8 May 2015

ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي ـ سنڌي ڪهاڻي، ليکڪ: ظفـر

مان هڪ دوست وٽ دڪان تي ويٺو هوس ته اتان طالب اچي گذريو، ويجهي اچي مون واري دوست کي چيائين ”حسينه سان گهڻا چڪر سُتين؟“ مون واري دوست جوشيلي انداز ۾ کيس وراڻيو ”اڙي طالب آهين ڇا، يار اچين به ڪون ٿو هليا ته چانهه پيارئين“ پر طالب اسان کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌي ويو. دوست کان ڄاڻڻ جي ڪيم ته خبر پئي حسينه سندس زال جو نالو هو جيڪا گذاري چڪي هئي، ان کان پوءِ طالب چريو ٿي ويو هو. اها منهنجي طالب سان پهرين ڏيٺ ويٺ هئي. هُو اڪثر پير سومار جي مزار اڳيان ٺهيل دِڪي تي ويٺو هوندو هو. هن جي هٿن ۾ اڳڙين جو انبار هوندو هو، جن کي ابتو سبتو پيو وٽيندو هو. جيڪڏهن مستيءَ ۾ ايندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن دڪان يا هوٽل اڳيان بيهي تاڙيون وڄائڻ شروع ڪندو هو. بدلي ۾ اُهي کيس چانهه گهرائي ڏيندا هئا ته ساسر ۾ وجهي ٺاري ٺاري پيئندو هو. ڪڏهن وري مليل چانهه کي زمين تي هاري تڪڙ ۾ ڪوپ کڻي ڀرسان رکي ڇڏيندو هو.

مون هميشه هن کي ڪپڙا پاتل ڏٺو، هو ڪڏهن به اگهاڙو نه گهمندو هو. هڪ ڀيرو آفيس ٻاهران ڪرسيءَ تي ويٺو هوس ته طالب اچي چيو ”منهنجو وڏو ڀاءُ مون کان چار مهينا وڏو آهي، بابي هڻي الله جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. هاڻي الله جي ڪاوڙ مون تان لهي ڪان ٿي“. ان کان اڳ جو مان کيس ڪا ورندي ڏيان، هُو اڳتي نڪري ويو. ڪڏهن ڪاوڙ ۾ هوندو هو ته ايندڙ ويندڙ ڪنهن ماڻهوءَ کي پُٺن تي ڌڪ وهائي ڪڍندو هو. پوءِ ڀلي اها عورت ئي کڻي ڇونه هجي. عام طور عورتون طالب کي ڏسي رستو مَٽائي وينديون هيون، يا وري هن کان گهڻو پرڀرو لنگهي وينديون هيون. هُو اڪثر ڀتين، ٺلهن يا ٿنڀن کي چُميون ڏيندو وتندو هو. چُمي ڏيڻ جو انداز ائين هوندو هو ڄڻ غازي عباس جي عَلم کي چمندو هجي. پهريان ٻئي هٿ ڀت تي رکي پوءِ چمي ڏئي ٻئي هٿ منهن تائين ان انداز ۾ آڻيندو هو ڄڻ دعا پڙهي پوري ڪئي هجيس.

هن وٽ هنگڻ يا مُٽڻ جي ڍنگ جو شعور ڪون هئو، تنهن ڪري اڪثر هن جي شلوار گند ۾ ٿڦيل نظر ايندي هئي. اهڙي حالت ۾ به هُو ماڻهن کي تمام گهڻو پيارو هوندو هو ۽ کيس سڏي پيا چوندا هئا. ”طالب، هليا ته چانهه پيارئين“ ماڻهن جي نظر ۾ هو پهتل درويش هو، هنن سمجهيو ٿي ته طالب جو ڌڪ وهائي ڪڍڻ سٺو سنئون آهي. اهي چاهيندا هئا ته طالب کين پُٺيءَ وارو ڌڪ وهائي ڪڍي. پر طالب پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ هو جنهن کي چاهي ڌڪ هڻي، نه ته ڀلي پُٺي ڏئي بيٺا رهو مجال آهي جو طالب ڌڪ هڻي. طالب جي مٿي جا وار جيئن ئي ٿورا وڏا ٿيندا هئا ته هُو ڪنهن حجم جي دڪان تي وڃي چوندو هو ”جلدي ڪر، مٿي جي صفائي ڪر“ ۽ حجم بنا دير سندس ٺوڙهه ڪري ڇڏيندا هئا. سڄو ڏينهن هِن هُن دڪان يا هوٽل تي ويهڻ يا وري سومار پير تي پيو هجڻ کان پوءِ جيئن ئي سج لٿي جي آذان ايندي هئي ته واپس پنهنجي ڪوٺڙيءَ ڏانهن موٽي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هُو پراڻو ڪو سنڌي گيت ڳائيندو رهندو هو، ان سان گڏ آڱوٺي ۽ وچين آڱر سان گيت جو رڌم وڄائيندو هو.

هڪ ڀيري سومار پير تي ڪنهن سندس مٿي مان اوچتو وار پَٽي ورتو. ان ڳالهه تي طالب کي سخت ڪاوڙ لڳي، چَڏن ڏانهن اشارو ڪري چيائين ”اچي هتان وار پَٽ، پوءِ گلاس ۾ وجهي پي ڇڏجانءَ“ جيڪڏهن ڪو طالب کي هٿ کان وٺي وڃي نلڪي هيٺان ويهاريندو هو ته هُو ڪابه مزاحمت ڪون ڪندو هو. پوءِ هن جي شلوار لاهي ڌوئي صاف ڪري کيس پارائي ڇڏيندا هئا. طالب جا کوڙ طالب هئا، انهن کي يقين هو ته طالب خدا جو سچو ٻانهو آهي، خدا مٿس خاص مهر ڪئي آهي. طالب جڏهن به ڪنهن ڏاڙهي واري يا مُلي مولوي کي ڏسندو هو ته ڪروڌ مان رڙ ڪري چوندو هو ”تنهنجي الله جي ته......“ ماڻهو طالب واتان گار ٻڌي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءَ مُرڪي اڳتي وڌي ويندا هئا. هنن جو عقيدو هو ته اها طالب جي خدا سان حجت آهي، اهڙي حجت عام ماڻهو ڪٿي ٿي ڪري سگهيو.

ڪجهه مهينن بعد ڏٺم ته طالب کي ڳچيءَ ۽ پيرن ۾ ڍورن وارا چَڙا ٻَڌا پيا آهن. اهي چَڙا ڪنهن عقيدتمند سندس باس پوري ٿيڻ تي طالب کي پارايا هئا. هاڻي طالب جتان به گذرندو هو ته اڳ ئي خبر پئجي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪير کيس سگريٽ دکائي ڏيندو هو ته طالب ان کي مُٺ ۾ جهلي رکندو هو، پر ڪڏهن به سگريٽ مان سوٽو ڪون هڻندو هو. جڏهن سگريٽ سندس هٿ ساڙڻ لڳندو هو ته کڻي ڦٽي ڪري ڇڏيندو هو. طالب کي ڪنهن به شيءِ جي طلب ڪان هئي. هُو ڪڏهن به ڪنهن کان گهرندو ڪون هو. ماڻهو سندس معتقد ٿي ويا هئا، جتي به هوندو هو ته مانيءَ جي ٽائيم کيس ماني مهيا ڪري ڏيندا هئا. هو اڪثر اها ماني کائي وٺندو هو، پر ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته هُو ماني ۽ ڀاڄي هاري ٿانوَ سنڀالي کڻي ڀرسان رکندو هو. هُو جڏهن به رستي ويندي ٿاٻو کائيندو هو يا سندس اندر ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه محسوس ڪندو هو ته، ٻن آڱرين جو ڀونڊو ٺاهي آسمان کي ڏئي ڇڏيندو هو.

مون جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ته ٻن هفتن تائين يونيورسٽي هاسٽل ۾ رهندو هوس ۽ هڪ ٻن ڏينهن لاءِ واپس گهر موٽي ايندو هوس. ان وچ ۾ مون کي طالب ڪڏهن به نظر ڪون آيو ۽ نه ئي ڪنهن سنگتي ساٿيءَ سان هن جو ذڪر نڪتو. مون کان ڄڻ ته طالب وسري چڪو هو. هڪ ڀيري يونيورسٽي مان کيسانه موري شاخ تي وهنجڻ لاءِ وياسين. آگسٽ جو مهينو هجڻ ڪري ڪافي گرمي هئي. گهڻي دير تائين شاخ ۾ تڙڳڻ بعد ڀرسان موجود هڪ هوٽل تي اچي ٿاڌل پيئڻ لاءِ ويٺاسين. ڪنهن سنگتي جي نظر وڃي هڪ سائن بورڊ تي پئي ته پڙهڻ لڳو ”درويش سائين، سڀ جو سائين، پنهنجو مستقبل سنوارڻ لاءِ درويش سائين جي آستاني تي اچو“ سنگت کي رونشو لڳو، فيصلو ٿيو ته درويش سائين سان ضرور ملڻ گهرجي. آخر اسان کي به پنهنجي مستقبل کي سنوارڻو آهي. ٿاڌل پي وڃي درويش سائينءَ جي آستاني تي نڪتاسين. جاءِ جي ٻاهران ”هدايت نامو“ لکيل هو. انهن هدايتن ۾ ”درويش سائين سان ڪير به نه ڳالهائي ۽ نه ئي کيس هٿ لائي. جيڪڏهن درويش سائين وجد ۾ ايندو ته توهان جو مستقبل ئي اونداهو ٿي ويندو. نذرانو رکيل پيتيءَ ۾ وجهو. خواهش لکت ۾ خليفي جي حوالي ڪريو. درويش سائينءَ اڳيان بلڪل خاموش رهڻو آهي وغيره“.

جڏهن اندر داخل ٿياسين ته اتي موجود مَردن ۽ عورتن جي رش ڏسي اسان وائڙا ٿي هڪٻئي ڏانهن تڪيندا رهجي وياسين. ورانڊي ۾ بينچون پيل هيون جتي حاجتمند درويش سائينءَ جي ديدار لاءِ بي چين هئا. هنن پنج پنج ماڻهن کي درويش سائين وٽ ٿي موڪليو. صرف پنج منٽ اندر ترسائي وري کين ٻاهر ٿي ڪڍيائون. جڏهن اسان جو وارو آيو ته اندر داخل ٿياسين. درويش سائين جي مٿي جا وار تمام وڏا هئا، لڳو ٿي سالن کان نه انهن کي ڪَٽيو ويو آهي ۽ نه ئي ڌوتو ويو آهي. ڏاڙهي به تمام وڏي ۽ کنڊريل هئي، مُڇن ته سندس وات جي وجود کي ئي لڪائي ڇڏيو هو. کيس غور سان ڏٺم ته حيران رهجي ويس، اڙي هي ته منهنجي شهر وارو ساڳيو طالب هو. هتي ڪيئن آيو ۽ هي ڪهڙي طرح اهڙو ڍونگ ڪري ٿي سگهيو. تڏهن منهنجي حيرت جي انتها ٿي، جڏهن ڏٺم ته طالب کي چيلهه وٽان زنجير ٻَڌل هئي. طالب هڪ هڪ ڪري سمورن کي ڏسندو ويو، جڏهن مون تي نظر پيس ته چيائين ”حسينه سان گهڻا چَڪر سُتين؟“.