هن کي خبر آهي ته رستي هلندي عورت کي ڏسي جيڪو خيال سندس دماغ ۾ اچي ٿو، ساڳيو خيال سندس گهر جي عورتن تي ٻين مَردن کي به لازمي ايندو. ان ڳالهه کان بچاءُ لاءِ هُو پنهنجي عورتن کي ڪارا يا اڇا جُبا ته پارائي ڇڏي ٿو. پر وري به سندس ذهن ٻين عورتن جي ظاهر ٿيل هٿن، پيرن، وارنَ، هلڻ جي ڍنگ ۽ جسماني قدڪاٺ ذريعي اندازو ڪيو وٺي ته جُبي ۾ ويڙهيل عورت جو جسم ڪيئن هوندو. تڏهن سندس پريشاني اڃا به وڌي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته اها ڄاڻ به اٿس ته سڀ مَرد ان طرح ئي سوچيندا آهن. مَردن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته پنهنجين عورتن کي ٻين مَردن جي نظرن کان ڪيئن محفوظ رکجي. ان سان گڏ ٻين جي عورتن کي آرام سان ٽڪ ٻڌي ويهي ڏسجي ته ڪيئن! ان مسئلي حل نه ٿيڻ سبب سموري سماج جا مَرد هڪ خاص قسم جي ذهني بيماري ۾ مبتلا رهن ٿا. صدين کان مخصوص معاشري جو مَرد ان کان نجات حاصل ڪرڻ جي ناڪام جدوجهد ۾ لڳو پيو آهي. اهو مَرد جو ئي ٺهيل اصول آهي، ان مان نجات به مرد پاڻ ئي حاصل ڪري سگهن ٿا. مثال طور انهيءَ جو هڪڙو حل اهو آهي: سمورا مَرد قانون لاڳو ڪري ڇڏين ته ڪاري يا اڇي جُبي تي نظر پوندي ئي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏجي. نافرماني ڪندڙ مَرد تي اتي موجود ٻيا سمورا مَرد جوتن جو وسڪارو لائي ڏين، اها عمل جوڳي صلاح آهي. ان سان سڀني مَردن جو مسئلو حل ٿي ويندو. ٻي صلاح اها آهي ته سمورن روڊن، رستن ۽ گهٽين وچ ۾ اوچي ديوار ڏئي ڇڏجي. هر روڊ، رستي ۽ گهٽي جي مُهڙ تي تربيت يافته هٿياربند بيهاري ڇڏجن. ان خيال سميت ته عورتن جي حصي واري مُهڙ تي عورت پهريدار هجن ۽ مَردن واري مُهڙ تي مرد پهريدار هجن. غلطي ڪندڙ کي پهريان خبردار ڪجي ۽ زوريءَ ڪندڙ کي موقعي تي ئي گوليون هڻي پروڻ ڪري ڇڏجي. گهٽي ۾ جيڪي گهر هجن انهن ۾ ٻه دروازا هجن، جن مان هڪ در رستي جي مَردن واري حصي وٽان هجي ۽ ٻيو عورتن واري حصي کان. شايد ان صلاح تي عمل تمام گهڻو مشڪل  آهي.

”پوءِ ڀلا هيئن ڪجي ته ٽن جي ڌاتوءَ جا هلڪا يا گهٽ وزندار چوڪور ٺاهجن. بلڪل عورت جي قد مطابق عورت جي پيرن تي ٽن جا چوڪور جوتا پهريل هجن. جُبي جي متبادل چوڪور اندران عورت ڀلي عام ڪپڙن ۾ هجي پوءِ ڪنهن به مرد لاءِ لوهه جي ديوار اندر ڏسي سگهڻ ناممڪن هوندو. ظاهر آهي ڌاتوءَ جي سامهون واري حصي کان اهڙو شيشو هڻبو جنهن ۾ اندران ته ڏسي سگهبو پر ٻاهران بلڪل ناممڪن. اها صلاح عمل جوڳي آهي، بس ڌاتوءَ جي چوڪور جو وزن ڪاري يا اڇي جُبي کان وڌيڪ وزني نه هجي. ٻي حڪمت به آهي، ان تي به عمل ڪرڻ ممڪن آهي. شهر يا ڳوٺ جا ٻه اڌ ڪري وچ ۾ ديوار_ديس ڏئي ڇڏجي. مائٽن وچ ۾ ملاقات لاءِ ضرورت مطابق ڪمرا جڙيل هجن ۽ زال مڙس جي جنسي ميلاپ لاءِ ڪمرا وٿيرڪا هجڻ ضروري آهي. اصل ۾ هي سمورو مسئلو شروع ئي جنسي ميلاپ کان ٿئي ٿو. بهرحال سڀني ڪمرن کي اهڙي طرح جوڙڻ گهرجي جيئن ڪو به مَرد ٻئي ڪنهن مَرد جي عورت کي نه ڏسي سگهي. هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن ملاقات لاءِ مقرر ٿيل هجن. اهڙيون نويڪليون ڪوٺيون عارضي رهائش لاءِ جوڙبيون، پر ان جو استعمال صرف هڪ رات يا هڪ ڏينهن تائين محدود هوندو. عورتن جي حصي ۾ پيدا ٿيندڙ نر ٻار خاص دروازي ذريعي مَردن واري حصي ڏانهن پهچايا وڃن. انهن جي پالنا اهڙي مَرد جي ذمي هجي جنهن ان ٻار کي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏني هئي. جيڪڏهن ٻيا مرد ان جي مدد ڪن ته ان ۾ ڪو حرج ڪونهي. ظاهر آهي ته عورتن جي حصي ۾ جيڪڏهن ٻار مادي پيدا ٿئي ٿو ته ان کي منتقل ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪان پوندي. ان ڪري عورت واري حصي ۾ جيڪو مادي ٻار پيدا ٿيو ان کي کير به ماءُ پياريندي. پر نر ٻار کي مرد کير پيارڻ کان لاچار آهي، تنهنڪري اهڙي ٻار جي ٻنهي پاسي مَٽاسٽا ان وقت تائين ٿيندي رهندي، جيستائين نر ٻار کير پيئڻ ڇڏي ڏئي يا ان کان کير پيارڻ ڇڏائي ڇڏجي. نر ٻار ماءُ وٽ صرف کير پيارڻ لاءِ آندو ويندو، ٻار جا باقي سمورا ڪم پيءُ جي حوالي هوندا، اوهان سمجهي سگهو ٿا ته ٻار جا ٻيا ڪهڙا ڪم هوندا آهن جيڪي حل طلب آهن. ٻارن جي مَٽاسٽا لاءِ طريقو اهو هوندو ته مردن جي حصي مان ٻار  مرد ئي کڻي ديوار_ديس تائين پهچندو. ان کان پوءِ اهو ٻار خاص طور مقرر ٿيل خواجه سرا حوالي ڪيو ويندو ۽ اهو خواجه سرا ٻار کي ماءُ تائين پهچائيندو. واپسيءَ جو چڪر به ساڳيو رهندو. جڏهن ته عارضي رهائشي علائقي تي به ٻنهي طرفن کان خواجه سرا مقرر هوندا. ديوار_ديس جي دروازي تي تربيت يافته هٿياربندن جو هجڻ ضروري آهي جيئن ڪوبه قانون کي ٽوڙي نه سگهي. ظاهر ڳالهه آهي تربيت يافته هٿياربند پهريدار به خواجه سرا هوندا. ان طرح سماج جي ڌڪاريل طبقي کي روزگار به ملي ويندو. کاڌي پيتي ۽ ٻئي سامان جون ٻه بازارون هونديون. هڪ عورتن جي حصي طرف ۽ ٻي مَردن جي حصي طرف.

”مون وٽ ٻيون به کوڙ ساريون صلاحون آهن پر مون کي خبر آهي ته سمورا مَرد بدبخت ۽ بدنيت آهن. تنهن ڪري منهنجي ڪنهن به صلاح تي عمل ڪون ڪندا. ان ڪري مان بهتر سمجهان ٿي ته ان کان وڌيڪ نه لکڻ گهرجي.“

مون کي سمورا ڪاغذ پڙهي اُهو ڪجهه محسوس ٿيو، جيڪو اوهان کي محسوس ٿيو هوندو. اهي ڪاغذ پڙهجڻ تائين اها عورت آخري فيصلي لاءِ خاموشيءَ سان منهنجو منهن تڪيندي رهي. ان عورت جي ٽيسٽ جو اهو طريقو مون پاڻ جوڙيو هو. سامهون ويٺل عورت ڪنهن وقت به ڏهن سيڪنڊن کان وڌيڪ ڪون سوچيو هو. هن جو هٿ ڪاغذ تي مسلسل لکندو رهيو، هن ڪاغذ به پورا ڀريا هئا. عورت پاس ٿي چڪي هئي ۽ هاڻي اها منهنجي اسڪول جي نئين ٽيچر آهي.