20 Aug 2000

ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو ـ ڪھاڻيون ـ ظفر



حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو: ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو
موضوع: ڪھاڻيون
ليکڪ: ظفر
ٻيو ڇاپو: فيبروري 2022ع
ڪمپوزنگ: مھراڻ سنڌي
ڇپائيندڙ: موکي پبليڪيشن مورو

انتساب

پنھنجي پيءُ منظور حسين لغاري جي نالي

آجلڻ جنھن تي پتنگن جي نجات!
ڪوئي عيسيٰ، ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات
(شيخ اياز)

ڪھاڻي، مايوسي ۽ اُتساھ ـ ظفر
ظفر ۽ ظفر جون ڪھاڻيون ـ پروفيسر عذرا مغل

  • جَرَ ۾ سَپون جيئن
  • ھوا، مٽي ۽ ڪاڳر
  • اَجھاڻل ڏسا
  • نِينھن جو پولار
  • سترھن ڏينھن جي بھار
  • ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو
  • ڇايو ڪجھ ڌنڌ
  • سَروائيڊ اينيمل آف دي سائيڪلون
  • ويراڳ
  • کُلي ڀلي نہ دروازو
  • ڪُن ۾
  • واٽ اواٽ
  • سي سيارا وھامي ويا
  • ھڪ مُھذب انٽرويو
  • ساڳيا رستا ساڳيا ماڻھو
  • ڏاند ۽ مان
  • نئون قيدي
  • واريءَ تي وسڪار
  • جذبن کان خالي وجود

14 Apr 2000

ڪھاڻي، مايوسي ۽ اُتساھ ـ ظفر

افلاطوني نظريو ھو تہ فنڪار يا شاعر تي سندس فن يا ڪلام آسمان مان نازل ٿيندو آھي. ان جي ابتڙ مقصديت وارو نظريو بہ قديم زماني کان ھلندو اچي. اسٽالن جي ٿيوري آف سوشلسٽ ريئلزم بہ ان جي ھڪ ڪڙي چئي سگھجي ٿي تہ پوءِ ادبي وابستگي يا ڪمينٽمينٽ ڇا آھي؟ چون ٿا افلاطوني نظريي تحت فنڪار تہ ٿيو بيوس. آخر آسمان مان نازل ٿيندڙ شئي ڏانھن جوابدہ ھئڻ جو ڪھڙو سوال آھي؟ ڀلا سڌو سئنون سماج سڌارڻ ۽ عمل جي راھ ڏسڻ لاءِ فنڪار ڪوششون وٺي؟ پر اھو ڪم تہ سياستدان جو آحي جو جھنڊي ۽ نعري جي مدد سان ڪندو ـ
ايف اينگلز مطابق تہ ”ليکڪ جو مقصد جيترو لڪل ھوندو اھو فني تخليق جي حق ۾ بھتر ٿيندو“. ٻي طر جيمس ٽي فيرل لکي ٿو ”ادب مربوط خيالن جي اظھار جو پابند ڪونھي ان ڪري زندگي جيئن آھي تيئن پيش ڪجي“. ھڪڙن مطابق تہ انسان جي آسپاس ٿيندڙ ھرڪا واردات کيس مشيني انداز ۾ عمل ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ ٻيا چون ٿا انساني دماغ جون صلاحيتون گونا گون آھن تنھن ڪري خارجي ماحول جو اثر مختلف انداز ۾ ٿيندو ـ
جڏھن سوال رڳو ايترو آھي تہ ادب انسان کي مياسي جي ڌٻڻ ۾ نہ ڦسائي ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اُتساھي تہ پوءِ ماڻھن جي نفسيات بہ ھڪ ڪري نہ آھي، ڪنھن واقعي جو ردعمل بہ ساڳيو ناھي ۽ مزي جي ڳالھ تہ ساڳي ادبي تخليق مان ھڪڙن کي مياسي پلئہ پئي ٿي تہ ٻين کي اتساھ ! ڪنھن ڪردار جي تنھا رھڻ ۾ ھڪڙن کي مياسو ٿي نظر اچي تہ ٻين کي تنھائي انقلابي حڪمت عملي ڏانھن پيش قدمي ٿي نظر اچي  ـ
منھنجي ڪھاڻين جا ڪردار موجودہ حالتن کان مايوس نہ آھن جي آھن بہ تہ ڪنھن کي مايوسي ڪونہ ٿا آڇين. انھن جي جيئڻ لاءِ ڪي مضبوط جواز نہ بہ آھن تنھن ھوندي بہ ھو جبلي طور جيئن ٿا. ھتي اھو مطلب ھرگز نہ وٺڻ گھرجي تہ انھن وٽ جذبا نہ آھن بس ھو انھن جي اظھار ڪرڻ لاءِ گھڻا سرگرم ناھن. مون ڪنھن سوچيل سمجھيل نظريي تحت اھي ڪھاڻيون ڪون لکيون آھن پر مون ڪجھ سچايون آھن جيڪي اوھان کي آڇيان ٿو ـ


ظفر
ـ 15 اپريل 2000ع
اپالو چلڊرين اسڪول
گچيرو روڊ مورو