12 Aug 2021

پاڪستان خلاف پاڪستان ھاءِ ڪميشن لنڊن اڳيان 15 آگسٽ تي مظاھرو ڪيو ويندو ـ ظفر

پاڪستان (جبري الحاق) خلاف پاڪستان ھاءِ ڪميشن لنڊن اڳيان 15 آگسٽ تي مظاھرو ڪيو ويندو. پاڪستان اھو ملڪ آھي جنھن جي وجود ۾ اچڻ وقت ھندو آبادي 20 سيڪڙو ھئي. اڄ پاڪستان ۾ ھندو آبادي 2 سيڪڙو وڃي بچي آھي. برطانيہ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان کي تمام گھڻي امداد ڏيندو رھيو آھي. برطانيہ جي ماڻھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائڻ لازمي آھي تہ پاڪستان ۾ توھين جو قانون غير مسلمانن جي ڳچيءَ تي خنجر جيان اٽڪيل آھي. پاڪستان، جتي ھندو نياڻيون اغوا، ريپ ۽ زوريءَ مسلمان ڪيون وڃن ٿيون ـ

____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 12 آگسٽ 2021

8 Aug 2021

هڪ ڀيري علي بابا مورو ۾ آيل هجي ـ ظفر

هڪ ڀيري علي بابا مورو ۾ آيل هجي، منهنجي ۽ مئڪش سومري جي زور ڀرڻ تي علي بابا اسان وٽ رهي پيو. ان دور ۾ هو ڪهاڻيءَ کان وڇڙي چڪو هو. اڳتي هلي هڪ ناٽڪ ”ڌرُو“ جي نالي سان لکيائين جيڪو سنڌ ٽي وي تي هليو. علي بابا جهڙو ڪهاڻيڪار سنڌ ٻيو نہ ڄڻي سگهندي. جن ادب دوستن علي بابا کي ناهي پڙهيو انهن ڄڻ سنڌي ادب کي ئي ناهي پڙهيو ـ

____________________________________________________________________.

فيسبڪ پوسٽ | 08 آگسٽ 2021